728x90 AdSpace

Latest News

Ads 468x60px

03 September, 2013

ضياء القرآن

قرآن مجيد جو ترجمو ۽ تفسير
                                               
وَلا تَجْعَلُوا اللَّهَ عُرْضَةً لأيْمَانِكُمْ أَنْ تَبَرُّوا وَتَتَّقُوا وَتُصْلِحُوا بَيْنَ النَّاسِ وَاللَّهُ سَمِيعٌ عَلِيمٌ (٢٢٤)لا يُؤَاخِذُكُمُ اللَّهُ بِاللَّغْوِ فِي أَيْمَانِكُمْ وَلَكِنْ يُؤَاخِذُكُمْ بِمَا كَسَبَتْ قُلُوبُكُمْ وَاللَّهُ غَفُورٌ حَلِيمٌ (٢٢٥)لِلَّذِينَ يُؤْلُونَ مِنْ نِسَائِهِمْ تَرَبُّصُ أَرْبَعَةِ أَشْهُرٍ فَإِنْ فَاءُوا فَإِنَّ اللَّهَ غَفُورٌ رَحِيمٌ (٢٢٦)وَإِنْ عَزَمُوا الطَّلاقَ فَإِنَّ اللَّهَ سَمِيعٌ عَلِيمٌ (٢٢٧)وَالْمُطَلَّقَاتُ يَتَرَبَّصْنَ بِأَنْفُسِهِنَّ ثَلاثَةَ قُرُوءٍ وَلا يَحِلُّ لَهُنَّ أَنْ يَكْتُمْنَ مَا خَلَقَ اللَّهُ فِي أَرْحَامِهِنَّ إِنْ كُنَّ يُؤْمِنَّ بِاللَّهِ وَالْيَوْمِ الآخِرِ وَبُعُولَتُهُنَّ أَحَقُّ بِرَدِّهِنَّ فِي ذَلِكَ إِنْ أَرَادُوا إِصْلاحًا وَلَهُنَّ مِثْلُ الَّذِي عَلَيْهِنَّ بِالْمَعْرُوفِ وَلِلرِّجَالِ عَلَيْهِنَّ دَرَجَةٌ وَاللَّهُ عَزِيزٌ حَكِيمٌ (٢٢٨) سورة البقرة آيات
 
ترجمو: ۽ نه بنايو الله (جي نالي) کي رڪاوٽ 289 ان جو قسم کڻي ته نيڪي نه ڪندَو۽ پرهيزگاري نه ڪندَو۽ ٺاهه نه ڪرائيندَوماڻهن ۾، ۽ الله تعالى بهتر ٻڌڻ ۽ ڄاڻڻ وارو آهي(آيت224) نه پڪڙيندو توهان کي الله تعالى توهان جي اجاين قسمن تي 290 پر پڪڙيندو توهان کي انهن قسمن تي جن جو ارادو توهان جي دلين ڪيو آهي ۽ الله گهڻو بخشيندڙ حلم وارو آهي (آيت225) انهن لاءِ جيڪي قسم کڻن ٿا ته اهي 291 پنهنجين گهروارين جي ويجهو نه ويندا مهلت آهي چئن مهينن جي، پوءِ جيڪڏهن رجوع ڪن (اِن مُدت ۾) ته بيشڪ الله بخشيندڙ رحم وارو آهي(آيت226) ۽ جيڪڏهن پڪو ارادو ڪن طلاق ڏيڻ جو ته بيشڪ الله تعالى سڀ ڪجهه ٻڌڻ ۽ ڄاڻڻ وارو آهي (آيت227)۽ طلاق ڏنل عورتون روڪي رکن پنهنجي پاڻ کي ٽن حيضن تائين292 ۽ جائز ناهي انهن لاءِ ته لِڪائين293 جيڪي پيدا ڪيو آهي الله انهن جي پيٽن ۾ جيڪڏهن اهي ايمان رکنديون هجن الله تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي ۽ انهن جا مڙسَ وڌيڪ حقدار آهن انهن کي موٽائڻ جا ان مدت ۾ جيڪڏهن اُهي ارادو ڪن ٺاهه جو294  ۽ انهن جا به حق آهن (مڙس تي) جيئن مڙسن جا حق آهن انهن تي قانون مطابق پر مڙسن کي عورتن تي فضيلت آهي ۽ الله تعالى عزت وارو حڪمت وارو آهي.(آيت228)
تفسير: 289 عُرضة اي حاجز (بيضاوي) يعني رڪاوٽ. ڪجهه بي وقوف قسم کڻندا هئا ته اهي ماءُ پيءُ سان نه ڳالهائيندا. يا پنهنجي ڀاءُ وغيره سان تعلق ٽوڙي ڇڏيندا ۽ ڪوڙي شاهدي ضرور ڏيندا ۽ پوءِ پنهنجن قسمن جي سبب پنهنجي پاڻ کي نيڪي نه ڪرڻ جا پابند سمجهندا هئا (اڄ ڪلهه به هي عام رواج آهي) هن آيت ۾ ٻڌايو ويو ته نيڪي نه ڪرڻ تي الله جي نالي جا قسم نه کڻو حضور عليه الصلوٰة والسلام جو ارشاد مبارڪ آهي اذا حلفتَ علی يمين فرايتَ غيرَها خيرا منها فاتِ الّذي هو خير و کفر عن يمينک. يعني جيڪڏهن توهان ڪنهن ڪم جو قسم کڻو ۽ پوءِ ان کان ٻيو ڪم سٺو سمجهه ۾ اچي ته اهو نيڪ ڪم ڪري وٺو ۽ قسم جو ڪفارو ادا ڪريو. يعني الله تعالى جو پاڪ نالو نيڪ ڪم نه ڪرڻ جو ذريعو نه بڻايو. قسم ٽوڙڻ جو ڪفارو هي آهي ته ڏهن مسڪينن کي کاڌو کارائڻ يا ڪپڙا ڏيڻ يا ٽي روزا رکڻ.
290. يعني جيڪڏهن ارادي ۽ نيت کانسواءِ قسم جا الفاظ زبان تي اچڻ جي عادت ٿي وئي آهي ته ان ۾ ڪو به حرج ناهي .
291. ڪجهه ماڻهو پنهنجن زالن کي تنگ ڪرڻ لاءِ قسم کڻندا هئا ته انهن سان هم بستري نه ڪنداسين.
اهڙي طرح عورت نڪاح ۾ به رهندي هئي ۽ هم بستري جي حق کان به محروم رهندي هئي. قرآن انهي ظلم جو به خاتمو ڪري ڇڏيو ۽ فرمايو ته جيڪڏهن چئن مهينن جي اندر توهان پنهنجو هي قسم ٽوڙيو ته عورت توهان جي نڪاح ۾ رهندي توهان کي صرف ڪفارو ادا ڪرڻو پوندو ۽ جيڪڏهن توهان چئن مهينن جي گذرڻ تي به پنهنجو قسم نه ٽوڙيو ته نڪاح ٽٽي ويندو. ۽ عورت کي حق حاصل ٿي ويندو ته هو ڪنهن ٻئي شخص سان نڪاح ڪري وٺي ائين نه ٿو ٿي سگهي ته توهان عورت کي پنهنجي نڪاح ۾ به ٻڌل رکو ۽ عورتاڻا حق به ادا نه ڪريو. هائو جيڪڏهن پنهنجي خوشيءَ سان وري ان مڙس سان نڪاح ڪرڻ گهري ته ڪري سگهي ٿي.
292. جيڪڏهن مڙس پنهنجي زال کي طلاق ڏئي ته زال کي اها اجازت ناهي ته اتان اٿي ۽ جهٽ ٻئي شخص سان شادي رچائي. جهڙي طرح يهودين ۾ رواج هيو. بلڪه ان کي حڪم آهي ته ٽن حيضن گذرڻ جي مدت تائين صبر ڪري، ان کانپوءِ ان کي نڪاح ڪرڻ جي اجازت آهي انهيءَ انتظار جي عرصي کي شريعت ۾ عدت چوندا آهن ان ۾ وڏيون مصلحتون آهن، انهيءَ مدت ۾ مڙس چاهي ته رجوع (واپس) ڪري سگهي ٿو (شرط اهو آهي ته ٽيون ڀيرو طلاق نه ڏني هجيس) اهڙي طرح ان عرصي ۾ جيڪڏهن عورت پيٽ سان آهي ته به خبر پئجي ويندي ۽ اها شيء مڙس کي رجوع (واپس) ڪرڻ تي آماده ڪري سگهي ٿي. ان کان وڌيڪ شريعت کي ان پيدا ٿيڻ واري ٻارجي حقن جو به خيال آهي ته ان جو نسب مشڪوڪ ۽ گڏ وچڙ نه ٿي وڃي، ان کانسواءِ طلاق جي اهميت ڏانهن به اشارو آهي ته طلاق ڪو معمولي واقعو نه آهي جنهن جو ڪو به اثر نه ٿيندو هجي ته هڪ دردناڪ حادثو آهي.
 عدت جي هيءَ مدت ان عورت لاءِ آهي جنهن سان مڙس ملندڙ هجي ۽ پوڙهائپ سبب ان جو حيض بند نه ٿيو هجي ٻئي قسم جي عورتن جي عدت جو بيان ٻين آيتن ۾ آيل آهي.
293. عورت لاءِ ضروري آهي ته هو پنهنجي اندروني حالت صحيح ٻڌائي ته ڇا هوءَ پيٽ سان آهي يا نه! ته جيئن عدت جا فائدا حاصل ٿي سگهن.
294. انهن جا مڙس جيڪڏهن ٺاهه ڪن ۽ گھر آباد ڪرڻ جي نيت سان ٻيو ڀيرو انهن کي پنهنجي گهر ۾ رهائين ته اهو تمام بهتر آهي شرط اهو آهي ته انهن ٽيون ڀيرو طلاق نه ڏني هجي.
سنڌيڪار: الفقيرابوالرضا محمد عبدالوهاب چانڊيوسڪندري
  • Blogger Comments
  • Facebook Comments

0 comments:

Post a Comment

Item Reviewed: ضياء القرآن Description: Rating: 5 Reviewed By: سکندری
Scroll to Top