728x90 AdSpace

Latest News

Ads 468x60px

19 August, 2013

امام الاولياء حضرت پيرسائين روضي ڌڻي﷦ جون ڪرامتون

حافظ محمد عيسيٰ سڪندري



درگاه عاليه قادريه پيرجوڳوٺ جي باني امام الاولياء حضرت پير سيد محمد راشد روضي ڌڻي رضي الله عنه جو شمار الله تعالي جي انهن ڪامل اڪمل  ولين ۾ ٿئي ٿو جن جي آمد جو زماني کي انتظار هوندو آهي جن جي ولادت کان پهريان سندن ذڪر انسانن جي زبانن تي جاري ٿي ويندو آهي جن جي ولادت کان پهريان الله تعالي جا نيڪ ٻانها پيشگوئيون ڪندا آهن ۽ دنيا وارن کي خوشخبريون ٻڌائيندا آهن ته ههڙي شان ۽ مان وارو ولي پيدا ٿيڻ وارو آهي جئين اُن جي ولادت کان پوءِ دنيا وارا سڃاڻڻ ۾ غلطي نه ڪن ۽ سندس خدمت ۾ حاضر ٿي فيضياب ٿين ، ڪجھ بزرگن جون پيشنگوئيون قلمبند ڪجن ٿيون.


 حضرت پيرسائين سيد محمد بقاء شاه شهيد رحمت الله عليه شروع ۾ مرشد سيد عبدالقادر گيلاني آخرين رحمت الله عليه جن شادي نه ڪرڻ جو سبب پڇيو عرض ڪيائين قبلا اولاد بدنامي ۽ نيڪ نامي جو باعث ٿيندي آهي تنهن تي کيس سندن مرشد فرمايو ته توهان شادي ڪريو ڇو ته شادي سنت رسول آهي “ انشاء الله تعالي توهان جي اولاد مان ڀلي کان ڀلا بزرگ پيدا ٿيندا ۽ ڪيترائي غوث قطب پيدا ٿيندا ” کيس نصيحت ڪندي اهو به فرمايائون ته شادي ڪرڻ کان پوءِ مخدوم محمد اسماعيل رحمت الله عليه کان نيڪ اولاد جي دعا طلبي لاءِ ضرور وڃجو.

حضرت سيد محمد بقا شاه رحمت الله عليه جن پنهنجي مرشد جي حڪم موجب سيال کان واپسي بعد پنهنجي خاندان مان شادي ڪيائون شادي ڪرڻ کان پوءِ نقشبندي ۽ طريقي جي مرشد حضرت مخدوم محمد اسماعيل رحمت الله عليه جن جي خدمت ۾ دعا طلبي لاءِ حاضر ٿيا حضرت مخدوم صاحب جن دعا فرمائي ۽ اهو پڻ فرمايائون ته  “توهان جي پٺيءَ مان هڪ اهڙو قطب پيدا ٿيندو جنهن جي فيض  کان دنيا جو تمام گهڻو حصو فيضياب ٿيندو” حضرت مخدوم صاحب بصيرت بزرگ هئا حضرت پيرسيد محمد راشد روضي ڌڻي جي پيدائش کان اڳ ۾ اهڙي خوشخبري سندن والد گرامي حضرت سيد محمد بقا شاه شهيد جن کي ٻڌائي ڇڏي هيائون

ملفوظات شريف حضرت پير سائين روضي ڌڻي رضي الله عنه ۾ مذڪور آهي ته محمد نظاماڻي جيڪو حضرت مخدوم محمد زمان لنواري واري جي مريدن مان هو تنهن خليفي محمود نظاماڻي رحمت الله عليه جن سان ڳالهه ڪئي ته منهنجي پيءُ ٻاجھيءَ چيو ته هيڪر مون خواب ۾ ڏٺوته هڪڙو سادات اتر طرف کان پيدا ٿيو آهي جيڪو مخلوق کي ارشاد پيو ڪري ۽ سارو جھان ان جي فيض کان بهرياب پيو ٿئي تڏهن اڃان اهو هدايت جو سج (يعني حضرت روضي ڌڻي رضي الله عنه ڪو نه اڀريو هو ٻاجھي فقير پنهجو مٿيون خواب سڀني پٽن ۽ مٽن کي ٻڌائي سمجھايائين ته جڏهن اهو معرفت ۽ حقيقت جو سج اڀري ته اوهين سڀ ذرڙن وانگران جي نوراني شعاع مان بهرياب ٿجو ۽ آءٌ جيڪڏهن هن فاني جھان مان رحلت ڪري وڃان ته هزارين سلام هن نا تمام طرفان انهي محي الدين والا سلام جي حضور ۾ پهچائجو.

حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه هڪ دفعو سير سياحت ڪندي چند فقيرن سان گڏ جڏهن شيخ طيب هنڌان لانگهائو ٿيو تڏهن حضرت پير سائين سيد محمد بقا شاه رحمت الله عليه سان سندس ان هنڌ ملاقات ٿي جيڪو ان وقت جھنگ ۾ ڳئون چاري رهيو تڏهن حضرت پيرسائين سيد محمد بقا شاه صاحب جن ڀٽ ڌڻي بادشاه سان چند فقير گڏ ڏسي خوش طبعي ڪندي فرمايس ته اي شاه صاحب ! ڇو مخلوق خداوندي کي روليو اٿئي جو هي فقير پنهنجي پويان لايو ٿو وتين تنهن تي حضرت ڀٽ ڌڻي وراڻيو ته “ اي ميان محمد بقا شاه صاحب منهنجي پويان ته هي ٻه ٽي فقير آهن باقي تنهنجي اولاد مان هڪ اهڙو قطب ۽ برگزيده ولي الله پيدا ٿيندو جيڪو لکين انسانن کي پنهنجي پويان لائيندو ” اها پيشنگوئي گلزار قادري ڪتاب واري لکي آهي ڪجھ فرق سان اها ساڳي پيشنگوئي مير عبدالحسين خان سانگي لطائف لطيفي ڪتاب ۾ پڻ بيان ڪئي آهي.

خليفي محمود رحمت الله عليه سراج العاشقين ۾ فرمايو آهي ته ميان عبدالله ولد ميان پير محمد ڳاهو ڳالهه ڪندو هيو ته اسان جا وڏا جيڪي اهل علم هئا ۽ حضرت شاه عبداللطيف رحمت الله عليه جن جا مريد هئا (انهن مان ميان صلاح الدين جيڪو مثنوي خوان جي لقب سان مشهور هو ۽ اهو شاه صاحب جي سامهون مثنوي پڙهندوهو) ميان عبدالله چيو ته منهنجي والد کان ڪنهن شخص پڇيو ته سائين هئ ڪافي جنهن ۾ اتر پار کان لفظ آيل آهن جو اهو مينهن روضي پاڪ رسول تي وسي ٿو جڏهن ته پاڻ سڳورن ﷺ جن جو روضو مبارڪ هن ملڪ کان الهندي طرف آهي پوءِ ان ڪافيءَ جو مطلب ۽ مراد ڇا آهي؟ تنهن تي ميان پيرمحمد رحمت الله عليه چيو ته شاهه سائين جن جو اهو اشارو پير سائين روضي ڌڻي رحمت الله عليه ڏانهن آهي جنهن جو فيض وڏڦڙي مينهن وانگر وسيو پئي ۽ ڪيترائي مشرڪ ان جي هٿ تي اسلام کان مشرف ٿيا هئا ۽ سندن فيض ۽ علم اڃان تائين سندن اولاد ۽ خليفن وسيلي هلندو اچي پيو .

          حضرت پير سائين روضي ڌڻي رضي الله عنه جن جي روحاني، ديني، سماجي، ادبي ۽ علمي خدمتن تي تمام گهڻو لکيو ويو آهي ۽ لکجي رهيو آهي سندن ڪرامات کي ڪماحقه نه بيان ڪيو ويو آهي ۽ نه لکيو ويو آهي سندن بيشمار ڪرامتن مان چند ڪرامتون چونڊي قارئين ڪرام جي نظر ڪجن ٿيون جيئن جماعت سڳوري سان گڏ وگڏ سنڌ واسين جي علم ۾ اضافو ٿئي ۽ ٻه سئو ساله عرس تقريبات جي موقعي تي ان اهم باب جي نقاب ڪشائي ٿئي.ڪجھ ڪرامتون قلمبند ڪجن ٿيون.

ڪرامتون

          طيب فقير راهو کرڙو نقل ڪري ٿو ته هيڪر پاڻ جمعي نماز کان پوءِ ڪرسيءَ تي بيهي وعظ فرمايائون جنهن ۾ ذڪر لااله الاالله جي ڀلائي ۽ صلٰوۃ شريف جي فضيلت بابت بيان هو پوءِ جڏهن پاڻ وعظ کان فارغ ٿي ڪرسيءَ کان لٿا تڏهن فرمايائون ته اي يارو! ٻڌو ته الله تبارڪ و تعالٰي اسان سان وعدو ڪيو آهي ۽ اسين اوهان سان واعدو ڪريون ٿا ته جيڪو شخص هميشه ذڪر جي تلاوت ڪندو رهندو ته سڪرات مهل توڙي قبر قيامت ۾ ان جي ايمان ۽ بخشش جا ضامن اسين آهيون اتي حاجي فقير نالي هڪڙي پوڙهي شخص کي دل ۾ وهم آيو ته سائين جن جا مريد ته لکين آهن پوءِ هر هڪ کي ويجھي يا پري پهچڻ سندن ڪئين ٿي سگهندو؟ سندس وهم اچڻ شرط فرمايائون ته اي ادا پوڙها! جو ڀت سان ٽيڪ ڏيون ويٽو آهين تون مري ڏس ته آءُ توکي پهچان ٿو يا نه؟

رمضان فقير سهتو نقل ڪري ٿو ته هيڪر پاڻ سفر ڪندي ڳوٺ سيد پور ۾ لٿل هئا اتي هڪڙو ڪوهستاني فقير آيو ۽پري ٿي ويهي رهيو سندس دل ۾ خيال گذريو ته ڏسان ته ڇا حال آهي کوهه ۾ پاڻي آهي يا ڪونهي پاڻ سندس دل جو خيال معلوم ڪري فرمايائونس ته اي فقير! بدگمان نه ٿجي ته هن کوهه ۾ پاڻي آهي الائي ڪونهي پهريان پنهنجو دلو ويساهه جي رسي سان ٻڌي کوهه ۾ وجي ڏسجي پوءِ جيڪڏهن پاڻيءَ سان ڀرجي اچي ته منهن نه موڙجي ۽ جيڪڏهن خالي نڪري اچي ته پوءِ جيڪي چؤ سو ٺهي.

          خليفو ميان اميد علي نقل ڪري ٿو ته هڪ دفعي درگاهه مبارڪ تي حضرت پيرسائين قدس سره جن جي خدمت ۾ ويٺو هيس ته هڪ معذور شخص شهر دهلي کان آيو جنهن حاضر ٿي اچي تلقين حاصل ڪئي ان جي هٿ ۾ هزار داڻن واري تسبيح هئي جنهن کي ڏسي فقير کليا ٿي مگر عجب جوش هو معرفت جي درياهه ۾ جو هڪ ئي ڇولي سان ان سڪل زمين کي سرسبز ڪري صبح جو خلافت جو تاج سندس مٿي تي رکي کيس واپس وطن وڃڻ جي اجازت ڏنائون.

          خليفو سارنگ فقير ڪلهوڙو نقل ڪري ٿو ته هڪ دفعي درگاهه مبارڪ تي حضرت پيرسائين قدس سره جن ڪنهن مريض جي طبع پرسي لاءِ سندس گهر ٿي ويا اتفاق سان گهر جي گهٽيءَ کان ڪو هندواچي لنگهيو جنهن تي پاڻ ڪريمن جي نظرڪرم پئجي وئي هندوجڏهن پيرسائين جن کي ڏٺو ته اهو ڏسڻ شرط بي اختيار ٿي اچي سندن قدمن تي ڪريو ۽ ڪلمو شريف پڙهڻ لڳو پاڻ فرمايائونس ته اسان زور ڪو نه ٿا ڪريون وڌيڪ تنهنجي مرضي؟ مگر اهو نظر فيض اثر جو شڪار ٿي چڪو هو سو بنا دير مسلمان ٿي ويو.سيد موليڏنو شاهه ٽنڊي باقر نظاماڻي جو نقل ڪري ٿو ته هڪ دفعي حضرت پيرسائين قدس سره جن ديهه ڪنگري ۾ لٿل هئا ، اتي جو هڪ موالي زيارت لاءِ حاضر ٿيو فقيرن ان کي چيو ته ادا سڄي عمر بدعت ۾گذاري اٿئي ان مان ڪو فائدو به ڪونه ٿيو اٿئي هاڻي جڏهن ته زماني جو مرشد برحق هتي لٿل آهي جيڪڏهن ذڪر جي تلقين وٽين ته جيڪر ڏاڍو ڀلو ٿي پوئي ، موالي کي اها ڳالهه دل سان لڳي ۽ ذڪر جي تلقين وٺي طريقه عاليه قادريه ۾ داخل ٿيو اٺن ڏينهن کان پوءِ موالي جي پاڙيوارسن اچي سندس وفات جي خبر ٻڌائي ۽ پڻ اها شاهدي ڏنائون ته سڪرات ۾ به سندس زبان ذڪر ۾ مشغول هئي وفات کان پوءِ سندس دل به هلندي رهي . اتي جي سمورن ماڻهن پاڻ ڪريمن جو اهو ڪمال تصرف اکين سان ڏٺو. عبدالله فقير واڍو ٺٽي جو رهندڙ نقل ڪري ٿو ته هڪ دفعي حضرت پيرسائين قدس سره جن ڳوٽ چڪ ۾ شڪارپور لڳ تشريف فرما ٿيا هئا، عشاء نماز کان پوءِ هڪ هندو عورت مسلمان ٿيڻ آئي ميان قابل شاهه کيس شهادت جو ڪلمو پڙهائي مسلمان ڪيو عورت جي پٽيان سندس مڙس وٺڻ آيو ميان قابل شاهه چيس ته مسلمان ٿيڻ جي شرط تي ئي توکي زال ملي سگهندي هندو ڪاوڙجي هليو ويو ۽ مائي چيو ته انهي کي مسلمان ٿيڻ لاءِ چئوئي نه (ڇو ته دل سان اسلام قبول نه ڪندو) ايتري ۾ پير سائين جن رفع حاجت کان فارغ ٿي آيا هندو وري حضور ۾ فريادي ٿي آيو پاڻ کيس جواب ڏيڻ جي بجاءِ اهڙي ته نظر فرمايائون جو هندو بي اختيار ٿي ڪلمو شريف پڙهي مسلمان ٿيو.

          سيد مرتضٰي شاهه نقل ڪري ٿو ته هڪ دفعي ڪڇ جي سفر ۾ حضرت پير سائين قدس سره جن ديهه نريو ۾ رونق ٿيا، اتي برسات نه وسڻ سبب ماڻهون سخت پريشان هئا ۽ اتي جي رهاڪن ۽ آس پاس وارن حضور ۾ نهايت عجزي سان بارش لاءِ دعا جي درخواست ڪئي پاڻ شفقت فرمائي دعا گهريائون سندن دعا جي برڪت سان بروقت زوردار برسات پئي.

          حيدر فقير نظاماڻي نقل ڪري ٿو ته هڪ دفعي الرابند (پريان لوءِ شريف کان الهندي ديهه آهي) کي درياهه اچي پائڻ لڳو اتان جي زميندارن مون کان صلاح پڇي آءٌ انهن ڏينهن ۾مير غلام حيدر جو ڪمدار هيس مون کين چيو ته اها حقيقت حضرت پير سائين قدس سره جن کي پيش ڪيو ان کان سواءِ بي ڪابه واهه ڪانه آهي پوءِ اهي سائين ڪريمن جي حضور ۾ آيا ۽ عرض ڪيائون ته حضرتا! خدا واسطي اسان سان گڏ جي درياء جي ڪناري تائين هلو پاڻ سندن عرض قبول فرمائي درياءَ جي ڪناري تي آيا جتان زمين کي درياءُ پائي رهيو هو پاڻ درياءَ جي چيريل زمين جي ٽڪري تي ٻه رڪعتون نفل پڙهي دعا گهريائون پوءِ ان ڏينهن ئي درياءُ اها زمين ڇڏي ست ڪوهه پري ٻي طرف وڃي وهڻ لڳو جيڪو اڄ تائين وري ان جاءِ تي واپس نه آيو ۽ پاتل زمين اڃا تائين ساڳي حال ۾ پئي آهي.

          هڪ دفعي (پراڻي) درگاهه مبارڪ کي درياءُ اچي پنج سئو 500 وکن کان به ويجھو پهتو حضرت پيرسائين قدس سره جن درياءُ جي ڪناري تي اچي ٻه رڪعتون نفل پڙهيائون ته ان ئي ڏينهن درياء منهن ڦيرائي پنج ڇهه ڪوهه پري ٻي طرف وڃي وهڻ لڳو.

          هڪ ڏينهن حضرت پيرسائين قدس سره جن بودي فقير ٽالپر سان ڳالهه ڪئي ته اسان جو هڪ مريد تڳيو نالي سنياري جو رهندڙ هو اتان جي سيدن سڳورن جي ساڻس دُشمني هئي ۽ مٿس اجايا اعتراض ڪندا رهندا هئا، جڏهن اهو فقير وفات ڪري ويو تڏهن انهن سيدن مان هڪ سيد صاحب ان جي جنازي سان گڏ قبرستان ۾ ويو جڏهن ڪانڌين ان کي قبر ۾ لاهي لحد (سامي) سرن سان بند ڪري پيرن طرف ڇڏيل دري مان ڪفن جي مٿان رکيل ڪپڙوڪڍيائون ڏسن ته اهو فقير لحد ۾ سيراندي طرف اٿيو ويٺو آهي ۽ انهن ڏانهن نهاري رهيو آهي اهو واقعو ان سيد صاحب به ڏٺو جنهن اچي پنهنجي عزيزن کي ٻڌايو اها خبر ٻڌي اهي سڀئي سيد سڳورا دشمني ڇڏي اچي مريد ٿيا.

          حضرت پيرسائين قدس سره جن قلات جي سفر کان موٽ تي ديهه شادي ( گندا واهه جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ) ۾ لٿا هئا اتان جا ماڻهون ٽي سال مينهن نه وسڻ ڪري سخت پريشان هئا ۽ بکن ۾ وقت ٿي گذاريائون حضرت پيرسائين قدس سره جن کي ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا پوءِ فقيرن لاءِ حال آهر طعام آندائون ۽ گهوڙن لاءِ گاهه، داڻو به کڻي آيا اچي پاڻ ڪريمن کي عرض ڪيائون ته حضرتا! اسان توهان جي آمد مبارڪ جا مشتاق هئاسون هاڻي اهڙو توجھ فرمايو جو تنگي ختم ٿئي ۽ سڪرسڻائي ٿئي. پاڻ سڳورن رحم فرمائي دربارخداوندي ۾ دعا لاءِ هٿ مبارڪ کڻي فقط هن طرح فرمايو ته اسان کي رڻ پٽ لنگهڻ جي مهلت ملي ان کانپوءِ پاڻ سوار ٿي رڻ پٽ کان لنگهي جڏهن مقام“ وڏھ  ” وٽ پهتا تڏهن مينهن وسڻ شروع ٿي ويو ايتري قدر وسيو جو اسان جيستائين درگاهه مبارڪ تي پهتا سون تيستائين بارش هلندي رهي.

رمضان فقير سهتو نقل ڪري ٿو ته هڪ دفعي درگاهه مبارڪ تي حاضر هيس ٽي چار ڏينهن لڳاتار مينهن وسي پيو هڪ ڏينهن حضرت پيرسائين قدس سره جن اشراق کان بعد چند فقيرن سان گڏ مسجد شريف ۾ ويٺا هئا مينهن وسي رهيو هو پاڻ فرمايائون ته اڄ هتان جي ڪورين مان ڪوبه نه آيو آهي الائي ڪهڙي ڪم ۾ مشغول آهن بس هاڻ اسان هت ڪو نه ٿا رهون ۽ مدينه منوره وڃون ٿا ايتري ۾ هڪ ڪوري فرياد کڻي آيو ته حضرتا! گهڻي مينهن وسڻ ڪري اسانجا گهر ڊهي ويا ۽ ٻچا بک ٿا مرن ، پاڻ فرمايائون ته هي ماڻهون پهريائين مينهن گهرن ٿا پر پوءِ بيزار ٿيو پون. اهو ارشاد فرمائي مسجد شريف جي صحن ۾ اچي آنگر مبارڪ سان آسمان ڏانهن اشارو ڪندي ڪجھ لکيائون ۽ ڪجھ پڙهيائون ته بروقت مينهن بيهي ويو ۽ جھڙ به لهي ويو.

          حضرت پيرسائين تجرڌڻي رحمت الله عليه فرمائيندا هئا ته محمد حسين فقير ڌاريجو حضرت پيرسائين قدس سره جن کي پنهنجي ڳوٺ ( ديهه ڪنگري جيڪا موجوده درگاهه مبارڪ کان ڏکڻ طرف بلڪل متصل اڃان تائين موجود آهي) دعوت ڪري وٺي آيو انهن ڏينهن ۾ مينهن نه وسڻ ڪري گهڻي تڪليف هئي دعوتيءَ پاڻ ڪريمن کي عرض ڪيو ته حضرتا! مينهن نه وسڻ سبب تمام گهڻي تنگي آهي دعا فرمايو پاڻ هٿ مٿي کڻي فرمايائون پوءِ سندن توجه مبارڪ سان بروقت هڪ ڪڪر ظاهر ٿيو جيڪو سڄي آسمان تي پکڙجي ويو ۽ گوڙيون کنوڻيون ٿيڻ لڳيون . پاڻ واپس درگاهه مبارڪ ڏانهن موٽيا ئي ڪونه ته مينهن ايتري قدر وٺو جو پاڻي گوڏي چيلهه جيترو ٿي ويو.
  • Blogger Comments
  • Facebook Comments

0 comments:

Post a Comment

Item Reviewed: امام الاولياء حضرت پيرسائين روضي ڌڻي﷦ جون ڪرامتون Description: Rating: 5 Reviewed By: سکندری
Scroll to Top