728x90 AdSpace

Latest News

Ads 468x60px

03 September, 2013

درس حديث

درس حديث
مولانا معشوق علي چانڊيو سڪندري
عن عمر ابن الخطاب رضي اللہ تعالی عنه قال بينما نحن عند رسول اللہ صلي اللہ عليه وسلّم ذات يوم اذ طلع علينارجل شديد بياض الثياب شديد سوادالشعر لا يريٰ عليه اثر السفر ولا يعرفه منا احد حتيٰ جلس الي النبي صلي الله عليه وسلم فاسند رکبتيه الی رکبتيه ووضع کفيه عليٰ فخذيه وقال يا محمد اخبرني عن الاسلام قال الاسلام ان تشهد ان لاالٰه الا اللہ وانّ محمدا لرّسول اللہ و تقيم الصَّلوٰة وتوتي الزکوٰة  وتصوم رمضان وتحج البيت ان استطعت اليه سبيلا، قال صدقت فعجبنا له يساله ويصدقه قال اخبرني عن الايمان قال تومن باللہ وملائکته وکتبه ورسلھ واليوم الاٰخر و تومن بالقدر خيره وشره      (مسلم شريف)           
امير المومنين حضرت عمر بن خطاب رضي الله تعاليٰ عنه فرمايو ته هڪ ڏينهن اسان رسول خدا صلي الله عليه وسلّم وٽ ويٺا هئا سين ته اچانڪ هڪ شخص آيو صفا اڇا ڪپڙا پهريل هئس ۽ وار صفا ڪارا هئس نه مسافر پيو لڳي ۽ نه اسان جي ان سان ڪا ڄاڻ سڃاڻ هئي، آقاءِ دو عالم صلي الله تعاليٰ عليه وسلّم جي سامهون اچي گوڏا ڀڃي  (التحيات وانگر)گوڏن تي هٿ رکي باادب ٿي ويهي رهيو (موقعو مليس ته) عرض ڪيائين يا محمد صلي الله عليه وسلّم مون کي اسلام جي حقيقت جي باري ۾ ٻڌايو؟
 حضور صلي الله عليه وسلّم جن فرمايو ته اسلام هي آهي ته تون هن ڳالهه جي شاهدي ڏين ته الله تعاليٰ کان سواء ڪو به معبود (برحق) نه آهي ۽ حضرت محمد صلي الله عليه وسلّم الله تعاليٰ جو رسول آهي ۽ نماز قائم ڪرين ۽ زڪوٰة ادا ڪرين ۽ رمضان جا روزا رکين ۽ توفيق ٿئي ته حج به ادا ڪرين ان شخص اهو ٻڌي چيو ته توهان صحيح ٿا فرمايو (راوي چيو) اسان حيران ٿيا سون ته عجيب ماڻهو آهي پڇي به ٿو، تصديق به ڪري ٿو، وري عرض ڪيائين ته ايمان جي حقيقت ٻڌايو، پاڻ ڪريمن فرمايو ته ايمان هي آهي ته تون الله تعاليٰ ۽ ان جي ملائڪن تي ۽ رسولن ۽ انهن تي نازل ٿيل ڪتابن (صحيفن) تي ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان رکين ۽ تقدير جي ڀلائي کي دل سان مڃين.  
تشريح حديث ؛ سائل جبرائيل امين هيو انڪري هن حديث کي حديث جبرائيل چوندا آهن.  الاسلام ان تشهد ان لاالٰه الّا اللہ وان محمدا رسولُ اللہ صلي اللہ عليه وسلّم تحت حضرت شيخ محقق شاه عبد الحق محدث دهلوي فرمائن ٿا ته اسلام ظاهري اعمال (نماز روزو حج زڪوٰة وغيرہ) جو نالو آهي ۽ ايمان نالو آهي باطني عقيدي جو (الله ۽ ان جي رسول کي دل سان مڃڻ) ۽ اسلام ۽ ايمان جي مجموعي جو نالو دين آهي ۽ اهو جو عقائد (جي ڪتابن) ۾ مذڪور آهي ته اسلام ۽ ايمان هڪ شيء آهي ان جو مطلب آهي هر مسلمان مومن آهي ۽ هر مومن مسلمان آهي ۽ انهن ٻنهي مان هڪ جو به انڪاري مسلمان نٿو ٿي سگھي، حقيقت ۾ اسلام ايمان جو نتيجو ۽ ان جو فرع آهي، علماءِ ڪرام جي گفتگو هن مسئلي ۾ گھڻي آهي پر تحقيق اها آهي جيڪا بيان ٿي
 اَن تُومِنَ بِاللهِ ؛ تحت شيخ محقق فرمايو ته ايمان جي حقيقيت هي آهي ته تون خدا تعاليٰ جي ذات ۽ ان جي صفاتِ ثبوتيه ۽ سلبيه کي دل سان مڃين ۽ تمام عيبن ۽ حدوث جي علامتن کان انجي ذات وصفات کي پاڪ يقين ڪرين.
۽ رُسُلِه ؛  تحت فرمايائون ته انبياءِ ڪرام عليهم السلام تي ايمان آڻڻ واجب آهي، نبوت ۾ فرق رکڻ کان سواءِ ۽ نقص ۽ عيب وارن ڪمن کان انهن کي پاڪ سمجھڻ ۽ انبياء جي تعظيم ۽ توقير ڪرڻ واجب آهي ۽ اهو به واجب آهي ته انبياء ڪرام کي اعلانِ نبوت کان اڳ ۽ پوءِ هر ننڍي وڏي گناه  (جي ارادي) کان به معصوم يقين رکي.اهو ئي قول مختار آهي ۽ قرآن مجيد ۾ حضرت آدم عليه السلام ڏانهن عصيان جي نسبت ڪئي وئي آهي، اُها ان جي قرب جي بلندي جي باعث هئي ۽ مالڪ ذوالجلال کي حق آهي ته هو پنهنجي مقرب ٻانهن کي افضل ۽ اوليٰ جي ڇڏڻ سبب جيڪو چاهي سو چوي ۽ ڏوراپو ڏئي، ٻئي ڪنهن کي حق نه آهي ته اُهي الفاظ ڳالهائي، هن جڳهه ادب جو هڪ معيار آهي جنهن جي رعايت ضروري آهي اُهو هي ته الله تعاليٰ جي طرفان ڪجھه نبين عليهم السلام (جيڪي الله تعاليٰ جا مقرب آهن) تي ڏوراپو آيو يا انهن  نبين ڪي اهڙا ڪلمات عاجزي ۽ انڪساري سان چيا جن مان انهن جي شان جي گھٽتائي جو گمان ٿيندو هجي تڏهن به اسان کي هرگز جائز نه آهي ته انهن ڳالهين ۾ بحث ڪريون ۽ اُهي ڪلمان (ڪلمات عتاب وتواضع) انهنجي حق ۾ چئون ۽ سيدالانبياء صلي الله عليه وسلّم جي باري ۾ اجمالي عقيدو هي آهي ته الوهيت (الله هجڻ معبود هجڻ ) جي مرتبي ۽ خدا جي صفات کانسواءِ جيڪو ڪجھه آهي سڀ پاڻ ڪريمن لاءِ ثابت آهي ۽ پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلّم تمام فضائل وڪمالاتِ نوري و بشري جا جامع آهن ۽ سڀني فضائل ۾ راسخ ۽ ڪامل آهن الحمد لله     
  • Blogger Comments
  • Facebook Comments

0 comments:

Post a Comment

Item Reviewed: درس حديث Description: Rating: 5 Reviewed By: سکندری
Scroll to Top