728x90 AdSpace

Latest News

Ads 468x60px

03 September, 2013

اداريو

جامعه راشديه ۽ برانچ مدارس جي اساتذه جي لاءِ
ضروري گذارش
تعليم جي سلسلي کي بهتر ڪرڻ ۽ موثر انتظامن جي شديد ضرورت آهي. هر جماعت جي مقررہ نصاب کي سال جي آخر تائين مڪمل ڪرائڻ ضروري آهي، ائين قطعي نه ٿئي ته هڪڙا ڪتاب مڪمل ٿي وڃن، ٻين ڪتابن جي شروعات جي نوبت ئي نه اچي، وري هڪڙن ڪتابن جي پنج سو صفحن مان فقط ڏه ٻارهن صفحا سال جي آخر ۾ پڙهايا وڃن. پڻ موقوف عليه تائين نصاب پڙهائڻ جي لاءِ ڪم ازڪم ٽي استاد هجڻ ضروري آهن. هر مدرسو جامعه کان علاوه پنهنجي شاگردن جو پاڻ به امتحان ڪري، اساتذه شاگردن جي حاضري، مطالعه ۽ محنت تي نظر رکڻ سان گڏ پنهنجي حاضري لاءِ به بهتر پابندي ڪن. مهيني ۾ ٽن ڏينهن کان وڌيڪ موڪل تعليمي ماحول ۾ هاڃيڪار آهي.
 اڄ ڪلهه جي حالات کي مد نظر رکي علماء، اساتذه پنهنجي ۽ پنهنجي مدارس جي شاگردن جي بهتر حفاظت جا جوڳا بندوبست ڪن چونڪه دهشتگردي جي لعنت پوري ملڪ سان گڏ اندرون سنڌ ۾ به ٿي رهي آهي. ۽ سني علماء کي ٽارگيٽ بنايو پيو وڃي ۽ مختلف گروپن کان اهڙي قسم جون ڌمڪيون پڻ مليون آهن تنهن ڪري علماء ڪرام پنهنجي پروگرامن کي محدود ڪري مختصر پبلسٽي سان پنهنجا فرائض سرانجام ڏين. الله سبحانه وتعاليٰ اهلسنت جي حفاظت فرمائي. آمين بجاه سيد المرسلين                                                                          
پاڪستان ۽ اهلِ پاڪستان جي حفاظت
سابقه حڪومت پاڪستان جي نالي تي هر ممڪن جائز ناجائز عياشي ڪري، اقتصادي، معاشي، داخلي ۽ خارجي سطح تي ملڪ جي لاءِ ڪو به بهتر فيصلو نه ڪيو. پاڪستان کي وڏي پيماني تي مقروض ڪرڻ، روزانه اربين روپين جي ضمانت بغير ڪرنسي ڇپرائڻ، زمين تي ڪم نه ڪرڻ باوجود ڪروڙين روپين جا ڪوڙا بل بار بار ٺاهي خزاني آفيس کان وٺڻ جهڙا تباھ ڪندڙ ڪم ڪيا ويا. اُهي ڪيس نيب ۾ وڃن ٿا ته ساڳيا چور ساڳيا منصف نيب ۾ پهچي چورن جي جان آزاد ڪرائن ٿا. جنهن ملڪ ۾ لاقانونيت ۽ ڪرپشن جي هيٺ کان وٺي مٿي تائين سرپرستي جاري هجي ته اُتي بهتري ڪٿان ايندي                                                                  
امن وامان
امن امان جي صورتحال به ابتر آهي. پوليس يا ته خاموش تماشائي آهي ڇو ته پوليس کي معلوم آهي ته ڏوهاري گرفتار ٿيڻ سان انهي جا سرپرست ۽ راکا پهچي وڃن ٿا. پر جي پوليس انصاف جي تقاضا موجب ڌاڙيل جي خلاف قدم کنيو ته انهي لائق آفسر کي ضلع بدر ڪيو ويندو آهي. اهڙي صورت ۾ قانوني صورتحال جي ڪهڙي اُميد رکي سگهجي ٿي.
ٻئي طرف مذهب يا سياست جي نالي تي دهشت گرد تنظيمون جو ڪجهه ڪرڻ چاهن ٿيون حڪومت  خاموش آهي. امن وامان قانون جي عملداري غريب طبقي کي رليف ڏيڻ بابت جيڪي واعدا ڪيا هئا. حڪومت پوري توجه سان عوام جي مسئلن تي توجه ڏئي، ضروري آهي ته قرض ادا ڪرڻ لاءِ قرض وٺڻ واري منطق نه هلائجي، صنعتڪارن جي مشوري سان ايڪسپورٽ جي اهڙي پاليسي ٺاهي وڃي جيئن ٻاهريون ڊالر اسان وٽ اچي، پنڻ واري روايت جو سدِباب ٿي سگهي. 
  • Blogger Comments
  • Facebook Comments

0 comments:

Post a Comment

Item Reviewed: اداريو Description: Rating: 5 Reviewed By: سکندری
Scroll to Top