728x90 AdSpace

Latest News

Ads 468x60px

03 September, 2013

ملفوظات شريف

ملامت وارن جي بيان ۾
   
نقل1: هيڪر پاڻ بيان فرمايائون ته دهلي شهر ۾هڪڙوشخص ڪنهن وڏي بزرگ صاحب ڪمال جو مريد هو. پوءِ جڏهن مرشد کان معرفت جا راز ۽ حقيقتون حاصل ڪري ڪماليت جي درجي کي پهچي چڪو، تڏهن پنهنجي مرشد کان دهلي شهر گھمڻ لاءِ موڪل گھريائين. بزرگ فرمايو، ته توکي شهر جي ٽن پاسن ڏي گھمڻ جي اجازت آهي باقي هڪ طرف مقرر ڪري ڏنائينس، ته انهيءَ طرف گھمڻ نه وڃجانءِ. انهيءَ مريد اها ڳالھ قبول ڪري سير لاءِ اٿي هليو ۽ پهرين ڏينهن اهي ٽيئي پاسا گھمي موٽي آيو، جن جي اجازت هئس. ٻئي ڏينهن خيال ٿيس، ته جيڪر چوٿين پاسي جو به سير ڪجي، سو بنا اجازت جي انهيءَ طرف اٿي نڪتو. اڳڀرو ويو، (ته هن امتحان هيٺ آيل بظاهر) ڏٺائين، ته هڪڙو مشبه سفيد ريش جنهن جي ڏسڻ سان دل کي هيبت پئي لڳي سو هڪ غير مشروع ڪم ويٺو ڪري. اهو حال ڏسي کيس دل ۾ واهمو آيو، ته هي شخص ڪهڙي نه چڱي شڪل سان ٿي ڪري اهڙو بڇڙو ڪم ڪري، انهيءَ وهم اينديانهيءَ پير مرد هندستاني ٻوليءَ ۾ چيو، ته ”ڀلا وي بودا“ ٻئي ڏهاڙي به اهو مريد ساڳي طرف ويو ۽ انهيءَ پير مرد کي ساڳي ڪم ۾ مشغول ڏٺائين، سندس دل ۾ وهم پيدا ٿيو جنهن جي جواب ۾ پير مرد وري ساڳيا لفظ چيا، ته “ڀلا وي بودا!” اهو شخص جڏهن پنهنجي مرشد وٽ آيو، تڏهن سموري حقيقت انهيءَ پير مرد واري سندس آڏو بيان ڪيائين. مرشد چيس، ته منهنجي چوڻ جي بر خلاف هليو  آهين. اهو پير مرد جيڪو غير مشروع ڪم ڪندي ڏٺئي، سو  هڪ وڏو ڪامل مڪمل شخص آهي، جنهن نا محرمن کي پاڻ کي ملامت جي لباس ۾ ڍڪي ڇڏيو آهي ۽ توکي جو چيائين “ڀلاوي بودا!” سو اهو لفظ مون کي چيو اٿس، ته اهڙي اعتراض ڪندڙ شخص کي ڇو مريد ڪيو اٿئي؟ ۽ تنهنجي پٺيءَ مان ٻه قطب پيدا ٿيڻا هئا، سي ٻئي تقدير جي دفتر تان محو ڪري ڇڏيائين. باقي تون سلامت بچي آيو آهين.
ہر بیشہ گماں مبرکہ خالی  ست،
شاید کہ پلنگ خفتہ با شد۔
يعني، سڀ ڪنهن جھنگ ۾ اهو گمان نه ڪجي، ته خالي هوندو، متان ڪو شنيهن لڪو پيو هجي. اهو پير مرد جنهن غير مشروع ڪم پئي ڪيو سو انهيءَ بزرگ جو مرشد هو، جنهن جو مريد سير تي نڪتو هو ۽ ان پير مرد تي اعتراض ڪيو هئائين. ان ڪري ئي ان مريد کان معنى کسجي ويئي ۽ ٻه قطب جي سندس پٺيءَ مان پيدا ٿيڻا هئا سي گم ڪري ڇڏيائين.
  • Blogger Comments
  • Facebook Comments

0 comments:

Post a Comment

Item Reviewed: ملفوظات شريف Description: Rating: 5 Reviewed By: سکندری
Scroll to Top