728x90 AdSpace

Latest News

Ads 468x60px

03 September, 2013

مولانا استاد فقير محمد صالح مهر﷥

مولانا استاد فقير
محمد صالح مهر
مفتي محمد رحيم سڪندري
               
استاد العلماء استاد محمد صالح رحمة الله عليه قرآن پاڪ ۽ فارسي جي تعليم استاد احمد فقير رحمة الله عليه وٽ ورتي، ڏيڍ سال کن مفتي سعد الله مصنف “توبِ محمدي” کي پير سائين ڪوٽ ڌڻي رحمة الله عليه پنهنجي مدرسي ۾ استاد ۽ مفتي مقرر فرمايو هو، ان وٽ فارسي جي باقي ۽ عربي جي ابتدائي تعليم حاصل ڪئي، حضرت استاد رحمة الله عليه کي تعليم سان گڏ مطالعي، علمي بحث ۽ جستجو جو بيحد شوق رهندو هو. طالب علمي جي زماني ۾ ئي رسائل، علمي ادبي جريدن ۽ مسائل جي ڪتابن جي مطالعه سندن خدا داد صلاحيتن ۾ بيحد اضافو ڪري ڇڏيو هو.
جناب منشي محمد پريل (سندن هم سبق) جي روايت موجب استاد سائين جي عادت هئي ته ڪنهن به مسئله تي گفتگو شروع ٿيڻ کان پوءِ جيستائين انهي جي پوري تحقيق نه ڪيائون تيستائين سندن آرام قرار ۽ سک ڦٽي ويندو هو. ڪڏهن ڪنهن مسئله ۾ اطمينان ۽ ڪتابن جي ڳولا ۾ مهينا لڳي ويندا هيا، مگر سندن شوق ۾ واڌ ئي ٿيندي رهي.  استاد رحمة الله عليه جي غير معمولي صلاحيتن طالب علمي جي زماني ۾ ئي کين وڏي مقام تي پهچايو.
 حضرت پير سائين پڳ ڌڻي رحمته الله عليه (سورهيه بادشاھ) درگاھ شريف جي عظيم الشان مسجد جو کين امام ۽ خطيب مقرر فرمايو. جماعت ۾ خواه علم ۽ فضل وارن وٽ هي انتهائي وڏو اعزاز هو. ساڳئي وقت حضرت سورهيه بادشاه رحمة الله عليه کين پنهنجي قرب سان نوازيو. اهڙي طرح سندن تعليم جو وسيع سلسلو ته  ضرور رڪجي ويو، مگر لوھ کي پارس لڳي وڃڻ کان پوءِ ڪنهن ڪاريگر جي گهڙڻ جي ڪهڙي ضرورت رهي ٿي؟ حضرت پير سائين شهيد اعظم رحمة الله عليه پارس وارو عمل فرمايو، بيشڪ استاد سائين سندن ئي نظر، غير معمولي توجه ۽ دست قربت سان ڪيميا ٿيو، استاد رحمة الله عليه پير سائين قبله جي خدمت ۾ سفر ۽ حضر ۾ رهي جيڪي ڪجهه پرايو تنهنکي ته ڪو اهل دل يا ذوق جو صاحب سمجهي سگهي ٿو.
28 آگسٽ 1937 تي پير سائين سورهيه بادشاه رحمة الله عليه جيسلمير جو پهريون سفر (ستن مهينن جو لڳو لڳ) شروع فرمايو ته حضرت استاد سائين سندن خدمت ۽ حڪم ۾ هڪ فقير، باادب مريد ۽ حاضر دل طالب وانگر حاضر هيا. عقيدت ۽ ارادت جي ڪمال جي پختگي ادب، خوف عشق ۽ ذوق جي خوب خوب آبياري ٿي. حضرت استاد سائين رحمة الله عليه پنهنجي شيخ ڪامل سان عشق ۽ محبت جي ٻاڦ ڪنهن  ذوق واري سان ڪنهن سان ڪنهن وقت ڪڍندا هئا ته انهن پاڪيزه گهڙين جي يادگيري، اکين مان بي اختيار لڙڪن جي صورت ۾ نمودار ٿي ايندي هئي. پير سائين رحمة الله عليه جي انهي سفر کان پوءِ حضرت استاد سائين انگريز گردي ۽ ڪوڙن ڪيسن جو شڪار ٿيا ڪو وقت روپوش رهيا، رات ڪٿي ته ڏينهن ڪٿي. محبوب مرشد  جي قرب جون گهڙيون ڪٿي روپوشي ۾ جبل جهنگ، ٿر برن جي پنڌن جا ڏک ۽ ڏولاوا! شروع ۾ مٿن جهيڙي فساد جا الزام هيا، بعد ۾ اتفاق سان ڪانهرن ۾ ڪي ست اٺ خون ٿي پيا هيا انهن جو الزام به خواھ مخواھ مڙهيو ويو، آخرڪار گرفتار ٿيا. پر حضرت مرشد ڪريم جي مدد سندن دستگير هئي، رات جو حضرت مخدوم محمد اسماعيل پريالوي رحمة الله عليه خواب ۾ کين دلداري ڏني. فريادن سڃاڻپ دوران خدا ترسي جو ثبوت ڏنو. اهو زمانو حُر مارشلا جو هو استاد سائين جيل کان باعزت نڪتا ته لوڙهن جي حوالي ٿيا،
 جوهي ۾ لوڙهن دوران حضرت استاد رحمة الله عليه کي پنهنجي علمي ذوق وڌائڻ جو موقعو مليو، حضرت مولانا محمد يوسف سائين جهڙي بزرگ استاد جي شفقت ڏکن ڏولاون جي انهي دور ۾ جهڙوڪ ٻاجهه جي نئين زندگي ملي هجي، استاد سائين رحمة الله عليه مولانا محمد يوسف جي شفقت ۽ محبت جو گهڻو ذڪر ڪندا هئا. جيستائين جوهي جي لوڙهن ۾ هيا، تيستائين پنهنجي علمي ذوق جي اُڃ وِسائيندا رهيا ۽ ان دوران پاڻ ديني خدمت ۾ پڙهائڻ جا فرائض پڻ سرانجام ڏيندا رهيا، جتي سندن شاگردن جو45 کان 60 کن تائين وسيع حلقو هو، چيو وڃي ٿو ته اتي استاد 1ــ2 درجو پڙهائيندو هو انهن شاگردن ۾ محمد حسن راڄڙ، ميهر فقير سنجراڻي (ٻرهوڻ) جوهيءَ ۾ استاد وٽ 7ـ8 سيپارا پڙهيو ۽ پوءِ نوابشاه موجوده شوگر مل وٽ لوڙهي ۾ آيو، قاسم فقير سنجراڻي، گاگن منڱريو سهراب فقير ۽ وريام فقير جي سنگت جا هئا،
 پاڪستان ٺهي وڃڻ کان پوءِ درگاھ شريف جي نئين سر آبادي جي تحريڪ ۽ صاحبزادن (حضرت پير سائين شاھ مردان شاھ ڇٽ ڌڻي رحمة الله عليه ۽ سندن ڀاءُ ميان نادر علي شاھ جيڪي انگلينڊ ۾ نظر بند هئا ) جي آزادي جو مطالبو شروع ٿيو ته استاد عليه رحمة انهي تحريڪ جو روح روان ۽ جماعتي اڳواڻ جي حيثيت سان پيش پيش هو. انهي تحريڪ لاءِ گورنر دين محمد صاحب ۽ سندس حڪومت سان لهه وچڙ لاءِاستاد عليه رحمة جماعت جي خليفن سان ڪراچي ۾ رهڻ لڳاپر علمي شوق جو ڪمال هو جوڪيترا ميل روزانو پنڌ ڪري مفتي اعظم پاڪستان حضرت مفتي محمد صاحبداد رحمة الله عليه وٽ حديث ۽ فقه جي تعليم وٺڻ ويندا هئا آخرڪار4 فيبروري 1952ء تي درگاھ شريف تي وري رونقون موٽي آيون حضرت پير سائين شاھ مردان شاھ رحمة الله عليه جي تاج پوشي ٿي، لوڙها لٿا، جماعت جا ڏک ڏولاوا ختم ٿيڻ لڳا ۽ استاد العلماء مولوي محمد صالح سائين رحمة الله عليه درگاھ مبارڪ جي مسجد شريف جي امامت ۽ خطابت جا فرائض نئين سر سنڀاليا ان وقت جامعه راشديه جو نئون دور شروع ٿيو. ابتدا ۾ پنهنجن ۽ پراون جي طرف کان سخت ۽ حوصله شڪن مسائل پيدا ڪيا ويا مگر حضرت پير سائين شاھ مردان شاھ رحمة الله عليه جي شفقت ۽ سر پرستي استاد سائين عليه رحمة جي جوان همت کي بيحد طاقت ۽ قوت بخشي. اهو مدرسو جنهن فقط هڪڙي استاد مولانا تقدس علي خان رحمة الله عليه جي وساطت سان اسڪول ۾ داخل چند شاگردن کي علم جو فيض ٿي ڏنو، تنهن کي فقط ٽن چئن سالن جي مختصر عرصي ۾ مدرسي مان “جامعه” جي مقام تي پهچائڻ وارو استاد رحمة الله عليه هي هو. چئن سالن جي مختصر عرصي ۾ حفظ، فارسي، عربي جي اعليٰ ڪلاسن ۾ ڪم از ڪم ٻن سون تائين شاگردن جي داخلا پهچي وئي.
 مفتي اعظم پاڪستان مفتي محمد صاحبداد رحمة الله عليه استاد عبد الصمد، مرحوم استاد حسين امام، شيخ المعقول رحمة الله عليه، استاد مولانا ڪريم بخش، استاد قاري محمد حنيف، حافظ محمد رمضان بعد ۾ حاجي مير محمد مولانا عبد الخالق صاحب، مفتي غلام قادر صاحب، حاجي رضا محمد وغيره کي تعليم ۽ افاضه لاءِ مقرر ڪرڻ، اتي جي عالمن ۽ فاضلن جي ٻچن ۽ پٽن وانگر هر وقت خبر لهڻ، امڪان آهر وصيت ۽ نصيحت ۽ خدا جي خوف جي تلقين ڪندو رهڻ، استاد العلماء مولانا محمد صالح جو عظيم الشان ڪارنامو هو. استاذي مولانا محمد صالح سائين جامعه جا مڪمل ۽ بااختيار مهتمم هيا مگر اساتذه ڪرام سان سندن سلوڪ خدمت ۽ احترام جو بهترين نمونو هو. فارغ فاضلن ۽ عالمن کي دين ۽ صراط مستقيم جي خدمت لاءِ نصيحت ته بهر صورت فرمائينداهيا مگر انهي فرض جي ادائيگي لاءِ اهڙي تي حڪمت ۽ نفسيات کان ڪم وٺندا هيا، جو فاغ عالم پاڻ کي مجبور ۽ پابند به محسوس نه ڪندو هيو، وري به دين ۽ سنت جي خدمت لاءِپاڻ کي وڪاميل ۽ وقف تصور ڪندوهيو، جامعه جا فيض يافته عالم پاڻ کي هر وقت مجاهد سپاهي وانگر ڪنهن به محاظ تي حاضر ٿيڻ لاءِ چون وچرا نه ڪندا آهن ته اُها حضرت استاد سائين جي شفقت ۽ حڪمت ڀري تعليم ۽ تربيت جو نتيجو هو.
استاد العلماء مولانا محمد صالح رحمة الله عليه جي شفقت، اخلاق، علم وفضل وسعت ظرفي، صراط مستقيم ۽ سنت تي پختگي، بيباڪانه حق گوئي، موثر تبليغ، حڪمت ڀري وعظ، روح پرور محفل کي ياد ڪري اڄ به هزارين اکيون روئنديون آهن. شال الله پاڪ سدائين سندن دعائون اسان سان شامل حال رکي( آمين ) مون کي ياد آهي 22 سال اڳُ سکيو فقير درويش، علم ۽ دين جي ڪمي جي ڳالهه ڪري روئي ويهندو هو چوندو هو ابا!ٿر ۾ ڪٿي قضيو ٿي وڃي ته جنازي پڙهائڻ وارو ڪونه ٿو ملي. مگر الحمد الله جامعه راشديه علم و فضل جي فيض کي سنڌ، بلوچستان ۽ رياست ۽ ٿر جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچائي ڇڏيو آهي. اها حقيقت يقينا حضرت استاد سائين عليه رحمة جي حڪمت، خلوص ۽ محبت جو نتيجو آهي. حضرت پير سائين شاھ مردان شاھ ثاني رحمة الله عليه سندن خوبين ۽ خلوص جي پيش نظر جماعت جي فيصلن لاءِ ڪاميٽي جو چيف قاضي مقرر فرمايائون. حضرت استاد سائين رحمة الله عليه جنهن ديانت ۽  بيباڪي سان فيصلا ڏيندا هيا، سو جماعت ۽ خليفن لاءِ هڪ سونهري حقيقت آهي. خليفو سوڍو راڄڙ جو بيان آهي ته استاد سائين رحمة الله عليه جي بيباڪ حق گوئي ۽ ديانت جو ڪاميٽي جي ميمبر تي ايترو رعب ويٺل هوندو هو جو ڪو به ميمبر راءِ ڏيڻ کان اڳ ۾ سو ڀيرا سوچيندو هو.              
سندن پاڪيزھ محفل: حضرت استاد سائين رحمة الله عليه شريعت ۽ طريقت علم ۽ فقيري جي ترڪيب ۽ تعلق کي اهڙي ته صورت ڏئي ڇڏي هئي جو اهو فيصلو ڪرڻ مشڪل آهي ته حضرت استاد سائين “علم فقير” هو يا “فقير فقيهه ” منهنجي خيال ۾ حضرت استاد سائين جيڏو فقير هو اوترو ئي فقيهه، سندن محفل ۾ جهڙي طرح شريعت جي نازڪ قار جي پوري پوري حفاظت ضروري هئي . اهڙي فقيري ۽ ولايت جي حدود ۽ احترام جوپورو رنگ به آڏو هوندو هو.
 سندن محفل قرآن جي تلاوت، مولود شريف، نعت، الله تعاليٰ جي عظمت، بي نيازي حضورسرور ڪائنات فخر موجودات عليه الصلوٰة والسلام جي بي مثل شان ۽ محبوبيت، مرشد مربي جي تنوار يا اولياء ڪرام جي ذڪر ۽ خيرجو آئينه دار هوندي هئي.سندن ذڪر ۽ حرف حڪايت سان دل وارن جون دليون خدا جي طرف متوجه ٿي وينديون هيون اکيون محبت يا خوف خدا کان آب ڀرجي وينديون هيون. اهڙيون محفلون گهڻو ڪري روزانه ڪنهن نه ڪنهن وقت قائم ئي ٿي وينديون هيون. بس يار جي تنوار ڪنهن طرف سان نڪتي، محفل گرم ٿي، بس پوءِ ته سوز ۽ محبت جي تصوير ڏسڻ وارو ڪو هجي.
            سندن وصال کان ڪي مهينا اڳي، مدرسه قادريه (شهدادپور) ۾ مهرباني ۽ دعا جا پير گھمايائون، فرمايائون اڄُ توهان جي مدرسي جو قاري به تلاوت ڪري اسان جو قاري صاحب به (جيڪو ساڻن گڏ هو) حڪم مطابق تلاوت ٿي انهي محفل جو رنگ ۽ لطف اڄ به دماغ جي گوشن ۾ باقي آهي. شاھ پور چاڪر مدرسه صبغة الهديٰ ۾ فقيرن جي محفل قائم هئي، ڪنهن فقير چيو ته سائين ڳلن تي ڇا جا نشان آهن؟(حضرت استاد سائين رحمة الله عليه کي بيماري سبب هڪ ٻه نشان جسم ۽ڳل تي ٿي پيا هئا ) روئي فرمايائون ؛اهي پنهنجي عملن جي شامت جا نشان آهن. الله الله! هڪ اهل الله ۽ عالم، رڳو عالم نه پر عالمگر (عالم تيار ڪندڙ )  جي ايتري ڪسر نفسي!       
  • Blogger Comments
  • Facebook Comments

0 comments:

Post a Comment

Item Reviewed: مولانا استاد فقير محمد صالح مهر﷥ Description: Rating: 5 Reviewed By: سکندری
Scroll to Top