728x90 AdSpace

Latest News

Ads 468x60px

03 September, 2013

خدا وارن جي ثنا تعريف ڪرڻ

حافظ علي رضا شاه راشدي
الله تعاليٰ قرآن ڪريم ۾ فرمايو آهي، ته
 الا اِنّ اولياءاللہ لاخوف عليهم ولاهم يحزنون
ترجمو: خبردار تحقيق الله تعاليٰ جا دوست انهن تي نه ڪو خوف آهي نه اُهي غمگين ٿيندا.  الله جل شانه جنهن جي پاڻ مدد فرمائي انهن جي تعريف هر لاءِ ڪنهن کي ضروري ٿي پئي.
حديث شريف ۾ آيو  آهي “تنزل الرحمته عند تذکرت الصالحين” صالحن جي ڳالهين ۽ واکاڻين ۽ تعريف ڪندي رحمت الاهي نازل ٿيندي آهي، ڏسو الله تعاليٰ ته صالحن جي تعريف ڪرڻ ۾ خوش ٿئي ٿو. ۽ رحمت جو نزول فرمائي ٿو گويا صالحن جي تعريف ڪرڻ سان رٺل رب پرچي پوي ٿو، پوءِ اهڙي ڳالھ ڇڏي ڏيڻ نه  جڳائي،جن ٻانهن جي زيارت گناهن جو ڪفارو ٿي پوي ،
 زيارة الاولياءِ کفارة الذنوب” اهاحضور جن جي حديث آهي ته اوليائن جي زيارت گناهن جو ڪفارو آهي، اهڙي سعادت هٿئون نه وڃائجي،بزرگن فرمايوآهي.  ذکر الشيخ کالملح في الطعام، وذکرالشيخ کالنور في الظلام” يعني؛ مرشد جي تعريف ڪرڻ مريد جي لاءِ ائين آهي جيئن لوڻ طعام ۾ لذت پيدا ڪري، ۽ مرشد جي گفتگو ڪرڻ صفت ثنا پڙهڻ مريد کي ائين نفعو پهچائيندڙآهي،جيئن اونده ۾ بتي روشنائي پيداڪري.
ذکرپير تازھ ايمانش کند، ذکرپيرجلوه برجانش کند
                                           مرشد جي تعريف مريد جي ايمان کي تازو ڪري ٿي، مرشد جي تعريف مريد جي وجود ۾ روشنائي پيدا ڪري ٿي. مريد جو پهريون محبوب مرشد ڪامل آهي، جيستائين عاشق محبوب جي تعريف نه ڪندو تيسيتائين ان جي دل کي فرحت نه ايندي،مجنون جڏهن ليلان نه ڏسندو هيو ته سندس نالي جو ورد پڙهندو هيو  ۽ سندس نالي جي زمين تي مشق پچائيندو هيو، سڄو ڏينهن زمين تي محبوب ليلان جو نالو پيو لکندو هيو، جيڪڏهن ڪنهن مريد پنهنجي ڪامل مرشد جي روبرو يا پر پٺ نظم ۾ يا نثر ۾ تعريف ڪئي ،انهي کي سواءِ احمق جي ٻيو ڪو به عيب نه سمجھندو،                               
    بزرگ قاضي حميد الدين رحمة الله عليه لکيو آهي ته قبلا چار آهن.                     
 (1) قبلو بيت الله، اهو عضوون جو قبلو آهي.                                                     (2) قبلو دل آهي، جو طريقت جا صا حب ان طرف متوجه رهندا آهن.                         
 (3) قبلو پير مرشد، جو مريدن جي توجه ان جي طرف هوندي آهي.                            
 (4) قبلو وجه الله آهي، اهو قبلو سڀني قبلن کي محو ڪندڙ آهي.هاڻي ٻڌايوته پيرمرشد جڏهن سالڪن جو ڪعبو ۽ قبلو بڻيو، ان قبلي جو ادب احترام ۽ صفت ثنا ڪرڻ جو حق آهي،مريد صادق جڏهن ان جي صحبت مان خوبين ۽ فضيلت جو مجموعو بڻجي پوي،۽ احڪام الاهي ۽سنت نبوي جو عامل بڻجي پوي ۽ اخلاق حميده جو فاضل بڻجي پوي ۽ افعال تشنيعه ۽ قبيحه ۽ ڪردار رزيله کان تائب بڻجي پوي، باطني اسرار ۽ رموزات ۾ڪامل بڻجي پوي ۽ حالات وواردات۽ فيوضات ۽ برڪات جو مورد بڻجي پوي پوءِ ان مريد صادق کي پنهنجي اهڙي شيخ ڪامل کي ساراهڻ ۽ ثنا چوڻ ۽ خدمتون ڪرڻ ڇونه جڳائن گهٽ ذهن ۽ گهٽ عمل ڪرڻ وارن جي لاءِ افسوس! تنهنجي ان عقل تي جو تون خدا جي تعريف تان ڪاوڙيو وتين، تنهنجو پٽ تنهنجي زال تنهنجو مال ڏاند گھوڙو وغيره جو تنهنجي دل کي وڻي وڃي ته رڳو ان جي تعريف مان به ڪونه ڍاپين، جو شخص ايترن نفعن جو مالڪ بڻائي ان جي تعريف ڇو نه ڪجي، تصوف جي ڪتابن لکيو آهي ته رابطءِ شيخ راه طريقت جو اعليٰ رڪن آهي، سو هيئن جو پنهنجي محبوب مرشد جي تعريف کان نه زبان واندي ٿئي نه دل، پرڪامل جي محبت ۾حضرت مولانا رومي رحمة الله عليه لکيو آهي.
واجب آمد چون که بر دم نام او   شرح  کردن  رمز  از انعام  او
تا زمين و آسمان خنداں شود     عقل هوش وديده صد چنداں شود
                                                                                         جڏهن مرشد جو نالو ورتم ته مون تي واجب ٿي پيوته ان جي عطا ڪيل انعامن جو شرح ڪيان پر بيان ۽ تعريف به ايتري ڪيان جو زمين آسمان کلندڙ ٿين،عقل هوش ۽ اکيون به خوش ٿين.ڏسو مرشد جي تعريف جي لاءِ بزرگ ڪيتري نه محبت جو اظهار ڪيو آهي.
 مرشد جو شان ۽ تعريف بيان ڪرڻ مريد لاءِ فرض عين آهي. حضرت امام نعمان رحمة الله عليه جي ڪنهن مريدفرمايوآهي
        اعد ذ کر نعمان لنا ان ذکره،              هو المسک  ما کررته  يتضوع
 اسان وٽ حضرت نعمان جي تعريف ڪر ڇو ته ان جي تعريف مشڪ وانگر آهي جيئن جيئن مشڪ کي کولبو تيئن ان مان سرهاڻ زياده نڪرندي ته جيئن جيئن سندن تعريف ڪندين تيئن تيئن دل ۾ روشنائي پيدا ٿيندي،حضرت امام رباني مجدد الف ثاني احمد فاروقي سرهندي مڪتوبات شريف ۾ هي هڪ عجيب شعر فارسي ۾ لکيو آهي اهڙي وقت جي مجدد قيوم زمان مشرق مغرب تائين فيض نقشبندي کنڊايو۽ وڏن وڏن بادشاهن۽ متڪبرن کي پنهنجي روحاني طاقت سان جھڪائي مطيع ڪيو.                                بزرگ فرمايو
       ازاں چشميکه رو ئے تست احول،     که محبوب ِتو  پيرتست اول،
اها اک جو تنهنجي منهن تي آهي ٽيڏي ڇو جوتنهنجوپهريون پيرڪامل آهي، معبود بالحق خدا تعاليٰ آهي. جيڪو لائق تعريف ۽ صفت،  ثنا جي آهي مرشد ڪامل کي خدا ۽ رسول نه چئبو، بلڪه في ذاته وصفاته وافعاله لائق تعريف ۽صفت ثنا جي ڄاڻبو يعني مرشد ڪامل سان مريد کي ايتي دل لائڻي آهي جيتري الله سان لائڻي آهي ڇو ته مرشد ڪامل جي محبت مان ۽ فنا في الشيخ ٿيڻ مان الله جي محبت جو دروازو کلي ٿو.
حضرت امام رباني مجدد الف ثاني مڪتوبات شريف ۾ فرمايو آهي ته جيتري تنهنجي محبت پير ڪامل سان ٿيندي اوتري الله جي محبت حاصل ٿيندي زياده ڪڏهن به نه ملندي هاڻي تنهنجي مرضي آهي، پير مرشد سان ٿوري محبت ڪر يا گھڻي.
حضرت شيخ عبدالحق محدث دهلوي اخبار الاخيار ۾لکيوآهي ته (علامة المحبة لايخلو قلبک ولا لسانک عن ذکر المحبوب ) محبت جي نشاني هي آهي ته تنهنجي دل ۽ زبان محبوب مرشد جي يادگيري ۽ تعريف کان بس نه ڪري. شال الله پاڪ طفيلي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم اسان سڀني کي پنهنجي رهبر مرشد ڪريم جي محبت عطا ڪري             آمين            
  • Blogger Comments
  • Facebook Comments

0 comments:

Post a Comment

Item Reviewed: خدا وارن جي ثنا تعريف ڪرڻ Description: Rating: 5 Reviewed By: سکندری
Scroll to Top