728x90 AdSpace

Latest News

Ads 468x60px

03 September, 2013

ڏاڙهي رکڻ سنت آهي

ڏاڙهي رکڻ سنت آهي
فقير الله بخش سڪندري
 
ڏاڙهي وڌائڻ اسان سڀني مسلمانن لاءِ تمام ضروري آهي. اسان کي اهوبه سوچڻ گھرجي ته اسان اُمتي ڪهڙي نبي جا آهيون،جنهنجي اُمتي هجڻ جي خواهش اڳيان نبي به ڪندا هئا،اُها اسان جي خوشنصيبي آهي جو الله تعاليٰ اسان کي اهڙو حبيب ڪريم صلي الله عليه وسلّم عطا فرمايو آهي .پوءِ اسان کي گھرجي ته اسان ان نبي صلي الله عليه وسلّم جي سنتن کي مضبوطي سان پڪڙيون  جيڪڏهن اسان سنتن کي اپنائينداسين ته يقينا الله تعاليٰ اسان کي مصطفيٰ ڪريم صلي الله عليه اسلّم جي سنتن جي صدقي دنيا آخرت ۾ ڪامياب فرمائيندو.
 ڏاڙهي وڌائڻ سڀني نبين عليهم الصلوٰة والسلام بلڪ خود اسان جي مٺڙي آقا صلي الله عليه وسلّم جن جي نهايت پياري ۽ پسنديده سنت آهي،  ۽ حضور صلي الله عليه وسلّم جن اسان کي  ڏاڙهي رکڻ جو تاڪيد فرمايو آهي بريلي جي تاجدار اهلسنت جي امام مولانا احمد رضا خان جن (لمعة الضحيٰ في اعفاءِاللحيٰ) ۾ ارڙهن مقدس آيتن ۽ ٻاهترحديثن ۽ اٺ عالمن سڳورن جي اقوال شريفه جي روشني ۾ ڏاڙهي وڌائڻ واجب ۽ڪوڙائڻ ۽ ڪٽي هڪ مُٺ کان گھٽ ڪرڻ کي حرام ثابت ڪيو آهي.
ڪيمياءِ سعادت ۾ امام غزالي عليه الرحمة فرمائن ٿا سرڪار مدينه صلي الله عليه وسلم جن ارشاد فرمايو  الله تعالى جا ڪي ملائڪ اهڙا آهن جن جي تسبيح هي آهي “سبحٰن من زيّن الرجال باللحيٰ، وزيّن النساءَ بالذوائب” ترجمه؛ پاڪائي آهي ان ذات جي جنهن سينگاريو مردن کي ڏاڙهي سان ۽ عورتن کي وارن سان. سيدنا امام غزالي رحمة الله عليه فرمائن ٿا ته نبي پاڪ صلي الله عليه وسلّم جن جي ڏاڙهي مبارڪ گھاٽي هئي.   (احياءالعلوم)
 سيدنا عثمان غني رضي الله عنه جي  ڏاڙهي مبارڪ ڊگھي ۽ سنهڙي هئي، ۽  سيدنا  علي المرتضيٰ رضي الله عنه جي ڏاڙي مبارڪ ويڪري ۽ سڄي سيني تي ڀريل هئي،۽ حضرت سيدنا غوث اعظم رضي الله عنه جي ڏاڙي مبارڪ ڊگھي ۽ ويڪري هئي،(مدارج النبوة)                                                                                                                        “ڏهن هزارن ۾ جيڪڏهن ڏاڙهي ملي ته خريد ڪيان ”                                                                                     حضرت قاضي شريح رضي الله عنه جو نامور ائمه ۽ اڪابر  تابعين منجهان آهي ۽ حضور صلي الله عليه وسلم جي زماني ۾ ڄاوا هئا بلڪه ڪنهن جو چوڻ آهي اصحابي آهي حضرت عمر فاروق رضي الله عنه انهن کان پوءِ حضرت علي المرتضيٰ رضي الله عنه جن فتويٰ ۾ هن کان صلاح وٺندا هئا. ۸۰ھ کان ٿورو اڳ ۾ يا پوءِ وصال فرمايو اٿن.  ان کي قدرتي طور ڏاڙهي ڪونه آئي هئي پاڻ فرمائيندا هئا منهنجي تمنا آهي ڪاش ڏھ هزار ڏيئي ڏاڙهي ملي وڃي (لمعة الضحيٰ) هي هئي اسان جي وڏن بزرگن جي محبت ڏاڙهي سان، افسوس! اڄ ڪهڙو نازڪ دور اچي ويو آهي جوڏاڙهي رکڻ وڏو عيب سمجھيو وڃي ٿو.
 اڄ جيڪڏ هن  ڪو سنت رکي ٿو ڄڻ قيامت برپا ٿي ويئي،                                         “مجوسين جهڙا منهن نه ٺاهيو ”
 نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جن فرمايومڇن کي ڪترايو ۽ڏاڙهن کي وڌايو مجوسين جي خلاف ڪيو.“عورتن جي مشابهت ڪرڻ وارن تي لعنت حضرت ابو هريرھ رضي الله عنه کان روايت آهي ته نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم ارشاد فرمايولعنت آهي عورتن جھڙي صورتن ٺاهڻ واري تي ۽انهن عورتن تي جيڪي مردن جي مشابهت ڪن ٿيون ۽ خطري جي حالت ۾ اڪيلي سفر ڪرڻ وارن تي            (امام احمد)                                                                                                                       
ڏاڙهي ڪيتري رکڻ کپي حضرت سيدنا هيشم رضي الله عنه روايت ٿو ڪري ته عبد الله بن عمر رضي الله عنهما ڏاڙهي کي مُٺ مان جھلي ڪري مُٺ کان واڌو حصي کي ڪٽي ڇڏيندا هئا، سيدنا امام محمد رضي الله عنه فرمائن ٿا ته اسان جو به عمل انهي حديث تي آهي فقه حنفي جو باني امام اعظم ابو حنيفه رضي الله عنه جن به اُهو ئي فرمايو آهي   (ڪتاب الا ٰثار)                                                            
“مٺ کان وڌيڪ ڏاڙهي ڪپڻ سنت آهي ”                                                                                     علامه شامي رحمة الله عليه فرمائن ٿا ته جيڪڏهن ڪو شخص ڏاڙهي کي مُٺ ۾ جهلي ڪري واڌو ڏاڙهي کي ڪپي ته ان ۾ ڪو به حرج نه آهي (رد المختار)                                                       اهڙي طرح مشهور شافعي مسلم شريف جو شارح امام نووي رحمة الله عليه فرمائن ٿا ته ڏاڙهي کي بلڪل ڇڏي ڏجي ان کي نه ڪتريو وڃي اهڙي طرح حنبلن ۽ مالڪن وٽ پڻ آهي.
 شال الله تعالى اسان کي مصطفيٰ ڪريم صلي الله عليه وسلّم جي سنت کي پنهنجي منهن ٿي سجائڻ جي توفيق نصيب فرمائي آمين                                                                                                       
مسلمان ڀائرو اسان مسلمان آهيون ۽ اسان جون ڏاڙهيون پيون گٽرن ۾ لهڙن اهو ڪيڏو ته خراب عمل آهي،ٻيو ڀلا صرف ان ڳالهه کي ڏسون ته اسان جي پياري نبي صلي الله عليه وسلّم جي پياري سنت آخر گٽرن ۾ ڇو رُلي؟  اُو ڀاءُ! اهو سينگار توکي ڪم نه ايندو جيڪو تون ڏاڙهي ڪوڙائي ٿوڪرين، آخرتوکي اڳتي به هلڻوآهي.
کرلےتوبہ رب کی رحمت ہے بڑی،ڍ
  ورنہ  دوزخ  میں  سزا ہوگی کڑی
        اي اسان جا رب ڪريم اسان مسلمانن کي پنهنجي حبيب صلي الله عليه وسلّم جي پياري سنت ڏاڙهي مبارڪ وڌائڻ ۽ مٿي تي به عمامه مبارڪ  جو نوراني تاج  سجائڻ جي توفيق عنايت فرماءِ     آمين بجاه سيدالمرسلين صلي الله عليه وسلّم
  • Blogger Comments
  • Facebook Comments

0 comments:

Post a Comment

Item Reviewed: ڏاڙهي رکڻ سنت آهي Description: Rating: 5 Reviewed By: سکندری
Scroll to Top