728x90 AdSpace

Latest News

Ads 468x60px

03 September, 2013

پسنديدھ ٽي ٽي شيون

پسنديدھ ٽي ٽي شيون
 فقيرمحمد عمر شيخ، روشن آباد
 
مدينهءِ منوره جي پاڪ هوا ۾ صبح جي وقت سرڪار مدينه  صلي الله عليه وسلّم پنهنجي غلامن جي جھرمٽ ۾ ويٺا هئا. بقول ڀٽائي صاحب جي،                                       
“چارئي چڱاچوڌار، هئا هيڪاندا حبيب سين”
 نبي ڪريم صلي الله عليه وسلّم پنهنجي غلامن ڏي نهاري مُرڪيا، غلام سمجھي ويا، بقول ڀٽائي صاحب جي                                                           
“اڄ پڻ منهجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا”
ارشاد ٿيو اوهان جي دنيا ۾ مون کي ٽي شيون پسند آهن، هڪ خوشبو ٻي (نڪاح واري) عورت ٽين نماز، جنهن سان  منهنجون اکيون ٺرن ٿيون، يارِ غار حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه عرض ڪيو، اي الله جا نبي! اوهان سچ فرمايو، مون کي به دنيا ۾ ٽي شيون پسند آهن پهرين حضور جن جو چهرو ڏسندو رهان ۽ ٻي پنهنجي ملڪيت حضور پاڪ تان گھور ڪيان ۽ ٽين پنهنجي نياڻي حضرت عائشه صديقه رضي الله عنها جيڪا حضور جن جي نڪاح ۾ آهي.
حضرت عمر رضي الله عنه عرض ڪيو اي ابوبڪر صديق تو سچ فرمايو مون کي به دنيا ۾ ٽي شيون پسند آهن هڪ چڱائي جو حڪم ڪريان ٻيو برائي کان منع ڪريان ٽيون پراڻا ڪپڙا پايان. حضرت عثمان غني رضي الله عنه عرض ڪيو اي عمر تو سچ فرمايو مون کي به دنيا ۾ ٽي شيون پسند آهن، هڪ بکيا کارايان ٻيو اگھاڙا ڍڪايان ۽ ٽيون قرآن شريف پڙهندو رهان.
حضرت علي ڪرم الله وجھه عرض ڪيو اي عثمان تو سچ فرمايو مون کي به دنيا ۾ ٽي شيون پسند آهن هڪ مهمان جي خدمت ڪريان ٻيو گرمين ۾ روزا رکان ۽ ٽيون تلوار سان جھاد ڪريان. ان دوران حضرت جبرائيل عليه السلام حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين يارسول الله مون کي الله تعاليٰ موڪليو آهي اوهان مون کان سوال ڪريو ته آءُ جيڪڏهن مان زمين وارن مان هجان ها ته ڪهڙيون ٽي شيون پسند ڪريان ها، پاڻ فرمايائون اي جبرائيل جيڪڏهن تون زمين وارن مان هجين ها ته ڪهڙيون ٽي شيون پسند ڪرين ها؟ عرض ڪيائين ته هڪ ته عابد ٻانهن سان پيار ڪريان ها ٻيو گمراهن کي واٽ لڳايان ها ٽيون مسڪينن جي مدد ڪريان ها.
 هيءَ رهاڻ رب ڪريم کي پسند آئي جبرئيل کي حڪم ٿيو ته منهنجي محبوب کي ٻڌاءِ ته مون کي به پنهنجي ٻانهن جون ٽي شيون پسند آهن هڪ طاقت منهنجي راه ۾ خرچ ڪن، ٻيو گناه کان پوءِ پڇتائن ۽ روئن ۽ ٽيون بک هجڻ جي وقت ۾ صبر ڪن.  (المنبهات للامام ابن الحجر رضي الله عنه )
  • Blogger Comments
  • Facebook Comments

0 comments:

Post a Comment

Item Reviewed: پسنديدھ ٽي ٽي شيون Description: Rating: 5 Reviewed By: سکندری
Scroll to Top