728x90 AdSpace

Latest News

Ads 468x60px

03 September, 2013

امام نحو علامه ابن حاجب

امام نحو علامه ابن حاجب
مير محمد مقبول سومرو
نحمدھ ونصلي ونسلم عليٰ رسوله الڪريم
    
اما بعد !واضع هجي ته هر ٻوليءَ لاءِ ڪجھه قائدا ۽ قانون مقرر ٿيل آهن، انهن کي انگريزي ۾ گرامر ڪوٺيو ويندو آهي ۽ سنڌي ۾ ان کي وِيا ڪَرَڻۡ ڪوٺبو آهي. ياد رهي ته “ويا ڪرڻ”  سنسڪرت زبان سان تعلق رکي ٿو. عربي زبان کي به پنهنجو گرامر هوندو آهي ۽ ان جا وسيع ۽ اونها قائدا ۽ قانون آهن جيڪي صرف ۽ نحو جي نالي سان پڙهايا وڃن ٿا درسِ نظامي به صرف ۽ نحو کي بنيادي حيثيت حاصل آهي ان شعبي ۾ عالمن سڳورن ننهن ۽ چوٽي جو زور لڳائي هزارن جي تعداد ۾ معياري ڪتاب مرتب ڪيا آهن ۽ تا هنوز اهو سلسلو جاري و ساري آهي. فجزاهم الله تعالى خير الجزاء
جيئن کاڌي ۾ لوڻ لذت پيدا ڪندو آهي اهڙي طرح وري ڪلام ۾ نحو صحت ۽ درستي آڻيندي آهي ان ڪري نحو في الکلام کلملح في الطعام وارو مقولو بلڪل ٺيڪ آهي، هاڻي ڏسڻو آهي ته علم نحو وجود ۾ ڪيئن آيو؟ جواب ۾ گذارش آهي ته حافظ عبدالرحمٰن امرتسري ان باري ۾ ٻه قول آندا آهن. پهريون قول اهو آهي ته علم نحو جو بنياد دورِ فاروقي ۾ پئجي چڪو هو، ان جي اصليت هن طرح بيان ڪئي وئي آهي، ته ماڻهو هڪڙي شخص کي پڪڙي حضرت فاروقِ اعظم رضي الله عنه جي درٻار ۾ وٺي آيا، اهو ان ڪري جو اهو شخص قرآن ڪريم جي آيت مبارڪه  انّ الله برِيءُمِن المُشرِکِين ورسولُه  ۾ لفظ ورسولُه  جي لام کي زير سان پڙهندو هو،هن کان پڇا ڪئي وئي ته تون ائين ڇو ٿو پڙهين؟ هن وراڻيو ته مون کي مديني منورھ جي هڪ ماڻهو ائين پڙهايو آهي. ان کان بعد ابو الاسود دئلي کي گهرائي قوائد نحو جي جمع ڪرڻ جو حڪم صادر ڪيو ويو، حافظ صاحب موصوف اهو قول مغني اللبيب جي شرح جي حوالي سان آندو آهي اھا شرح مصر جي عالم لکي آهي (ڪتاب نحوص4،5) ٻيو قول اهو آهي ته علم نحو جا ڪجھ قائدا حضرت علي رضي الله عنه وضع فرمايا هئا. اهو پهرين هجري جو واقعو آهي. حضرت مولا علي رضي الله عنه اهي قائدا ابوالاسود دئلي کي سمجھايا پوءِ هن اُهي قائدا پيشِ نظر رکي علم نحو تيار ڪئي، ان اعتبار سان ابوالاسود دئلي کي نحو جو جامع قرار ڏنو ويندو آهي. مورخين جو اعتبار هن قول تي آهي ته ابوالاسود دئلي کان پوءِ به عالمن علم نحو جي ڪم کي اڳتي وڌايو پر ان تي نمايان ڪم ستين صدي جي اواخر ۾ ٿيو ۽  تحقيقي ڪم نحو کي عروج تي پهچائي ڇڏيو ايتري قدر جو اڄ به نحو جا متلاشي  ان سرمائي مان استفادو حاصل ڪري رهيا آهن. هن علم نحو جي سونهري دور ۾ چار وڏا نحوي عالم پيدا ٿيا جن جا اسماءِ گرامي آهن (1) مفصل جو مصنف علامه مخشري  (2) ڪافيه جو مصنف علامه ابن حاجب  هن مقالي جو موضوع (3) الفيه جو مصنف علامه ابن مالڪ  (4) علامه ابن هشام.
ذالڪ فضل الله يوتيه من يشاء والله ذوالفضل العظيم
علامه ابن حاجب جو تعلق ڪُرد قبيلي سان هو هن جو والد گرامي حاجب جي منصب تي فائز هو حاجب جي معنى شاهي دربان آهي، اهو عهدو بنو اُميه دور ۾ اهم منصب سمجھيو ويندو هو ياد رهي ته خلفاءِراشدين جي زماني مبارڪ ۾ سندن دروازن تي حجابت جو رواج ڪونه هو پر پوءِ حضرت امير معاويه رضي الله عنه اهو منصب رواج ۾ آندو ان کان بعد ان منصبن خصوصي مقام حاصل ڪري ورتو اها صراحت پروفيسر احقر راهي صاحب پنهنجي معرڪته الآراء ڪتاب “تذڪرھ مصنفين درِس نظامي اردو”  ۾ آندي آهي.
علامه ابن حاجب جو اصل نالو عثمان هو، هن جي ڪنيت ابو عمرو ۽ لقب جمال الدين هو پر زماني وارن هن عظيم المرتبت محقق ۽ نحوي عالم کي اصل نالي بدران ابن حاجب جي نالي سان ياد رکيو. اهو مصر جي پاسي “فنا” نالي ڳوٺ ۾ تولد ٿيو هن جي ولادت جو سن 570 ھه ٻڌايو ويو آهي. هن قرآن پاڪ ۽ علوم القرآن جي تعليم ڳوٺ ۾ ورتي پوءِ اعلى تعليم لاءِ قاهرھ ڏانهن روانو ٿيو اتي هن مالڪي فقه ۾ وڏي مهارت ۽ دسترس حاصل ڪئي سندس استادن ۾امام شاطبي رحمته الله عليه ۽ ابو منصور انباري رحمته الله عليه جھڙا يگانه روزگار عالم شامل آهن. تحصيلِ علم کان بعد هن درس ۽  تدريس جو سلسلو شروع ڪيو، ان شغل کيس دمشق جا وڻ ڏيکاريا اتي هن کي جامع امويه ۾ گوشه مالڪي جي اندر مدرس ڪري مقرر ڪيو ويو اهو ڪافي عرصي تائين اتي درس ۽ تدريس جي مسند سنڀاليندو رهيو. آخر ڪار وطن مالوف جي آب داڻي هن کي ڇڪي ورتو اهڙي طرح اهو قاهرھ موٽي آيو پوءِ وري اتان سڪندريه ڏانهن رُک ڪيائين هن اُتي ئي مورخه 26 شوال سنه 646 ھ بمطابق 11 فيبروري سنه 1249ع تي وصال فرمايو. انا لله وانا اليه رٰجعون
علامه ابنِ حاجب رحمته الله عليه صرف ونحو علم عروض ۽ فقه مالڪي تي وڏو عبور رکندو هو. انڪري هن ڪيترائي ڪتاب پويان يادگار ڇڏيا آهن پر کيس علم نحو جو شهسوار تسليم ڪيو وڃي ٿو. پروفيسر اختر راهي صاحب دائرھ معارف اسلاميه جي حوالي سان سندس هيٺيون تصنيفون ڄاڻايون آهن.
 (1) الڪافيه: علامه جار الله زمخشري المفصل جي نالي سان نحو تي مايهء ناز ڪتاب لکيو آهي ڪن جو رايو آهي ته ڪافيه ان جو تلخيص آهي
 (2) الشافيه: هي رسالو عربي زبان جي صرف تي لکيو ويو آهي .
(3)المقصد الجليل في علم الخليل: هي علم العروض تي منظوم رسالو آهي، جيئن ته خليل بن احمد کي علم العروض جو باني تصور ڪيو ويندو آهي ان ڪري علامه ابنِ حاجب رحمته الله عليه علم العروض کي علم الخليل ڪوٺيو آهي.
(4) القصيدة الموشحته بالاسماء المونثه: هي رسالو مذڪر جي شڪل ۾ مؤنث اسماء جي باري ۾ آهي.
(5) رساله في العشر:
(6) منتهي السئول والامل في علم الاصول والجدل: هي رسالو مالڪي فقه جي اصول تي اهم ڪتاب آهي.
(7) مختصر المنتهيٰ: مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب جي تلخيص آهي
(8) مختصر في الفروع: مالڪي فقه جو مختصر رسالو آهي.
(9) الامالي: قرآن شريف ۽ متنبّي تي مقالن جو مجموعو آهي.
         ڪافيه ظاهر ۾ ته علم نحو تي ڪتاب آهي پر ان جي مضامين مان ٻين علمن جي جھلڪ به نمايان نظر اچي ٿي. ظفر المحصلين باحوال المصنفين جي مؤلف انڪشاف ڪيو آهي ته بعض حضرات ڪافيه کي علم ڪلام جو رسالو قرار ڏين ٿا. اهڙن عالمن ڪافيه جي شرح متڪلمين جي طرز اسلوب تي ڪئي آهي، ان گران قدر انڪشاف خود ڪافيه جي اهميت ۽ افاديت کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن.
اين سعادت بزور بازونيست ،        تانه  بخشد  خدائي  بخشنده
 ڪن وري ڪافيه مان علم تصوف جا راز ۽ اسرار ڳولي لڌا آهن. اها ڳالهه مير عبدالواحدبلگرامي صاحب رساله مناهل ۾ آندي آهي. علامه موصوف غير منصرف جي بحث تائين ارباب تصوف جي زبان ڪتب آندي آهي. اهل ذوق حضرات کي جيڪڏهن مناهل جي نموني طور اهڙي عبارت ڏسڻي هجي ته اُهي ظفرالمحصلين جو مطالعو ڪن. احسن القول ماوافق الحق    ڪافيه جا ڪيترائي شرح ۽ حاشيه لکجي چڪا آهن. ظفرالمحصلين ۾ انهن جي ڪجھه فهرست به ڏنل آهي پر شرح ملا جامي کي وڏي شهرت حاصل آهي ۽ مذڪوھ شرح ديني درسگاهن ۾ اڄ به پڙهايو وڃي ٿو. هن مايهء ناز شرح جو نالو الفوائد الفيائيه آهي ۽ اهو عربي زبان ۾آهي. جيئن ته ضياءُ الدين حضرت مولانا عبدالرحمٰن جامي رحمته الله عليه جو نامور فرزند هو. هي شرح ان ڏانهن منصوب ڪيو ويو آهي. چون ٿا، ته مولانا جامي رحمته الله عليه اهو شرح هڪ هندي عالم جي تحريڪ تي زير تسويد آندو هو. حقيقت هن طرح آهي ته مولانا جامي رحمته الله عليه جو فرزند دلبند هندستان جي سير ۽ سفر تي آيو هو. هتي سندس ملاقات هڪ عالم دين سان ٿي جنهن هن کان حال احوال جي دوران پڇا ڪئي ته اوهان ڪير آهيو؟ انتي پاڻ کيس ٻڌايائين ته آءٌ مولانا جامي جو فرزند آهيان. ان عالم وري حقارت جي لهجي ۾ چيو ته اوهان مولانا جامي شاعر جا فرزند آهيو. ان طنز جو سبب اهو هو جو عالم حضرات عام شاعرن کي ڪجھ به نه سمجھندا هئا. بحرحال مولانا جامي رحمته الله عليه  جي صاحبزادي ڏانهن ان عالم ڪو به توجهه نه ڪيو. جڏهن اُهو پنهنجي وطن ڏانهن واپس موٽي ويو، ته هن اُها ڳالهه پنهنجي والد بزرگوار کي ٻڌائي اُها ڳالهه مولانا جامي کي ناگوار لڳي پوءِ هن پنهنجي علمي قابليت کي اُجاگر ڪرڻ خاطر ڪافيه جو عربي شرح لکيو، آخر ڪار سندس اُهو ڪتاب هندستان ۾ پهتو ۽ مذڪورھ عالم ان جو غور ۽ فڪر سان خوب جائزو ورتو. آخرڪار ان اُهو تاثر قائم ڪيو، ته هن شرح ۾ ڪابه نئين ڳالهه ڪانهي ڇوته ان جو بنياد شرح الهندي آهي. هن واقعي تي ڊاڪٽر زبير احمد صاحب عالمانه بحث آندو آهي. ان بحث مان معلوم ٿئي ٿو، ته اهو واقعو مشڪوڪ آهي. ڊاڪٽر صاحب وڌيڪ رقم طراز آهي، ته مولانا جامي شرح لکڻ محل شرح الهندي سامهون رکيو هوندو. قاضي شهاب الدين دولت آبادي جي شرح الهندي ۽ مولانا جامي جي شرح ترڪي ۾ ڪافيه جي مشهور ۽ معروف شرح لاءِ مواد فراهم ڪيو آهي. ان مان اُهو نتيجو نه ٿو اخذ ڪري سگھجي، ته اُهي ٻئي شرح بلڪل هڪ جھڙا آهن، البته ان مان شرح الهندي جي اهميت بخوبي واضع ٿئي ٿي. (عربي ادبيات مين پاڪ وهند ڪا حصه اردو ص.201 )
آخر ۾ اُهو به ٻڌائيندو هلان ته علم نحو تي سنڌ جي سدا بهار سرزمين تي به تحقيقي ڪم ٿيندو رهيو آهي. ان حقيقت جو زندھ مثال راقم الحروف جي ڪتب خانه ۾ موجود “الصافيه في توضيع الڪافيه” عربي آهي اُهو وڏو ضخيم شرح آهي ان ۾ ڪل 785 صفحات آهن. اُهو عظيم الشان شرح سراج الاولياء حضرت قبله عبدالله جان سرهندي فاروقي نوّرالله مرقدھ جن تصنيف فرمايو آهي. ان شرح تي تعليقات حضرت علامه محمد جان نعيمي  مهتمم دارالعلوم مجدديه نعيميه ملير ڪراچي وارن قلمبند ڪئي آهي. اُهو شرح پاڻ ئي ٻيو ڀيرو اعلى طباعت سان شايع ڪيو اٿن علم نحو جي شائقين جي لاءِ اهو وڏو علمي ذخيرو آهي. راقم الحروف حقير جي طرفان اهو مشورو آهي، ته ديني مدارس ۾ ان کي به رائج ڪيو وڃي.  العلم غذاء الروح ان الطعام غذاءالاشباح
هر ڪه خوانند دعا طمع دار      زانڪه من بندھ گنهگارم
  • Blogger Comments
  • Facebook Comments

0 comments:

Post a Comment

Item Reviewed: امام نحو علامه ابن حاجب Description: Rating: 5 Reviewed By: سکندری
Scroll to Top