728x90 AdSpace

Latest News

Ads 468x60px

19 August, 2013

حضرت پير سيد محمد راشد روضي ڌڻي﷥ جون علمي خدمتون

حافظ عبدالرزاق مهراڻ سڪندري
سنڌ الله وارن جو ديس آهي، بيشڪ سنڌ سونهاري وڏا وڏا اولياء پيدا ڪيا آهن جن ۾ حضرت پيرسائين پاڳارن جو گهراڻو سنڌ جو هڪ مشهور۽ محسن گهراڻو آهي، لڪياري ساداتن ۾ راشدي خاندان جو داستان ڪڏهن محراب ۽ منبرته ڪڏهن خانقاهه جي در ۽ درين جي خوشنما نقشن سان چٽيل ته ڪڏهن تلوار ۽نيزي سان ميدان جنگ ۾اڳتي قدم وڌائيندي ته ڪڏهن وري علم ۽ عرفان جي بحر جي ڪنار مان علم ۽ عرفان جا موتي ميڙيندي نظر اچي ٿو.
         لڪياري ساداتن جي خاندان مان تصوف ۽ طريقت جي سلسلي جو پهريون علمبردار پيرصاحب سيد ﷴ بقا شاهه عُرف “پَٽ ڌڻي“ ولادت ۱۱۳۵هه وفات ۱۱۹۸ھ هو جيڪو قادري ۽ نقشبندي ٻنهي طريقن مان فيضياب هو سندس شهادت کانپوء اها فيض جي ورڇ ۽ وَنڊ پنهنجي نهايت نيڪ طالع فرزند ارجمند سيد ﷴ راشد روضي ڌڻي﷥َََ کي ملي حضرت پيرسائين سيد ﷴ راشد روضي ڌڻي﷥ جن جي ولادت ۱۱۷۰ھ ۾ ٿي پاڻ پنهنجي وقت جي جيد عالمن جھڙوڪ حافظ زين الدين مهيسر، مولانا محمد اڪرم(جنهن پنهنجي نيڪ سيرت نياڻي حضرت سيد ﷴ راشد روضي ڌڻي﷥جي نڪاح ۾ ڏني جنهن جي بطن مان حضرت پيرسيد صبغت الله شاهه اؤل تجرڌڻي﷥ تولد ٿيا).

         حضرت پيرسائين روضي ڌڻي﷥(علامه فقير الله علوي، مخدوم يار محمد (ڪوٽڙي ڪبير) مخدوم احمدي بن مخدوم عبدالرحمن (کهڙا گمبٽ) حضرت مولانا محمد آريجوي جھڙن عالمن وٽان ظاهري علوم حاصل ڪري فارغ التحصيل ٿيا.
حضرت پيرسائين سيد ﷴ راشد روضي ڌڻي﷥ رحمة الله عليه پنهنجي وقت جو وڏو عالم،عابد،عارف ۽ ولي ٿي ساماڻو، هي فيض جو صاحب پاڳارن جي صف جو سرواڻ ۽ باني مباني هو. پير سائين سيد ﷴ راشد رحمة الله عليه جماعت ۾ ”روضي ڌڻي“ جي لقب سان مشهور ٿيو، پنهنجي تلقين ۽ هدايت سان جماعت ۾ اسلام جي خدمت،ذڪر۽فڪر حوصلي۽همت جو روح ڦوڪيائين، هزارن مُريدن کي اعلي تربيت ڏيئي کين خلافت جو خرقو عطا ڪيائين ايتريقدر جوانهن روشن ضمير خليفن پُڻ ٻين هزارن طالبن کي فيض ڏنو. علم جي عظمت خاطر عالمن جي عزت وڌايائين تصنيف ۽تاليف جو سلسلو شروع ڪيائين پنهنجي عارفانه شاعري ۾ معرفت جا موتي پويائين. (1)
بيشڪ سنڌ جي ڌرتي مردم خيز آهي جنهن گهڻا گوهر پيدا ڪيا، ليڪن پيرسائين ﷴ راشدي روضي ڌڻي رحمة الله عليه﷥، گلستان سنڌ جو هڪ اهڙو ته بي مثال گلابي گُل آهي جنهن جي سونهن ۽ سرهاڻ،سنڌ ۽ بيرون سنڌ جا ڪيئي پرانهان پٽ،پڌر،پوٺا،پهاڙ ۽ ٿربر واسي ڇڏيا آهن.(2)
خليفي محمود نظاماڻي ملفوظات شريف ۾ نقل بيان ڪيو آهي ته ”مون سان محمد نظاماڻي ڳالهه ڪئي ته منهنجي پئ ٻاجھي فقير جيڪو خواجه محمد زمان لنواريءَ جي مُريدن مان هو ته مون خواب ڏٺو ته هڪڙو سادات اُتر طرف کان پيدا ٿيو آهي جيڪو خلق کر ارشاد پيو ڪري ۽ سارو جھان انهيءَ جي فيض کان بهرياب پيو ٿئي“ ٻاجھي فقير مٿيون خواب سڀني پٽن ۽ مٽن کي ٻُڌائي سمجھايو ته ”جڏهن اهو معرفت جو سج اُڀري ته اوهين سڀ ذرڙن وانگران جي نوراني شعاع مان بهرياب ٿجو، ۽ جيڪڏهن آئون هن فاني دنيا مان رحلت ڪري وڃان ته هزارين سلام هن ناتمام جي طرفان انهي محي الدين والا سلام جي حضور ۾ پهچائجو“ (3)
حضرت پيرسائين روضي ڌڻي﷥ رحمة الله عليه جن ظاهري علم جي تڪميل کانپوءِ پاڻ خلق خدا کي ذڪر،فڪر،وعظ ونصيحت ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويا، اهو ڪم زندگي جو اڪثر حصو سير و سفر ڪندي سرانجام ڏيندا هئا، ملفوظات شريف جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ سفر جي دؤران پنهنجن صاحجبزادن کي پاڻ سان گڏ سفر تي وٺي ويندا هئا پوءِ جتي به منزل انداز ٿيندا هئا ته پنهنجي معمول مطابق اوراد و وظائف، وعظ و نصيحت کان فارغ ٿي صاحبزادن کي قرآن حديث ۽ مثنوي مولانا روم جو سبق ڏيندا هئا، هڪ ڀيري پاڻ لاڙ جي سفر تي خليفي لقمان جي دعوت تي تشريف فرما ٿيا ته سيد پور جي ڳوٺ جي ساداتن ۽ عالمن جي هڪ جماعت سندن خدمت ۾ اچي حاضرٿي پاڻ انهي وقت پنهنجي صاحبزادي ميان صبغت الله شاهه گادي ڌڻي کي مثنوي جو سبق ڏيئي رهيا هئا، ۽ انهي مان عجيب نُڪتا ۽ معنائون پنهنجي زبان دُرافشان سان ظاهر پي فرمايائون انهي دوران سيد ﷴ صديق سيدپوري خدمت سڳوريءَ ۾ عرض ڪيو ته حضرتا! الله تعالي شل خليفي لقمان کي وڏي حياتي ڏي ۽ سلامت رکيس جو سندس طفيل سائين جن جي زيارت ۽ صحبت لطيف حاصل ٿئي ٿي ۽ هي به ڏاڍو چڱو ڪم ڪيو اٿو جو صاحبزادي کي ننڍي عمر هوندي پاڻ سان گڏ آندواٿو، ڇو ته انهي ڪري علم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ مُريدن جي ڄاڻ سُڃان به کين ٿيدي پاڻ انهي نامعقول گفتي ٻڌڻ شرط جواب ڏنائون ته اسان صاحبزادي کي مُريدن جي ڄاڻ سُڃاڻ لاءِ ساڻ ڪونه کنيو آهي بلڪ رڳو علم پڙهائڻ جي لاءِ ساڻ رکيو اٿئون ۽ جيڪا اسان ڪيڏانهن اچ وڃ لاءِ مسافري ڪندا آهيون سابه هن مطلب لاءِ نه هوندي آهي ته ڪو مُريدن جي تابعداري ڏسي خوش ٿيون، بلڪ خاص الله تبارڪ وتعالي جي حُڪم موجب سندس رضا مندي لاءِ ۽ حضرت حبيب ڪريمﷺجن جي خوشنودي لاءِ سفر ڪندا آهيون ڇو ته اسين سندس اُمت جا خدمتگار آهيون (4)
حضرت پيرسائين ﷴ راشد روضي ڌڻي﷥ علم ۽ عرفان جا بحر بيڪران هئا، رُشد وهدايت جي مَسند تي ويهڻ کانپوءِ شريعت، طريقت،معرفت ۽ حقيقت جي سمورين واٽن ۾ خلق خُدا کي پنهنجي فيض سان فيضياب ڪندا رهيا، سندن عُمر عزيز جا ڇَٽيهه ستٽيهه سال هڪ طرف خلق خداوندي جي اصلاح۽ هدايت ڪندي نظر اچن ٿا ته ٻئي طرف سفر توڙي حضر۾ تبليغ سان گڏ ديني تعليم جي ترويج ۽ اشاعت ۾ مصروف عمل نظر اچن ٿا، ملفوظات شريف جي مُطالعي مان واضح معلوم ٿئي ٿو ته پان ديني تعليم جي اشاعت جي ٽنهي مُکي ڪردارن (يعني تبليغ، تدريس ۽ تصنيف) کي تمام سهڻي طريقي سان نباهيو آهي.
تصنيفون:- حضرت پيرسائين سيد ﷴ راشد روضي ڌڻي﷥ رحمة الله عليه جن عالم، اديب، شاعر ۽ اهل قلم هُئا، سفر توڙي حضر۾ تدريس ۽ تبليغ سان گڏوگڏ تصنيف واري اهم ۽ مشڪل شعبي کي وقت ڏيندا هئا سندن ذاتي تصنيفن ۾ هي ڪتاب آهن.
(1)    آداب المُريدين:- (مُرشد جي حضور ۾ مُريدن جا آداب وغيره) هئ رسالو فارسي زبان ۾ نهايت مختصر آهي جيڪو امام رباني مجددالف ثاني شيخ احمد سرهندي (متوفي۱۰۳۴ھ) جي ٻن ڪتابن مڪتوبات ۽مبدا ومعاد مان چونڊ ڪري تصنيف ڪيائون.انهيءَ ڪتاب مان چند اقتباسات بطور مشتي ازخرواري هيٺ پيش ڪجن ٿا. ڄاڻ ته مرشد جي صحبت جا آداب ۽ شرط هن (سلوڪ ۽ طريقت واري) واٽ جي ضروري مسئلن مان آهن، ڇو ته آدابن جي ادائيگي سان ئي فائدي ڏيڻ ۽ وٺڻ جي راهه کُلندي آهي ۽ ادب کانسواء نه صحبت جو ڪو نتيجو آهي ۽ نه ئي انهي محفل جو ڪو ڦَلُ، طالب کي گهرجي ته پنهنجي دل جو رُخ سمورن طرفن کان ڦيرائي صرف پنهنجي مُرشد ڏانهن ڪري، مرشد جي موجودگي ۾ سندس اجازت ۽ اذن کانسواء نفلن ۽ ذڪر،فڪر ۾ مشغول نه ٿئي، مُرشد جي حضور ۾ مرشد کانسواء ٻئي ڪنهن به طرف نه واجائي بلڪ مڪمل طريقي سان ان ڏانهن ئي متوجه ٿي ويهي. ايتائين جو ذڪر ۾ به مشغول نه ٿئي مگر جڏهن مرشد حڪم فرمائي ته (امر جي تعميل ڪري) مرشد جي حضور ۾ فرض ۽ سُنت کانسواء ٻيو ڪجھ به ادا نه ڪري، بلڪ مُرشد جي صحبت کي ئي غنيمت سمجھي، مُريد کي گهرجي ته اهڙي هنڌ به نه بيهي جو سندس پاڇو مُرشد جي لباس يا مُرشد پاڇي تي پوي . مريد کي جڳائي ته مرشد جي مصلي تي پير به نه رکي ۽ ان جي وضوء واري جاء ۾ طهارت نه ڪري . مُرشد جي موجودگي ۾ نه پاڻي پيئي ۽ نه ڪجھ کائي، مُرشد جي غير موجودگي ۾ سندس ترسڻ واري جاء (خانقاه) ڏانهن پيرڊگها نه ڪري ۽ نه انهي طرف ٿُڪ وغيره اڇلائي. ڪامل مُرشد وٽان جيڪو به (قول يا فعل) ظاهر ٿئي ان کي صحيح سمجھي جيتوڻيڪ کيس ظاهر ۾ صحيح به نه لڳي يا سندس سمجھ ۾ نه اچي (بلڪ اهو اعتقاد رکي) ته مُرشد جو ڪجھ ڪري ٿو الهام ۽ اذن الهي سان ڪري ٿو اهڙي نموني اعتراض جي گنجائش ڪانه رهندي، جيتوڻيڪ ڪن صورتن ۾ سندس الهام واري واٽ ۾ خطا ٿيڻ جو به امڪان آهي، پراها الهامي خطا، اجتهادي خطا جي حڪُم ۽ رنگ ۾ آهي جنهن تي اعتراض يا ملامت جي معافي آهي، اهو به تڏهن جڏهن کيس مرشد سان محبت ٿي چُڪي آهي، محبت جي قانون ۾ محبوب کان جوڪجھ صادرٿيندو آهي اهو به محبوب هوندو آهي پوء اعتراض جي مَجال نه ٿي رهي. مريد کي گهرجي ته ڪُلي ۽ جُزوي طور پنهنجي مُرشد جي پيروي ڪري چاهي کائڻ پيئڻ، لباس ۽ سمهڻ ۾. ۽ نماز به مرشد جي طريقي موجب ادا ڪرڻ گهرجي ۽ فقه به مُرشد جي عمل مان اخذ ڪري. مُرشد جي ڪنهن به عمل يا فعل ۾ اعتراش جي گنجائش نه رکي پوء اهو اعتراض رائي جي داڻي جيتروبه ڇو نه هجي، ڇو ته مُرشد بابت اعتراض محرومي ۽ بدنصيبي کانسواء ڪوبه نتيجو نه ڏيندو.


بمئے سجادہ  رنگین کُن گرت  پير مغاں گوید،
کہ سالک  بیخبر نبود  زراہ  و رسم و منزلھا 
                                       (حافظ شیرازی)
جيڪڏهن مُرشد ڪامل توکي اهو چوي ته شراب نماز جي مصلي تي هاري ڇڏ ته (اهو ڪم تون ڪري ڇڏ) ڇو ته سلوڪ جي راهه جو راهي ۽ پانڌي انهي جي رسمن کان بيخبر نه هوندو آهي.
مُريد کي کپي ته ضرورت کان سواءِ  ۽ مرشد جي اجازت کانسواءِ کانئسپل به پري نه ٿئي ، ڇوته مرشد کي ڇڏي غيرڏانهن واجهائڻ مريديءَ جي منافي آهي . مريد کي  گهرجي ته مُرشد جي آواز کان پنهنجو آواز بلند نه ڪري ۽ نه مُرشد سان وڏي آواز ۾ ڳالهائي اها وڏي بي ادبي آهي. (5)

شرح اسماء الحسني:-  هي ڪتاب الله تعاليٰ جي نوانوي اسمن جو شرح آهي ، اصل ۾ هيءُ ڪتاب ٽن بزرگ هستين حضرت خواجه عبدالرازاق قاشاني (متوفي۷۳۵ھ)، حضرت خواجه يعقوب چرخي(متوفيٰ(851ھ)حضرت شيخ عبدالحق محدث دهلوي رحمهم الله تعاليٰ (متوفي۱۰۵۲ھ) جن جي لکيل شرحن جو اختصار آهي حضرت شيخ عبدالحق محدث دهلوي ۽ خواجه يعقوب چرخي جو شرح فارسيءَ ۾ آهي جنهن ۾اسمن جون معنائون ،تعلق ۽ تخلق جو ذڪر آهي ۽ خواجه عمال الدين عبدالرزاق قاشاني جو ڪتاب عربي ۾ آهي جنهن مان پاڻ صرف انهن اسمن جو ”تعبد“ ورتو اٿن تعلق جو مطلب آهي الله تعاليﷻ جي اسمن جي تقاضا مطابق عمل ڪري، انهن اسمن سان هڪ نسبت قائم ڪرڻ، تخلق جو مطلب آهي انهن اسمن جون معنائون پاڻ ۾پيدا ڪرڻ ، تعبد جو مطلب آهي اسماء حسنيٰ جي تجلي پوڻ سان اسمن جي ٻانهپ جو اعزاز ۽ مقام ملڻ. (6)
حضرت پيرسائين سيد ﷴ راشد روضي ڌڻي قدس سره اسماء الحسني جي شرح عارفانه انداز سان ڪئي آهي ته عابد جو معبود سان ۽ مخلوق جو خالق سان اهڙي ريت تعلق قائم ٿئي جو ٻانهو الله تعالي جي صفتن جو مظهر ٿي الله تعالي جي مخلوق سان پيش اچي ۽ پنهنجي ڪريم مالڪ سان به ٻانهپ واري رشتي کي احسن طريقي سان جوڙيل رکي هڪ ٻه مثال انهي مان هتي پيش ڪجن ٿا مثلا ”الولي جل جلاله“ الله تعالي جي صفاحت تي نالن مبارڪن مان هڪ نالو آهي يعني الله تعالي مؤمنن ۽ متقين کي دوست رکندڙ آهي ۽ مؤمنن جي مدد ڪندڙ آهي، الله تعالي جو فرمان آهي ته الله ولي الذين اٰمنوا (سوره البقره آيت ۲۵۷) الله تعالي مؤمنن جي مدد ڪندڙ ۽ انهن کي مدد ڏيندڙ آهي. الولي مُوَلي جي معنيٰ ۾ به آيو آهي يعني الله تعالي صالحن جي معاملن ۽ انهن جي ڪمن کي سنڀاليندڙ ۽ سُڌاريندڙ آهي، ان ڪري الله وارن جي الله تعالي تي توڪل هوندي آهي ۽ هو سڀ ڪم ان جي حوالي ڪري ڇڏيندا آهن.
سڀيئـــــــــــــــــــــــــــــي سبحان جي، ڪر حوالي ڪم،
ٿــــــــــــيءُ تحقيق تسليــــــــــــــــــــــــــــــم ۾،لاهي غم وَهم،
قادر ساڻ ڪرم، حاصل ڪري حاج تو. (شاهه)

اهڙي طرح الله تعالي سموري مخلوق جا ڪم به پاڻ سڀاليندڙ ۽ انهن جو ڪارساز آهي دنيا ۽ آخرت جي ڪمن مان جنهن به ڪم ۾ کين جيڪا به ضرورت هوندي آهي ته سندن ضرورتون اهوئي پوريون ڪندوآهي. ولي جي معني قريب به آهي يعني ان جي رحمت ان جي مخلص ٻانهن جي نهايت ويجھي آهي جيئن الله تعالي فرمايو آهي واذاسئلڪ عبادي عني فاني قريب (سوره البقره آيت ۸۶) اي حبيب!ﷺ جڏهن توکان منهنجا ٻانها منهنجي باري ۾ سوال ڪن ته پوء انهن کي ٻڌاء ته آئون کين تمام ويجھو آهيان.
تعلق:- هن اسم مان تعلق جي واٽ هي آهي ته ٻاني کي کپي ته ايمان جي سمورن شعبن ۾ پنهنجو پاڻ کي الله تعالي جي محبت جو وڌيڪ لائق بڻائي، سمورن ڪمن ۾ الله تعالي کان مدد گهري ۽ الله تعالي جي طرفان سندس رکوالي ۽ سنڀال ڪرڻ تي ان جي امتحان ۽ آزمائشن کان به آگاهه هجي ۽ ان جو شُڪر ڪندورهي ۽ دل کي غير جي طرف متوجه ٿيڻ نه ڏي.
تخلق:- هن اسم مان تخلق جي واٽ هئ آهي ته الله سبحانه و تعالي ۽ ان جي دوستن سان دوستي رکي ۽ دين ڦهلائڻ ۾انهن جي مدد ڪري ۽ مخلوق جون حاجتون پوريون ڪرڻ ۾ پوري پوري ڪوشش ڪري ماڻهن جي ڪمن ڪارن ۾ چُستي ڏيکاري ته جيئن پاڻ به ان اسم سان موصوف ٿي وڃي ۽ان جو نالو به ولي الله ٿي وڃي. ولايت جي نشانين مان هڪ نشاني هئ به آهي ته الله تعالي جي توفيق هميشه ان ٻانهي سان گڏ هوندي ته جيئن هو ڪڏهن به ذليل ۽ خوار نه ٿئي، ان حد تائين جو ٻانهو جيڪڏهن ڪنهن گناهه ۽ بُرائي جو ارادو ڪري ته به الله تعالي ان کي بچائي وٺي پر جيڪڏهن ڪنهن گناهه ۾ اوچتو ڦاسي پوي ته وري جلدئي مالڪ پٺتي موٽڻ ۽ توبهه تائب ٿيڻ جي کيس توفيق ڏئي ۽ ان کي بُرائي کان نيڪي جي طرف موٽائي اهائي معني هن حديث پاڪ جي آهي”اذا احب الله عبدا لم يضره ذنب“ جڏهن الله تعالي ڪنهن ٻانهي سان محبت ڪندو آهي ته ان کي ڪو گناهه نقصان نه ڏيندو آهي، ولايت مان هڪ نشاني هي به آهي ته الله تعالي ان شخص لاء پنهنجن دوستن جي دلين ۾ جاء پيدا ڪندو آهي يعني اهي هن سان محبت ڪندا آهن ۽ اهو به حق آهي ته الله تعالي جي محبوبن ۽ دوستن جي دل الله تعالي جي نظر جو مرڪز هوندي آهي، پوء جڏهن الله تعالي انکي پنهنجي پيارن ۾ شامل ڪندو آهي ته پنهنجي ذات جو فيض ۽ تجلي پنهنجي پيارن سان گڏ ان تي به ضرور وجھي ٿو.


دل بدست آور کہ حج اکبر است،  از ھزاراں کعبہ یک دل بہتر است،
کعبہ بہ نگاہ  خلیل  آز ر است، دل  گذر  گاہ  جلیل  اکبر  است۔
تعبد:-
عبدالولي; ولي جو ٻانهو اهو آهي جنهن کي الله تعالي صالحن ۽ مؤمن ٻانهن منجھان پنهنجو دوست بڻايو هجي، الله تعالي جو ارشاد آهي وهويتولي الصالحين (سوره الاعراف آيت ۱۹۶) اللھ تعالي صالحن جو سنڀاليندڙ آهي ۽ انهن جو ڪارساز آهي، الله ولي الذين امنوا (سوره البقره آيت ۲۵۷) الله تعالي مؤمنن جو سنڀاليندڙ آهي تنهن ڪري جيئن الله تعالي انهي جو ڪارساز ۽ سنڀاليندڙ آهي تيئن هو به الله تعالي جي دوستن، مؤمنن ۽ صالح ٻانهن جي سنڀال پيو رکندو، انهن جي پرگهورلهي ۽ انهن جي ڪمن ۾ سندن مدد ڪندو رهندو (۷)
الصبور:-   
الله تعالي جي نالن مان هڪ نالو الصبور آهي ، يعني جيڪو گنهگارن جي پڪڙ ۾ تڪڙ نه ڪري ۽ انهن کي عذاب ڏيڻ ۽ کانئن انتقام وٺڻ ۾ به جلدي کان ڪم نه وٺي، ان لحاظ کان ”صبور“ جي معني ”حليم“ جي معني سان ملي ٿي پر ڪن جو چوڻ آهي ته ٻنهي ۾ هڪڙو فرق آهي ته ”صبور“ ۾ عذاب جو خوف غالب آهي (يعني صبور صبر ته ڪيو آهي پر اڳتي پڪڙ ڪندو) ۽ حليم ۾ وري معافي جي اُميد وڏي آهي يعني اڳتي هلي معاف به ڪري ڇڏيندو ڪن محققن صبور جون ٻيون معنائون پڻ ٻڌايون آهن جيئن مصيبتن ۽ آزمائش ۾ ٻانهي کي صبر جي توفيق ڏيندڙ، امانت جي بارکي کڻڻ تي صبر ڏيندڙ، نفس جي خواهشن توڻي شهواني خيالن جي مخالفت تي صبر ڏيندڙ، ۽ عبادت واري تڪليف تي صبر ۽ برداشت جي قوت عطا ڪندڙ وغيره.
تعلق:-
هن اسم سان تعلق جي واٽ هئ آهي ته عارف مصيبتن، تڪليفن ۽ جُداين کانپوء باري تعالي کان صبر جي توفيق طلب ڪري ۽ ان جي نافرماني کان پاڻ کي بچائي، روايت آهي ته هڪڙي بزرگ چيو ته آئون مڪي پاڪ ۾هئس ته هڪڙي درويش کي ڏٺم جيڪو مسجد حرام ۾ آيو ۽ اچي طواف ڪيائين طواف کانپوء هڪ ڪاغذ جو ٽڪرو کيسي مان ڪڍي ان کي ڏنائين ۽ پوء هليو ويو، وري ٻئي ڏينهن آيو ۽ ان ڏينهن به ائين ڪيائين مون ڪجھ ڏينهن انکي ڏٺم ته هو ان طرح سان ايندو هو، ساڳيو عمل ڪري واپس هليوويندو هو، آخر هڪ ڏينهن جڏهن آيو ۽ طواف ڪري ان ڪاغذ تي نظر جو وڌائين ته نظر وجھڻ شرط اُتي ئي دَم ڌڻيءَ جي حوالي ڪيائين مون اُٿي جڏهن اهو ڪاغذ پڙهيو ته ان ۾ لکيل هو”واصبرلحڪم ربڪ فانڪ باعيننا“ (سوره الطورآيت نمبر۴۸) پنهنجي رب جي فيصلي تي صبر ڪر بيشڪ اسان جون نگاهون توڏانهن ئي آهن.
تخلق:-
هن اسم جي تخلق جي واٽ هئ آهي ته ٻانهو ڪنهن به ڪم ۾ تيزي ۽ تڪڙ نه ڪري، بلڪ سڪون ۽ اطمينان کان ڪم وٺي رنج ۽ فراق ۾ وصال جي اُميد تي پاڻ کي آٿت ڏيئي، اشتياق جي درد جي دوا محبوب جي ذڪر سان ڪري تڏهن وڃي مَن جي مُراد ماڻيندو.



حافظ!ازدیدہ  دانہ اشکے ہمے فشاں،
باشد کہ مُرغ  وصل کند میل  دام ما۰
۰
حافظ! اکين مان ڳوڙهن جا داڻا ڇٽيندو رَههُ! مَن ڪڏهن وصل جو پکي اسان جي ڄار ڏانهن لڙي پوي.
تعبد:
عبدالصبور يعني صبور جو ٻانهو اهو آهي جيڪو هن اسم جي نورسان سڀني ڪمن ۾ مضبوط بيٺو هوندو ۽ ڪنهن کي به سزا ڏيڻ يا کانئس پُڇاڻو ڪرڻ ۾ تڪڙ ۽ تيزي نه ڪندو ۽ نه ئي مصيبتن ۾ جي چين ٿيندو،مجاهدن،رياضتن۽ الله تعاليٰ جي امر ڪيل اطاعتن ۾ثابت قدم ٿي بيهندو . جن مصيبتن، مشڪلاتن ۽ تڪليفن سان الله تعالي کيس آزمائي تن ۾ صبر جو دامن هٿان نه ڇڏيندو. (۸)
مڪتوبات:-      حضرت پير سيد ﷴ راشد ڌڻي﷥ جن جا لکيل خط مبارڪ جيڪي سندن وقت جي يارهن کن عالمن ۽ معرفت جي طالبن ڏانهن لکيا ويا آهن، هنن خطن ۾ شريعت، حيققت ۽ معرفت جا موتي پوتل آهن، مڪتوبات شريف حضرت پير سائين سيد ﷴ راشد روضي ڌڻي﷥ جن جي علمي تحقيق جو هڪ اهڙو نچوڙ آهي جنهن ۾ سياست، حقيقي واٽ جو ڏَس، دل جي صفائي جو طريقو، مشڪل ۽ حاجت روائي جو بيان، رياضت ۽ زهد وعبادت جي تلقين، وعظ و نصيحت، راهه طلب جي تلقين قرآن پاڪ جو ترجمو ۽تفسير،ياد الٰهي، ذڪر فڪر، نفس شُناسي ۽ ان جا قسم وحدت شهودي ۽ فراق، قلب سليم جي وضاحت، علم جا اقسام، احاديث نبوي جي تشريع ۽ وضاحت، حقيقت محمدي جو بيان، جمال ۽ جلال جي صفتن جو ذڪر، مهر نبوت جي وضاحت، ديدارالٰهي، معراج مصطفي، صبر جي تلقين، مُريد ۽ مُرشد جو بيان، صبر ۽ شُڪر، قضا ۽ قدر، عشق الاهي، صوفيانه اصطلاحات جي تشريع ۽ ميلاد مصطفي جو بيان وغيره (۹)
حضرت پير سيد ﷴ راشد روضي ڌڻي﷥ پنهنجي دؤر جو روحاني رهبر،ديني عالم،بي بدل دانشور ۽ ماهر قلم ڌڻي هو، اهوئي سبب آهي جو سندن انشاء نويسي قلمي پورهي جو هڪ منفرد ۽ اعلي نمونو آهي. انهي جو مثال سندن پهرين مڪتوب ۾ واضح نظر اچي ٿو جيڪو پاڻ خليفي محمد حسين جي خط جي جواب ۾ لکيو اٿن. خليفي صاحب کانئن پڇيو آهي ته هينئر ڪلهوڙن کان ميرن حيدرآباد جو قلعو فتح ڪيو آهي۽ سنڌ ۾ پنهنجي بادشاهت قائم ڪئي اٿن ان جو پس منظر ڪهڙو ٿيندو؟
حاجي شير محمد نظاماڻي ”مڪتوبات حضرت پير سيد ﷴ راشد روضي ڌڻي ﷥ تاريخ جي روشني ۾“ جي عنوان سان لکي ٿو ته هيءُ (هيٺيون خط) گهڻو ڪري ۱۲۰۱ھ جو آهي. ان وقت سندن طبيعت جو رُجحان ڪلهوڙن جي طرف هو ۽ ميرن جي فتح کين ناخوشگوار لڳي هئي، هئ خط انشاءپردازي ۾ هڪ ادبي شاهڪار آهي. جوسلوڪ ۾لکيو ويو آهي منجھس عجيب استعارا ۽ غريب ڪنايا آهن، ”سلطان قضا“ جو اشارو تيمور شاهه واليء ڪابل ڏي آهي ۽ ”ميان روح“ مان مراد عبدالنبي ڪلهوڙو آهي، سنڌ کي مصر جي بادشاهه فرعون جي حڪومت سان تشبيهه ڏيئي مير فتح علي کي انجو بادشاهه تصور ڪيو ويو آهي ۽ پوء وري سنڌ کي انساني بدن ٺهرائي (قرار ڏيئي) مير فتح علي کي ان ۾ نفس اماره قرار ڏنو ويو آهي ۽ عقل جي وزارت جي واڳ ديوان گدو مل کي ڪافر سمجھي ان جي هٿ ۾ڏني ويئي آهي ۽ ڏيکارويو ويو آهي ته انساني بدن جو سچو مالڪ جيڪو روح يعني عبدالنبي ڪلهوڙو آهي، تنهن کي معزو ل ڪيو ويو آهي، پر ان جي مدد لاءِ قمرالدين يعني شيخ قمرالدين جيڪو ڪابل جي بادشاهه وٽ مقبول آهي انکي وڪالت طور اوڏانهن موڪليو ويو آهي هينئر جڏهن ته سياري جي موسم آهي، اُميد ته ايندڙ بهار جي موسم ۾ بادشاهه سلامت احمد خان نورزئي کي وڏي لشڪر سان موڪليندو ۽ اهو مير فتح علي سان جنگ ڪري وري عبدلنبي ڪلهوڙي کي حڪومت وٺي ڏيندو ۽ اهڙي طرح آدم کي (آدم ڪلهوڙو جو اولاد) سنڌ جي ناسوت ديهه مان قنڌار جي شهرستان لاهوت ڏانهن معراج ڪرائيندو.
محبا!مون کي مير سهراب جو ڊپ ڪونهي جيڪو سراب (رُڃ) وانگر آهي، يا ٻين انهي جھڙن جو به ڊپُ ڪونهي. باقي نفس شوم (ميرفتح علي) جيڪو چٻ وانگر ملڪ ويران ڪندڙ بي دين آهي پر بدي جيڪا پهچي ٿي، سا پنهنجي نفس کان آهي، جيڪي حضرت حق سبحانه و تعالي جي درگاه مان پهچندو اهو ٺيڪ آهي، پوء سڀڪا چڱائي الله تعالي کان آهي . اي الله جا ٻانها! جيڪا هن دنيا جي نعمت نه ملي سگهي اُن تي ارمان نه ڪر، بيشڪ آخرت واري نعمت چڱي ۽ گهڻو جٽاءُ ڪندڙ آهي.(10)

حضرت پيرسيدﷴراشد روضي ڌڻي﷥ جن جي مڪتوبات شريف ۾ قرآن، حديث، فقه،اصول،نحوي رڪيبون،تصوف جا باريڪ نُڪتا،مُختلف عربي،فارسي ۽ سنڌي شاعرن جا موقعي ۽ محل جي مناسبت سان تمام سُٺا شعر پُڻ بيان ڪيا ويا آهن. خاص ڪري مثنوي مولانا رومي﷥ جي عميق اونهن رازن جي تمام سُٺي وضاحت ۽ اُپٽار ڪئي ويئي آهي مثال مڪتوب نمبر ارڙهين ۾ مثنوي شريف جي پهرئين شعر بابت تشريح ڪئي ويئي آهي.
بشنوازني چون حڪايت مي کند،
و از جدائيها  شڪايت  مي  کند.
بانسري کان ٻُڌ ته ڪهڙي ڳالهه ٿي ڪري، هوء پنهنجي سَٿ کان جُدائي جي شڪايت ڪري ٿي. (پاڻ فرمائن ٿا ته) اي طالب! ڄاڻ ته مثنوي معنوي َقرآن جو مغز آهي پوء اهو خطاب به قرآن ڪريم وانگر هر عام ۽ خاص کي آهي جيئن مولانا رومي﷥ فرمايو آهي
ہر کہ دور افتاد ازبخت ن‍‍ژند،
می کنم آگاہش از بانگ بلند
جيڪو بد بختي کان پري ٿي ويو،آئون ان کي وڏي آواز سان آگاهه ڪريان ٿو۔
وانکہ اودرصف نزدیکان نشست،
راز میگویم بگوشش  پست  پست۔
۽جيڪو ويجھن جي صف ۾ ويٺو آهي ان جي ڪن ۾ آهستي آهستي رازجون ڳالهيون چوان ٿو.
گاہ شرح محنت وہجراں وھم،
بی دلان را داغھا برجان  نہم۔
ڪنهن وقت ته تڪليفن ۽ وڇوڙي جو بيان ڪري غافلن جي دلين تي داغ هڻان ٿو.
گاہ آرم مثردہ قرب وصال،
بخشم اھل ذوق راصدوجدحال۔
ڪنهن وقت وصال جي قرب جي خوشخبري ڏيان ٿو، ذوق وارن کي سوين حال ۽ وجد ڏياري ڇڏيان ٿو.


ہم شرائع رابیان می کنم،
ہم حقائق را عیان می کنم۔
پڻ شريعت جو به بيان ڪيان ٿو ۽ حقيقت کي به ظاهر ڪيان ٿو.
پوءِ بالفرض مثنوي جي مضمون ۾ ان خطاب ذريعي بشارت آهي ته عين اليقين کان اڳ علم اليقين آهي، ڇو ته علم اليقين ٻُڌ سُڌ جو نتيجو آهي ۽ عين اليقين حضوري علم آهي ۽ شريعت پاڪ حقيقت ۽ معرفت کان به مقدم آهي. پوءِ ڄاڻ ته مثنوي شريف باطني معنائن جو درياء آهي انهي ڪري هر هڪ ان کي پنهنجي حوصلي آهر سمجھي بيان ڪري ٿو.
نقل آهي ته هڪ نحوي مسئلو ويٺي بيان ڪيو ته ”کان“ جا ٻه قسم آهن (1) هڪ کان ناقص (2) کان تامه، ۽ جيڪا کان اسم ۽ خبر رکي اها ناقص آهي ۽ جيڪا کان صرف اسم رکي ۽ خبر نه رکي اها تامه آهي اتي هڪ عام ماڻهو ويٺو تنهن اها ڳالهه ٻڌي چيو ته اها ڳالهه دانائن جي راء جي اُبتڙ آهي، ڇا لاءِ ته جنهن کي خبر هجي سوناقص (گهٽ) ٿيو ۽ جيڪو بي خبر هجي سووري ڪامل ٿيو،
( اهو وري ڪيئن ؟ ) انهي مجلس جي ڪنڊ پاسي ۾ هڪ عارف ويٺو هو انهي نحوي جي ڳالهه کي پسند ڪيو ۽ چيائين ته نحوي ٺيڪ ٿو چوي، يعني جيڪو حق تعالى جي اسم ۾ مستغرق آهي ۽ غير جي خبر نه ٿو رکي اهو واقعي ڪامل آهي ۽ جيڪو غير جي خبررکي ٿو اهو ناقص آهي. پوء شريعت وارن جو چوڻ آهي ته هن جاء تي ”ني“ لفظ مان مُراد قلم آهي جيڪو وجود ﷴيﷺ جو ڪنايو آهي.
 ” چون حکایت می کند“جي معنى آهي ته الله تعالى جي احڪامن ۽ فرمان کي پهچائي ٿو، ”از جدا ئیھا شکایت می کند“ جي معني آهي ته خداوندي فرمانن جي مخالفت ڪندڙن جي شڪايت ڪري ٿو.


بشنو از نی چون حکايت می کند،
واز جدا ئیھا  شکایت می  کند۔

واقف اسرار حقائق حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي﷥ مثنوي شريف جي شعر جي معنى هنن لفظن سان ڪري ٿو، وَڍيل ٿي وايون ڪري، ڪُٺل ڪوڪاري،هُن پن پنهنجا ساريا، هيءَ هنجون هَڏن لئي هاري، صوفيا ڪرام جي اصطلاح ۾ ان بيت جون معنائون ڪيترن ئي قسمن تي آهن پهرين هي ته ”ني“ مان مراد اهو ڪامل انسان آهي جيڪو خودي کان خالي ٿي ربوبيت واري  درگاهه جي مٺڙي آواز سان ڀريل ٿي مظهر هجڻ جو مرتبو ماڻي، ٫بي يسمع وبي يبصر، سڏجڻ جو لائق ٿيو.
   ٻيو ”ني“ مان مراد قلم آهي ۽ قلم مان مُراد انسان ڪامل يا نفس قلم آهي ڇو ته ڪنهن به لفظ کي مجازي معني ۾ استعمال ڪرڻ ته عام محاوري ۾ مشهور آهي، پر اهو حقيقت ۾ منع ۽ ناجائز آهي.
ٽيون ”ني“ مان مراد نڙ وارو ڪانو آهي جنهن کي وڄائندا آهن،
چوٿون ”ني“ مان مُراد انسان جو روح آهي، جيڪو هن عالم ۾ ذات جي مظاهر جو ”سردفتر“ ۽ عالم ملڪوت جي مجرادتن جو ”سر حلقو“ آهي. پوء انهن تشبيهن بابت خود صوفين سوال به ڪيا آهن ۽ انهن جا جواب به لکيا آهن. درحقيقت اهو اختلاف لفظن جي ڦير ڦار۾ آهي معني ۾ ڪوبه اختلاف نه آهي. ليڪن علامه رومي جي روش موجب ”ني“ مان مُراد اهو ڪاني جو نڙ آهي جيڪو ظاهر ۾ وڄائڻ جي ڪم ۾ اچي ٿو، ڇوته مولانا رومي قدس سره جي اها عادت آهي جو هو پنهنجي ڪلام حقائق نظام کي برسبيل تمهيد ۽تمثيل قصي ۽ڳالھ جي ذڪر سان مجازي طرح شروع ڪندو آهي ، پوءِ مجاز کان حقيقت ڏانهن جيڪا اصلي مقصد آهي ٽپي ويندو آهي، بلڪ مجاز جي ذڪر ڪرڻ وقت به ان جي نظر حقيقت تي ئي هوندي آهي، ۽ اهڙا الفاظ استعمال ڪندو آهي جيڪي  مثال ڏيڻ ۾ مناسب هڃن، مولانا صاحب پاڻ به انهي حقيقت کي هن طرح بيان فرمايو آهي.


ھرکیش افسانھ بخواند افسانہ است،
وانکہ ديدش نقد آن  مردانہ است۔
جيڪو ان کي آکاڻي ڪري پڙهندو ته ان جي لاءِ آکاڻي آهي ۽ جنهن ان کي حقيقت ڪري ڏٺو اهو همت وارو مرد آهي،
 پوءِ ان بيت جو اصلي مقصد هن طرح آهي ته عارف ڪامل قلم جي مثل آهي جنهن پنهنجا سڀ واسطا ڇني قدرت جي اڳيان سرتسليم ڪيوآهي، يا ته عارف انهي بانسري جي مثل آهي جنهن جو اندر ماسوي الله کان خالي ٿي ربوبيت جي آواز سان پُر ٿيو آهي ۽ پنهنجي اصلي وطن ۾ جيڪو وحدت کان عبارت آهي جنهن کي جمع الجمع به چئجي ٿو۽ نيستان به ان کان عبارت آهي(11)
حضرت علامه مولانا نذير احمد عرشي نقشبندي مجددي لکي ٿو ته روح انساني پنهنجي اصل ۽ سرشت جي لحاظ کان هڪ پاڪ ۽ نوراني مخلوق آهي، انهي جو اصلي ماڳ مقام ملڪوت يعني عالم ارواح هو، جتي اهو الله تعالى جي محبت ۽ ذڪر وفڪر جي سعادت سان بهره ورهو. عالم اجسام جي روحاني عيبن ۽ رذيل اخلاقن کان پاڪ هئي، پر جڏهن اهو الله تعالى جي مشيت سان جسم عنصري سان متعلق ٿي ڪري عالم اجسام ۾ آيو، ته اهو لازمي امرهو جو انهي جي اڳين سعادتن ۾ڪمي اچي جيڪي عالم ارواح ۾ هن کي حاصل هُيون. هتي اچڻ سان اهو روح بُغض ، نفاق،فساد،جھڳڙن،هَٺُ وڏائي،حسد،طمع،رياء،فخر،بخل ۽ خيانت وغيره عيبن سان ملوث ٿي ويو جيڪي عالم سفلي جا لوازم آهن ، اها هڪ بدترين نقصان واري حالت آهي جنهن کي عوام الناس جا روح محسوس نه ٿا ڪن، اُهي ڏينهن رات دنيوي ڪاروبار جي مشغوليتن ۽ ڊگهين اُميدن جي مستي ۾ غافل آهن، ليڪن جيڪو شخص قلب بصير ۽ نفس عبرت گير رکي ٿو يا نهي تهذيب اخلاق ۽ تزڪيه نفس جي ڪتابن جي مطالعي مان عبرت جو سبق حاصل ڪيو آهي يا ڪامل مرشد جي تربيت ان جي دل تان غفلت جا پَردا کڻي ڇڏيا آهن، انهي جو روح معلوم ڪري ٿو ته اهو ڪيڏي اعلى مقام تان تنزل (هيٺ لهي) ڪري هڪ ادني عالم ۾ اچي لٿو آهي، ڪهڙين ڪهڙين سعادتن کان جُدا ٿي هتي اچي آلودگين ۾ ڦاٿو آهي، اهڙو روح پنهنجي محرومي کي محسوس ڪندي افسوس سان چوي ٿو بقول حافظ جي،


طائر گلشن قدسم چہ دہم شرح فراق،      کہ درین دامگہ حادثہ چوں افتادم،
من ملک بودم وفردوس برین جایم بود،     آدم   آورد درین دیر خراب آبادم۔
آئون ته پاڪ باغ جو لاهوتي پکي هئس هن فراق جي وضاحت ڪهڙي ڪريان؟ جو هن حادثي جي ڄار ۾ ڪيئن ڦاسي ويو آهيان.
آئون ته ملائڪ هيس ۽ منهنجو ماڳ فردوس برين هو، هن خراب آباد مندر ۾ مون کي آدم عليه السلام آندو.
لسان العصر اڪبراله آبادي چيو ته،


کچھ نہ پوچھ اےہمنشیں میرا نشیمن تھا کہاں؟
اب تو یہ کہنا بھی مشکل ہے وہ گلشن تھا کہاں؟
هي ته صالحن جي روحن جو عالم آهي، نبين ۽ رسولن سڳورن جا روح پاڪ اگرچه دنيا ۾ اچي روحاني رذائل سان ملوث نه ٿيون ٿين، انهن جون دليون هن جھان ۾ به انوار غيب سان مُتيسر رهن ٿيون، ليڪن ان هوندي به انهن جي روحن پاڪن کي عالم قُدس مان جدا ٿي اهڙي جھان ۾ رهڻ جنهن جي آب وهوا گناهن ۽ خطائن جي پرورش گاهه آهي، گوارا نه ٿو ٿي سگهي، اهوئي سبب آهي جو جڏهن حضور اڪرمﷺجن کي تڪميل دين کانپوءِ هئ اختيار ڏنو ويو ته اگر چاهيو ته دنيا ۾ رهڻ کي منظور فرمايو يا چاهيو ته عالم بالا ۾ پوءِ پاڻ ڪريمن عليه الصلوٰت والسلام جن عالم بالا ۾ رهڻ کي پسند فرمايو.(12)


خرم آں روز کزیں منزل  ویران بروم،
راحت جان  طلبم وازپئے جاناں بروم۔
اهو ڏينهن ڀلارو هوندو جڏهن آئو هن ويران جاءِ مان ويندس، جان جي راحت طلب ڪندس دوستن جي پٽيان ويندس.


دلم ازوحشت زندان سکندر بگرفت،
رخت بر بندم وتا ملک سلیماں بروم۔
سڪندر جي قيد خاني جي وحشت سان آئون تنگدل ٿي ويو آهيان، سفر جو سامان ٻڌندس ۽ سليمان جي مُلڪ ويندس.

جمع الجوامع:-     هي هڪ منقرد نادر ۽ ناياب لغت آهي، هئ ڪتاب حضرت پير سائين سيد ﷴ راشد روضي ڌڻي﷥ قدس سره جن جي علمي پرواز جو واضح ثبوت آهي هن ڪتاب ۾ عربي ۽ فارسي لفظن جو مفهوم ۽ معنائون تمام شرح وبسط سان لکيون ويون آهن، مفهوم ۽ معني کانسوءِ الفاظن جو تضاد ۽ مترادف المعني لفظ، مذڪر۽ مؤنث، واحد ۽ جمع، فاعل ۽ مفعول، مصدر۽مضارع ۽ ٻين زبانن ۾ به انهن لفظن جي مفهوم جي وضاحت ڪئي ويئي آهي.
        مؤلف﷥ هن ڪتاب کي خاص ترتيب سان مُرتب ڪيو آهي، گويا انهي کي حُسن ترتيب جو عظيم شاهڪار قرار ڏيئي سگهجي ٿو. انهي حُسن ترتيب جي ڪري مطلوبه حرف ۽ لفظ کي ڳولڻ تمام آسان آهي.انهي دؤر ۾ اڄ کان تقريبا سوا ٻه سؤ سال اڳ اهڙي ترتيب جو اهتمام رکڻ اهومؤلف﷥ جو اهم ڪارنامو آهي، لفظن کي حروف تهجي جي اعتبار سان مُرتب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ پهرين، ٻئي ۽ ٽين حرف کي ملحوظ خاطر رکندي هن ريت باب ٻَڌو ويو آهي جو پهرين حرف کي ”ڪتاب“ قرار ڏنو ويو آهي، ٻئي کي باب ۽ ٽين حرف لاءِ فصل جو عنوان قائم ڪيو ويو آهي.
جمع الجوامع بحيثيت دائرة المعارف:-
اگر اسان هن عظيم الشان ۽ معرڪة الآراء ڪتاب کي دائرة المعارف (انسائيڪلو پيڊيا) جو نالو ڏيون ته هيءَ لغت صرف لفظن جي معنائن ۽ مفهومن تائين محدود نه آهي بلڪ هن ڪتاب ۾ اسماء الرجال شخصيتن ۽ ماڳ مڪانن جي پڻ احسن طريقي سان وضاحت ڪئي ويئي آهي، پڻ طبي معلومات فراهم ڪئي ويئي آهي هئي ڪتاب هن لحاظ کان به بيحد اهم آهي جو هڪ وڏي صوفي اهل دل هن کي تاليف (جوڙيو) ڪيو آهي، تصوف جون اصطلاحون ۽ انهن جي تشريح هڪ صاحب دل صوفي ئي تحرير ڪري سگهي ٿو. عام لکيل پڙهيل عالم يا اهل لغت تصوف جي بارڪ بينين کي نه ٿو بيان ڪري سگهي.


مثال آئينه شش جهت (ف) حضرت رسالت پناههﷺ واصحاب کہف  ونیز کنایہ از مشاہد ہ حق، وخواجہ نقشبند قدس سرہ گفت کہ آئینہ مشائخ دیگر راجہت است و آئینہ مرا شش جہت است مراد از (آئینہ) شش لطائف است کہ درضمن قلب صنوبري متضمن شدہ و دیگر مشائخ  را  دولطیفہ قلب و روح و تفصیل درمبدا و معاد مذکوراست واللھ اعلم۔ (۱۳)


 آئيني شش جھت مان مُراد حضور اڪرمﷺ جن جي ذات والا صفات، اصحاب ڪهف ۽ حق جي مشاهدي کي به ڪنايه طور آئيني شش جھت چيو ويندو آهي، حضرت خواجه نقشبند ﷥ فرمايو ته مشائخ مان هر ڪنهن شيخ طريقت جي آئيني جا رُخ آهن ۽ منهنجي آئيني جا ڇهه رُخ آهن، آئيني مان مُراد ڇهه لطيفا آهن جيڪي قلب صنوبري ۾ هوندا آهن ٻين مشائخن کي ٻه لطيفا هوندا آهن هڪ قلب ۽ ٻيو روح، وڌيڪ تفصيل ”مبدا و معاد“ ڪتاب ۾ مذڪور آهي.
جمع الجوامع جا ماخذ:-    
جمع الجوامع حقيقي معني ۾ اسم بامسميٰ ڪتاب آهي ڇو ته هن ڪتاب جي ترتيب جي وقت حضرت پير سيدﷴراشد روضي ڌڻي﷥ پنهنجي عهد (زماني ) تائين مرتب شده سڀيئي لغت جا ڪتاب پنهنجي اڳيان رکي هن ڪتاب کي جوڙيو آهي هن ڪتاب ۾ پنجانوي ڪتابن مان استفادو ڪري مواد کي ترتيب ڏني ويئي آهي.
جمع الجوامع ۾ استعمال شده زبانون، اصطلاحون ۽ لغت:-
اگرچه هن ڪتاب جي بنيادي زبان فارسي آهي، ليڪن حضرت پير سيد ﷴراشد روضي ڌڻي﷥ عربي ۽ فارسي کانسواءِ ٻين علاقائي زبانن جا به لفظ، پڻ بيان ڪيا آهن هن ڪتاب جي متن ۾اسان کي جن زبانن جا نالا ملن ٿا اُهي هي آهن عربي، فارسي، اسفهاني، بربري، تبريزي، تُرڪي، دهلوي، سُرياني، سمرقندي، سنڌي، طبي، عبراني، عراقي،  فرنگي، قزويني، ڪرماني، ڪشميري، گيلاني، مشهدي، مصري، مغربي، نيشاپوري، هندي ۽ يوناني وغيرھ.
جمع الجوامع ۾ شامل علوم وفنون:-
علوم قرآن، حديث، فقه، صرف، نحو، اسماء الرجال، انساب، تاريخ، جاگرافي، لسانيات، عربي شعروادب، فارسي شعر و ادب، تصوف و عرفان، طب گياه شناسي، ڪتاب شناسي، سامان حرب،جانور شناسي، تقابل زبان، تقابل اديان، علم عروض، ڪيميا گري ۽ تعميرات وغيره (14)
ملفوظات شريف:- هي ڪتاب حقيقت ۾ حضرت پير سيدﷴراشد روضي ڌڻي﷥ جن جي زندگي مبارڪ جي مختلف پهلوئن بابت، سيروسفر،تعليمات،معمولات،زهد،عبادت ۽ رياضت،صبر ۽ شُڪر، حُسن اخلاق ۽ وقتا فوقتا پنهنجن مُريدن ۽ معتقدن کي مهل موقعي تي جيڪي ارشادات فرمائيندا هُئا انهن فرمودات کي سندن خاص خليفي حضرت محمود نظاماڻي ﷥۱۲۴۸ھ جي دؤران لکي گڏ ڪيو. (۱۵)
 ملفوظات شريف ڪبير جي نصف اول جو سنڌي ترجمو حضرت مولانا محمد قاسم مشوري﷥ ڪيو آهي، جڏهن ته نصف ثاني جو سنڌي ترجمو اسان جي استاد سائين الحاج مفتي دُرمحمد سڪندري﷥ جن ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب جمعيت علماء سڪندريه درگاه شريف پيرجوڳوٺ طرفان ڪيترائي ڀيرا شائع ٿي چُڪو آهي.

صحبت نامه:-     ملفوظات صغير هئي ڪتاب حضرت پيرسيدﷴراشد روضي ڌڻي﷥ جي زندگي مبارڪ ۾ئي سندن فيض يافته خليفي محمد حسين مهيسر﷥ مُرتب ڪيو هن ڪتاب ۾ ۸۳ نقل ۽ نُڪتا آهن هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو ”صحبت سُپيرين جي“ نالي سان استاد العلماء حضرت علامه مفتي عبدالرحيم سڪندري صاحب جن ڪيو آهي.
ملفوظات ڪبير: (مجمع الفيوضات) جي تلخيص جو اردو ۾ ترجمو اردو جي مشهور اهل قلم حضرت علام مولنا ابوالحسان محمد رمضان قادري﷥ ڪيو آهي هئي ڪتاب پڻ جمعيت علماء سڪندريه درگاه شريف پيرجوڳوٺ طرفان متعدد ڀيرا شائع ٿي چڪو آهي.
حوالا ۽ واڌارا
1.       راشدي خاندان جو شجرو  ص ۱۷  از فيض الدين شاه راشدي
2.       سنڌ جابر، بحر ۽ پهاڙ     ص ۱ مطبوع سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد
3.       ملفوظات شريف حضرت روضي ڌڻي ج اول ص ۲۳۰ مطبوع سڪندريه پبليڪيشنز: مترجم مولانا محمد قاسم مشوري جامعه راشديه درگاه شريف

    1.  ایضا                                                                    ص۴۰              پیرجوگوٹھ
    2.      آداب المريدين   ص۸۲  کان ۸۶ تائين   مطبوع  مترجم حافظ محمد يوسف ڀنڀرو سڪندري
    1. اسماء الله الحسني    ص ۴۳   مطبوع              مترجم حافظ محمد اسماعيل ميمڻ سڪندري
    7.ایضا           ص۱۵۴      کان         ص۱۵۷
    8. ايضا                
  • Blogger Comments
  • Facebook Comments

1 comments:

Item Reviewed: حضرت پير سيد محمد راشد روضي ڌڻي﷥ جون علمي خدمتون Description: Rating: 5 Reviewed By: سکندری
Scroll to Top