728x90 AdSpace

Latest News

Ads 468x60px

19 August, 2013

عارفن جي امام جي رسول اللهﷺ سان محبت

مولانا غلام شبير سومرو سڪندري
امام العارفين والعاشقين سيد محمد راشد روضي ڌڻي﷦ حضرت حبيب ڪريم رؤف رحيمﷺ جي عشق ۽ محبت ۾ اهڙو سرشار ۽ محو هئا جو اٿندي ويهندي پنهنجي حبيبﷺ کي پيا ساريندا هئا سندن زندگي مبارڪ ۾ ڪا به اهڙي گهڙي نه آئي جنهن ۾ حضرت حبيب ڪريمﷺ جي سنت ۽ متابعت کي نظر انداز ڪيو هجين. ”من احب شيئا اڪثر ذڪره“ مطابق ڪو به ڪم ڪندا هئا ته اهو ضرور سوچيندا هئا ته هي ڪم منهنجي حبيب پاڪ صاحب لولاڪﷺ ڪهڙي طرح ڪيو آهي.، پوءِ هر هڪ ڪم ۾ پنهنجي محبوبﷺ جي متابعت سان ايترو لطف اندوزٿيندا هئا جو جھان جون سڀ لذتون ان تي قربان ڪري ڇڏيندا هئا.
          تڏهن ته فرمائيندا هئا ته الله تبارڪ و تعالى جل شانه پنهنجي فضل سان اسان کي توفيق ڏني آهي جو سموري جماعت کي ٻوڙ پلاءُ ڪري عمدي ماني پيا کارايون پر پاڻ فقر فاقه کي اختيار ڪيو اٿسون، ڇو ته حضرت حبيب ڪريمﷺ فقر فاقه کي پسند فرمايو آهي. سيد مرتضى شاهه ڪڇي سان گڏ هلندي هٿ هٿ ۾ ڏئي هلڻ مهل فرمايائون ته حضرت حبيب ڪريمﷺ جن به اصحابن سڳورن سان هٿ هٿ ۾ ڏئي هلندا هئا سندن هي الفاظ مبارڪ حبيب پاڪﷺ سان قلبي لڳاءَ ۽ محبت جي نشاندهي ڪن ٿا.
          خليفو غازي خان ۽ حاجي جعفر هڪ ٻئي جي ڪلهن تي ٻانهون رکي سندن سواري جي اڳيان هلڻ لڳا، پاڻ اهو ڏسي سواري تکي ڪري وٽن پهتا ۽ سواري تان هيٺ لهي غازي خان کي حڪم فرمايائون ته اسان جي سواري تي چڙهي هل ته اسان جعفر خان سان ٻانهون ڪلهن تي رکي پنڌ ڪيون ڇو ته اسان جي محبوبﷺ اصحابن سان گڏ اهڙي طرح ڪلهن تي ٻانهون رکي پنڌ ڪيو آهي. سبحان الله! ڪٿي به محبوب جي  ادا نظر آئي ته ان کي اپنائڻ ۾ دير نه فرمايائون بلڪ دنيا جون سڀ آسائشون محبوبﷺ جي ادا تان قربان فرمائي ڇڏيائون.
          خليفي محمود فقير﷥ جڏهن حضرت غوثِ اعظم﷦ جي ڳالهه ڪئي ته سندن ستن دڪن يعني تولن جي کاڌي تي پنجيتاليهه روپيه خرچ ٿي ويندا هئا ۽ اهڙي طرح لطيف طعام کائڻ سان حضرت غوثِ اعظم فرمائيندا هئا ته لطيف راز ۽ عجيب اسرار قلب تي وارد ٿيندا آهن خليفه محمود فقير﷥ مشوري طور عرض ڪيو ته حضور جن به اهڙو عمدو طعام استعمال فرمائن ته بهتر ٿيندو پاڻ جواب ۾ فرمايائون ته حضرت غوثِ اعظم﷦ جو فرمان برحق آهي پر منهنجي حبيب ڪريمﷺ جن سادو طعام استعمال فرمايو آهي ان ڪري اسان کي سادو طعام پسند آهي. مسجد شريف مان ٻاهر نڪرڻ مهل اتفاقا پهريان سڄو پير ٻاهر رکجي ويو ته فورًا ٻاهر رکيل سڄو پير واپس کڻي اندر رکيائون ڇاڪاڻ ته مسجد شريف کان نڪرڻ مهل پهريان سڄو پير ٻاهر رکڻ منهنجي محبوب ڪريمﷺ جي ادا نه آهي بلڪ پهريان کٻو پير ٻاهر رکڻ حبيب پاڪﷺ جي سنت مبارڪ آهي ان ڪري سنت پاڪ جي خلاف کنيل هڪ قدم به يڪدم واپس ڪري محبوب جي متابعت ادا ڪيائون، لاڙ جي سفر ۾ مڪئي ۽ جوئر جي ڦلن تي نظر پئي ته حبيب پاڪﷺ جي ياد اچي وئي مڪئي ۽ جوئر جا ڦلا خريد ڪري جماعت سڳوري ۾ ورهايائون، پاڻ پنهنجو حصو وٺي ڪپڙي جي پانڌ ۾ وجھي سواري تي کائيندا هليا ۽ پاڻ فرمايائون ته هيءَ به منهنجي محبوب جي ادا آهي

جڏهان ڪرٿيام، منهنجي ساڃاه سپرين سان،
تڏهــــــــــــان  ڪر  تر جيترو،  مور  نه  وســـــــريام،
                   اندر  روح  رهيــــــــام، سڄڻ  اوطاقون  ڪـري.

 حيدرآباد ۾ سيد مقبول شاهه جي مسجد ۾ ترڪ ۽ توڪل جي گفتگو دوران سيد مقبول شاهه خواجه عبيد الله احرار ۽ سيدنا سليمان عليه السلام جو ذڪر وچ ۾ آندو ان تي پاڻ فرمايائون ته برابر ڪي نبي سڳورا ۽ اولياءِ ڪرام صاحبِ اسباب هئا پر جڏهن اسان جي قرب ۽ محبت جو مرڪز حضرت حبيب ڪريم ﷺ جي ذات پاڪ آهي ته ٻئي ڪنهن جي قول فعل ڏانهن ڇو نهاريون.
همه شهر پرزخوبان ومن درنگاه ماهي
چه ڪنم ڪه چشمِ بد خو نڪند بَڪس نگاهي
سڄو شهر حسينن سان ڀريل آهي پرمان پنهنجي محبوب جي ديدار ۾ محو آهيان ڇا ڪيان جو منهنجي دل جي اها عادت آهي جو ٻئي ڪنهن ڏانهن نگاهه ئي نه ڪندي آهي ڪڇ جي سفر مڏئي بندر تي جڏهن تشريف وٺي آيا جتان حاجي سڳورا حرمين شريفين جي سفر لاءِ جھازن تي سوار ٿيندا هئا ته کين محبوب پاڪﷺ جي ياد ايترو بيقرار ڪري وڌو جو اکين مبارڪن مان لڙڪ وهي پيا ۽ مديني پاڪ ڏانهن منهن ڪري هي فارسي شعرزبان سان جھونگارڻ لڳا.
اشتياق که بديدارِ تو دارد دلِ من، دلِ من داند من دانم داند دل من
اي حبيب تنهنجي ديدار جو شوق جيڪو منهنجي دل ۾ آهي ان کي منهنجي دل ڄاڻي ٿي ۽ مان ڄاڻان ٿو ۽ سندن ٺاهيل مولود شريف پڻ جھونگاريندا رهيا ۽ اکين مان لڙڪ وهائيندا رهيا
”منهنجو عرض چئو وڃي پيش پرين“
پاڻ عشق جا بحرِ بي پايان هئا، هن ضعيف جي قلم جي زبان کي ايتري طاقت نه آهي جو امام العارفين حضرت سيد محمد راشد روضي ڌڻي﷦ جي عشق نبويﷺ کي ڪماحقه بيان ڪري سگهي پس سندن جي عشق جون چند جھلڪيون قارئين جي خدمت ۾ هديه طور پيش ڪيم

گر قبول افتد زهي عزو شرف
  • Blogger Comments
  • Facebook Comments

0 comments:

Post a Comment

Item Reviewed: عارفن جي امام جي رسول اللهﷺ سان محبت Description: Rating: 5 Reviewed By: سکندری
Scroll to Top