728x90 AdSpace

Latest News

Ads 468x60px

18 August, 2013

مرشد ۽ مريد جو تعلق


حضرت پير سائين روضي ڌڻي رضي الله عنه جون ڳالهيون
مولانا عبد النبي شر سڪندري
امام العارفين حضرت پير سائين روضي ڌڻي رضي الله عنه (۱۱۷۱ هه۱۲۳۴هه) جن ولايت جي اعلى مقام تي فائز هئا، سندن مقام ۽ مرتبي کي سمجهڻ اسان جهڙن لاءِ ناممڪن آهي، پاڻ انوقت جڏهن سفري سهولتون نه هوندي به ڪٿي ڪٿي پهچي رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي امت جي اصلاح ڪئي اٿن، ٻه سو سال گذرڻ باوجود سندن فيض جاري آهي ۽ تاقيامت جاري رهندو،(انشاءَالله) آءٌ ڪو اديب فاضل نه آهيان پرسندن روحاني سمنڊ مان هڪ قطرو حاصل ڪرڻ جي نيت سان هي ٻه اکر لکان پيو،
مرشد مريد کان پري نه آهي، پاڻ فرمايائون جيڪو مريد ائين سمجهي ته منهنجو پير مونکان پري آهي ۽ منهنجا اعمال ۽ احوال نٿو ڄاڻي اهو مريد فيض کان بي نصيب آهي ، جامع ملفوظات خليفو محمود فقير رحمة الله عليه ان جي وضاحت ڪندي لکن ٿا، اهو ان ڪري جو ظاهري بشري صورت پير جي پري آهي پر پير حقيقت الحقائق حقيقتِ محمدي على صاحبها الصلوٰة والسلام جوروحِ اعظم ۽ عقلِ ڪل جو مظهر آهي پوءِ جيڪڏهن روح عالم کان جدا سمجهيائين ته ايمان نه هوندس (ملفوظات شريف ج 2 ص51 )
مرشد جي زيارت وقت روئڻ پاڻ فرمايائون ڪامل جو وجود نور آهي، جڏهن نور جي پرٽ حاضرينِ مجلس تي پوي ٿي تڏهن انهن۾ بي اختيار روئڻ جي ڪيفيت پيدا ٿئي ٿي (ملفوظات شريف ج 2  ص 149)
مرشد جي صحبت
يا هج پرين وٽ يا ڪج پرين سندي پچار
پاڻ فرمايائون ته مبتدي طالب کي کپي ته هميشه پنهنجي پير جي صحبت ۾ رهي ، هڪ گهڙي به ان جي صحبت کان پاسي نه ٿئي، طالب کي عام ماڻهن ۽ عورتن جي صحبت کان تمام پرهيز ڪرڻ گهرجي ۽ مرشدجو حضور لازم ڪري وٺي پر جي پنهنجي مرشد جي صحبت کان جدا ٿي پوي ته انوقت کپيس ته پنهنجي مرشد ڪامل جي مناقبن ۽ وعظ ۽ نصيحت جي ڳالهين ۾ مشغولي ڪري (ملفوظات شريف ج 2 ص 112)
مرشد جي صحبت نه ملي ته
پاڻ فرمايائون جيڪڏهن اسان جي صحبت کان غائب هجو ته سمهڻ مهل هڪ ٻئي سان اسان جون ڳالهيون ٻولهيون ڪري پوءِ سمهندا ڪريو، ته پوءِ گويا اسان جي حاضر مجلس مان هوندو  (ملفوظات شريف ج 1 ص342)
مرشد کان فيض نه ملڻ جو سبب،
پاڻ فرمايائون هن زماني جا ماڻهو ويساهه نه هجڻ ۽ اوليائن سڳورن ۽ ڪامل مرشدن جي بي ادبي ۽ حقن بجا نه آڻڻ سبب فيض وارا نٿا ٿين. اهڙن ماڻهن جي بي نصيبي جو سبب هي آهي ته سندن دليون ۽ نيتون صاف نه هونديون آهن(ملفوظات شريف ج 1 ص34) ۽ فرمايائون جنهن مريد کي ذڪر فڪر جو گهڻو شوق هوندو ۽ عبادت ۽ رياضت جي مشغوليءَ ۾ به کڻي محڪم هوندو پر پنهنجي مرشد ڏانهن سندس ويساهه پورو ۽ ثابت قدم نه هوندو ته ان مريد کي ڪڏهن به فيض جو ڀاڱو نه پهچي سگھندو پر جي ڪو مريد سچي ويساهه ۽ محڪم عقيدي وارو هوندو توڻي جو ذڪر ۽ فڪر ۾ قصور پيو ڪندو ته به اهو مريد نيٺ فيضياب ٿي ويندو. (ملفوظات شريف ج 1 ص337) 
مرشد جي اولاد جو ادب
پاڻ فرمايائون جيڪڏهن ڪنهن ولي ڪامل جي اولاد پنهنجي والد جي پيرويءَ تي نه هجي ته به ماڻهن کي سندس والد مڪمل جي نظر ڪري انجي خدمت ۽ ادب بجا آڻڻ کپي ۽ سندس افعالن ۽ اعمالن ڏي نه نهارڻ کپي جيئن ته پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وسلم جن فرمايو الصالحون لله   والطالحون    لي   يعني منهنجي اولاد مان صالحن کي الله لڳ عزت ڏجو ۽ بدڪارن کي منهنجي ڪري  (ملفوظات شريف ج 1 ص191 ) 
دلي طور مرشد کان ٿوروبه ڦرڻ
پاڻ فرمايائون جيڪڏهن دل ۾ آڻي ته پنهنجي مرشد کان ڦريس ته پوءِ توڻي ان کان پوءِ هزار توبهه ڪري ته به هرگز قبول نه پوندي ۽ ان شخص جو مثال ان ڪني آني جي آهي جو توڙي سو ڪڪڙين هيٺ رکجيس ته به هرگز ان مان ٻچو پيدا نه ٿيندو ۽ نه ڪنهن ڪم اچي سگهندو.  (ملفوظات شريف ج 1 ص159)
بي ادبيءَ کان بچڻ
پاڻ فرمايائون پنهنجي طريقي کانسواءِ جيڪي ٻيا طريقا آهن تن جو بي ادب نه ٿجي،  جيڪو شخص فقيرن جي ٻين طريقن جو عيب ڪڍندواهويهودين۽نصارن جهڙوچئبو،(ملفوظات شريف ج 1 ص163) ۽ فرمايائون جيڪو شخص ڪنهن به بزرگ جي خاندان جي شڪايت ڪندوگويا پنهنجي مرشدجي شڪايت ڪيائين
(ملفوظات شريف ج 1 ص159)
مرشد جهڙو ڪنهن کي به نه سمجھڻ        
پاڻ فرمايائون ٻين فقيرن جي طريقت جا بي ادب نه ٿيو پر سڀني کي پنهنجي مرشد جهڙو نه سمجھبو، مرشد کي مرشد ڪري ڏسجي ٻين بزرگن جي طريقي جو ڪو انڪار ڪندو ته اهو يهودي يا نصارو ٿي مرندو (ملفوظات شريف ج 1 ص163)
مرشد جي ملفوظ کي مثل وحيءَ جي ڄاڻڻ
پاڻ فرمايائون مريد کي جڳائي جيڪو به نڪتو پنهنجي مرشد جيزبان گوهرِافشان مان ٻڌي ته انکي وحيءَ وانگر ڄاڻي لکي ڇڏي، اميد آهي ته انهن برڪت ڀريل لفظن جي طفيل اهو مريد بي بها نعمت ۽ اعلى درجي کي پهچندو
(ملفوظات شريف ج 2 ص437)
طالبن کي الله جلّ جلالُه جي رستي لائڻ
مرشد وٺڻ جو مقصد الله ۽ انجي رسول صلي الله عليه وسلم کي حاصل ڪرڻ آهي، اصل مقصود ۽ مطلوب الله ۽ انجو رسول آهي پر افسوس! جو اڄ ڪلهه جي رسمي مشائخ جو مقصود پنهنجي ذات آهي، انڪري مخلوق جي اصلاح گھٽ پنهنجي متعلقين جي اضافي تي گھڻو زور آهي، حضرت پير سائين روضي ڌڻي رضي الله عنه جماعت جي اصلاح جي وڌ کان وڌ ڪوشش ڪندا هئا، سندن جو اولاد الحمدلله عام رسمي پيرن وارونظريو نه رکندا آهن، جو انهن کي پنهنجي مشائخي ۽ سفارش جو آسرو ڏيئي ڏن ۽ نذرانا وصول ڪندا هجن، باقي عمل کان خالي هجن.
هڪ سادات سڳوري جڏهن سندن خدمت ۾ عرض گذاريو ته هي ٻانهو اوهان کي پرتل آهي ته پاڻ فرمايائون ته ڪنهن شخص هڪ واٽ ويندڙ بزرگ کي دعوت کائڻ لاءِ عرض ڪيو، ان بزرگ سان گڏ گڏهه به هو، ميزبان پاڻ تي سندن لاءِ طعام ۽ انجي گڏهه کي گاهه داڻو ڏيڻ مقرر ڪيو ان فقير ميزبان جي چوڻ تي اعتبار ڪري توڪل واري واٽ ڇڏي، حق سبحانه وتعالى کانسواءِ غير تي ڀروسو ڪري ويهي رهيو جڏهن رات ٿي ته الله سبحانه وتعالى ان ميزبان جي دل تان غير تي ڀروسي ڪرڻ جي غيرت سببان گڏهه جي خدمت ڪرڻ واري ڳالهه وساري ڇڏي، صبح جو موڪلائڻ وقت اهو بزرگ جڏهن گڏهه تي سوار ٿيو ته گڏهه ساري رات جي سخت اُڃ ۽ بک سببان بي حال ٿي ڪري پيو، اهو مثال ڏيئي فرمايائون ته اهو مثال انهن بي دين رسمي پيرن ۽ مشائخن جو آهي جيڪي نذرانن ۽ تحفن وٺڻ لاءِ محڪم ۽ مستقيم هوندا آهن مگر دين جي دڳ کان دور ۽ روڪيل هوندا آهن. جيڪي ماڻهو بي دينن کي هديه ۽ خيراتون ڏين ٿا ۽ اُهي وري انهن لاءِ دعائون گھري قيامت جا بار پاڻ تي کڻن ٿا انهن کي آسرا ڏيئي چونٿا ته توهان اطمينان ڪريو جو اسان توهان کي سوال جواب وقت آزاد ڪرائينداسون سو انهن جو مثال به اُن گڏهه واري شخص جي مثال جهڙو آهي. اُهي به گهڻن ٻٽاڪن جي ڪري قيامت ۾ڪريا پيا هوندا، پاڻ ان سيد کي فرمايائون وس آهر ڪوشش ۾ مشغول رهجو(ملفوظات شريف ج 2 ص438 صحبت نامون) ان حوالي سان ڪڏهن ڪڏهن جماعت کي سخت تنبيهه زجر و توبيخ ڪندا هئا . جماعت کي وعظ ونصيحت ڪندي هي الفاظ مبارڪ به زبان گوهر افشان سان فرمائيندا هئا، متان سڀاڻي قيامت جي ڏينهن حساب مهل ڪوئي حجت آڻي ته اسان کي ڪنهن ڪونه ٻڌايو تنهن ڪري پنهنجي خدا سان هجو، اسان جو هي قول توهان جي حجت کي سڀاڻي باطل ڪندو (ملفوظات شريف ج 1 ص101) هڪ ڀيري هڪ فقير سندن ڪپڙي مبارڪ جي دامن وٺي عرض ڪيو “دامن لڳي جو ننگ توهان تي آهي” فرمايائون “هي دامن وارو ڪپڙو نيٺ فنا ٿي ويندو،دامن اها نه آهي دامن هيءَ آهي ته اوهان متابعت، تابعداري واري دامن کي سچي ارادي ۽ ڪامل اعتقاد سان مضبوط ڪري وٺو”  (ملفوظات شريف ج 2 ص473) انجو اهو مطلب نه آهي ته مرشد مريد جي قبر قيامت ۾ مدد نٿو ڪري سگھي پر اهو مريدن جي اصلاح ، اعمالِ صالحه جي ترغيب لاءِ آهي، اهو به فرمايائون ته قبر ۾ مرشد جي دوستي ڪم ايندي، ۽ مرشد ڪامل ملائڪن جي هٿان کيس ڇڏائي آزاد ڪندو. (ملفوظات شريف ج 1 ص100)
مريد صادق مرشد جا هٿ
خليفي محمد حسين مهيسر رحمة الله عليه کي فرمايائون ته اوهان منهنجا هٿ آهيو، جيڪڏهن پنهنجي هٿن کي سڙڻ نه ڏنم ته انشاءَ الله توهان کي سڙڻ نه ڏيندس “صحبت نامون”
مريد بدران يار   
پاڻ فرمايائون مريد بدران يار جو لفظ چئجي ته بهتر آهي، ڇا ڪاڻ ته حضرت پيغمبر صلي الله عليه وسلّم جن جي زماني پاڪ ۾پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وسلم جي پوئلڳن لاءِ(اصحابي) لفظ چئبو هو،جنهن جي معنٰي آهي يار ۽ ساٿي       (ملفوظات شريف ج 2 ص30)
 هر هڪ کي بيعت ڪجي        
پاڻ فرمايائون سڀئي الله جل جلالُه جا ٻانها آهن، هي زمانو آزمائڻ ۽ تجربي جو زمانوڪونه آهي ،جيئن اڳيان بزرگ آزمائي ۽ استخاره ڪرائي پوءِ بيعت لاءِ تلقين فرمائيندا هئا،پر هر هڪ کي تلقين ڪجي جنهن جو نصيب هوندو ، سو اچي دام ۾ پاڻهي پوندو ،   (ملفوظات شريف ج 2 ص451)
مبتدي لاءِ گوشه نشيني
پاڻفرمايائون مبتدي (سلوڪ ۾ نئين داخل ٿيندڙ طالب)کي گوشه نشيني ضروري آهي جو مڙني شين ڪان پنهنجو منهن موڙي هق سبحانه وتعاليٰ ڏانهن متوجه ٿئي،   (ملفوظات شريف ج 2 ص453)
مرشد سان شريعت مطابق ويساھ رکي
پاڻ فرمايائون مريد کي پنهنجي مرشد ڏي ريساه ۽ ارادو شريعت موافق رکڻ گهرجي ،نصارن وانگر زيادتي نه ڪرڻ گهرجي،جوانهن پنهنجي نبي کي ابن الله (الله جو پٽ) چئي نيٺ گمراهي جونتيجو حاصل ڪيائون.  (ملفوظات شريف ج1 ص345)
 
مرشد جي حضور ۾
پاڻ فرمايائون طالب مبتدي کي کپي ته پنهنجي دل واري ڦرهي بد اخلاقن ۽ خراب عادتن ۽ خيالن کان مهٽي صاف ڪري پوءِ مرشد مڪرم جي حضور ۾ حاضر ٿئي ته پوءِ جلد غيبي فيوضات کان بهرياب ٿي پوندو، پاڻ فرمايائون ۾رشد ڪامل جي حضور ۾ دل کي حاضر ڪري ويهجي، جيڪڏهن دل حاضر نه ٿئي ته نه ويهجي (جو اهڙي شخص کي فيض نه ملندو ۽ بي نصيب رهجي ويندو) (ملفوظات شريف ج 2 ص471)
مسلمان ۽ ڪافر ۾ فرق
اڄ ڪلهه جا ڪي صوفي فقيريءَ ۾ مسلمان ۽ ڪافر ۾ فرق نه ڪندا آهن، انهن جو خيال آهي ته مسلمان ۽ ڪافر ۾ فرق نه آهي ٻنهي مان  هرهڪ طالب ٿي سگهي ٿو، پاڻ اهڙي طريقي رکندڙ جي ڪتاب پڙهڻ کان منع فرمائي اٿن

 دل جي ڳالھه مرشد سان

  پاڻ فرمايائون پنهنجي دل جي مخفي راز جي ڳالھه پنهنجي مرشد ۽ والد کانسواءِ ٻئي ڪنهن ان نه اورجي، پوءِ توڙي کيس دل خواه دوست ۽گهرو يار هجي. (ملفوظات شريف ج 1 ص120)
طالب کي درياءَ وانگر هجڻ گهرجي۔
1.    طالب کي درياءَ وانگر ٿيڻ گهرجي پاڻ فرمايائون طالب کي درياءَ وانگر ٿيڻ گهرجي ، دٻو نه ٿيڻ گهرجيس، جو هڪڙو پٿر پئجي وڃيس ته به ميرو ۽ مٽيل ٿي پوي.                           (ملفوظات شريف ج 1ص120)                                                                 پير ڀائي جي عزت
            پاڻ فرمايائون سڀني مريدن جا روح ڪامل مرشد جي هٿ ۾ هوندا آهن، ان ڪري جماعت جي پاڻ ۾ محبت هوندي آهي،۽فرمايائون نسبت واري مريد جي نشاني اها آهي،جو جٿي به پنهنجي هم مرشد مريد کي ڏسندو ته سندس دل ڇڪجي پوندي. (ملفوظات شريف ج 1 ص345 )                                                                              ڪامل مرشد مريد کي ڏکن جي طوفان مان ڪڍي ٿو                   هيڪر پاڻ فرمايائون سمنڊ۾ هڪڙي قسم جي مڇي ٿيندي آهي،جنهن کي راموز ڪري سڏيندا آهن،اُها مڇي انسان جي صورت تي عاشق هوندي آهي،پوءِجيڪڏهن قضا الٰهي سان ڪا ٻيڙي سمنڊ ۾ ٻڏي پوندي آهي، ته اُها مڇيماڻهو کي پنهنجي پٺي تي ويهاري سمنڊ جي ڀڪ سان نيئي ڇڏيندي آهي.هي مثال پاڻ پير ۽ مريد بابت ڏنو اٿن.
ھست راموزمرشدِ کامل ( ملفوظات شريف ج 1 ص 332)
مرشد جو امر بجا آڻجي
پاڻ فرمايائون  ته اسان حضرت ميان صاحب قدس سره (سندن والد محترم ۽ مرشد) جي امر بر خلاف ڪڏهن به نه ڪندا هئاسون،پاڻ انهي ڪري اسن کان بلڪل راضي ۽خوش ۽ خرم ٿي فرمائيندا هئاته الله تبارڪ و تعاليٰ توکي ڪنهن جو محتاج نه ڪندو،بلڪه ٻيا تنهنجا محتاج رهندا.                  (ملفوظات شريف ج 1 ص 333)                                                                          مرشد سان رابطو۽ تعلق مضبوط
پاڻ فرمايائون مرشد سان مريد جو (دلي) رابطوجيترو وڌيڪ هوندو(پري هجڻ باوجود ) ان کي فيض روبرو صحبت ڪرڻ کان وڌيڪ ملندو (ملفوظات شريف ج1 ص335)  ۽ فرمايائون مريد کي پنهنجي مرشد سان اهڙو ته رابطو محڪم ڪرڻ کپي۽ همت۽ استعداد پيدا ڪرڻ گهرجيس جو سندس ظاهري شڪل ۽ صورت به پير جهڙي صورت جهڙي ٿي وڃي. (ملفوظات شريف ج1ص341)        
۽ فرمايائون ته ڪو پير هو تنهن پنهنجي هڪڙي مريد جو سندس رابطي ۾ بلڪل متحدالوجود هو. حڪم ڪيائين ته فلاڻو جيڪو منهنجو خليفو جو خدا تعاليٰ جي خاص ٻانهن ۽ وڏن عارفن مان آهي،ان جي صحبت ۾ وڃي فيض حاصل ڪر پر هو نه ويو (زبان حال سان )عرض ڪيائين                                         ھم شھر پر خوبان ومن درنگاہ ماھی ،چہ کنم چشم بد خو نکند بکس نگاہی
              (ملفوظات شريف ج1 ص 336)  ۽ فرمايائون ڪامل شخص سان مضبوط رابطو ۽ تعلق طالب هٿان نه ڇڏيندو ته بي فائدن خيالاتن جي گوڙ ۾ ڪڏهن به گمراه نه ٿيندو.(ملفوظات شريف ج1 ص338)                                                          مرشد جي محبت جي لاءِ به ڪي شرط
پاڻ فرمايائون دوستي ۽ محبت لاءِ ڪي شرط آهن،جي اُهي نه لڀندا ته دوستي ۽ محبت جي دعوٰي به رڳو ٻٽاڪ، ۽ڪوڙِ دعوٰي چئبي، پهريون هي ته عاشق پنهنجي محبوب کي سڀني صفتن ۾ اهڙو ڪري سمجھي، جو ڀانئي ته سندس مٽ ڪوبه نه آهي،نه وري انهن سهڻين صفتن ۾ ساڻس ڪو برابري ڪري سگھندو، ٻيو ته ڪنهن به شيء کي محبوب واري قرب ۽ محبت ۾ ڀائيوار ۽ شريڪ نه ڪري، ٽيون ته انهن جي دوستن سان دوستي رکي،۽ چوٿون ته انهن جي دشمن کي دشمن ڪري ڄاڻي.(ملفوظات شريف ج1 ص 342)
ادب                                                                        
روحاني فيض جي حصول لاءِ ادب ضروري آهي،ان حوالي سان ملفوظات شريف جو مطالعو مفيد رهندو،پاڻ فرمائن ٿا، اصل مقصد ظاهري توڙي باطني ادب کانسواءِ هرگز حاصل نه ٿيندو.(ملفوظات شريف ج1 ص188) مرشد تي اعترض نه ڪري پاڻ فرمايائون مريد کي پنهنجي پير جي ڪمن ۾ چون چرانه ڪرڻ گهرجي بلڪه جيڪي سندس مرشد ڪري تنهن کي حق ڄاڻي ۽ حق ڏسي ۽ ويساه رکي،پر جيڪي سمجھ ۾ نه اچيس ته مرشد تي اعتراض نه ڪري بلڪه پنهنجي سمجھ جو قصور ڄاڻي،۽ مرشد کي پاڪ سمجھي، انهيءَ ڪم کي خدا تعاليٰ جي حوالي ڪري ڇڏي (ملفوظات شريف ج1 ص188) ۽فرمايائون نه ته (هٰذا فراق بيني وبينک) جو خطاب ٻڌڻو پوندس. (ملفوظات شريف ج1 ص 190))   ظاهري مال دنيا جي لالچ پاڻ فرمايائون جيڪو مريد، مرشد جي ظاهري مال ۾ طمع رکندو، يا بناموڪل تصرف ۾ آڻيندو،ته اهو شخص باطني علم ۽ معنيٰ کان محروم، 7 بي نصيب رهجي ويندو.(ملفوظات شريف ج1 ص 193)                                         اللّٰهم انفعنا من فيوضاته الباطنيته  آمين
  • Blogger Comments
  • Facebook Comments

0 comments:

Post a Comment

Item Reviewed: مرشد ۽ مريد جو تعلق Description: Rating: 5 Reviewed By: سکندری
Scroll to Top