728x90 AdSpace

Latest News

Ads 468x60px

28 November, 2011

اداريو

اداريو
علم جي اهميت ۽ ضرورت

                                          مفتي محمد رحيم سڪندري

انسان جي اهم ترين ضرورت علم آهي. غالباً انهيءَ جي ڪري قرآن ڪريم جي اولين ۾ ”اقرا“ جي ڪلمي سان نه فقط علم پڙهڻ ۽ حاصل ڪرڻ جو حڪم فرمايو، بلڪه انهيءَ وحيءَ جي پنجن ئي آيتن ۾ قلم ۽ تعليم جي عظمت ظاهر ڪئي ويئي.
انسان جي شرات ۽ ابوالبشر آدم عليہ السلام جي تعظيم ۽ فوقيت جوعظيم وجہ به علم ۽ تعليم کي قرار ڏنو ويو.
نبي اڪرمﷺ پڻ فرمايو، ته مون کي مڪارم اخلاق ۽ ديني ۽ دنيوي حسن ۽ جمال جو معلم ڪري موڪليو ويو. ”انما بعثت معلما لاتمم مڪارم الاخلاق“ پاڻ ڪريمنﷺ جن براھِ راست الله تعالى کان تعليم ورتي، فرمايائون، ”ربني يا علمني ربي فاحسن تاديبي“ پاڻ ڪريمﷺ جن علم ۽ نور جي برڪت جي دعا گھرندا هئا. سندن اهم ترين منصب ڪتاب الله ۽ حڪمت جي تعليم ظاهري ۽ باطني تربيت قلم جي صفائي، اخلاص، امانت ۽ تقوى جي تعليم هئي. تعليم جو مفهوم فقط ڪتاب پڙهڻ پڙهائڻ تائين نه آهي. بلڪه غور فڪر تحقيق مزيد تحقيق (ريسرچ) جديد علوم ۽ فنون کان نه فقط پوري طرح واقفيت بلڪه انهيءَ جي لاءِ هر سطح تي جدوجهد ڪرڻ انهيءَ جي لاءِ جديد تقاضائن مطابق صاف سٺا صحت بخش اصولن مطابق بهترين ادارا قائم ڪرڻ. ادارن ۾ داخلا کان وٺي آخر تائين ميرٽ، صلاحيت ۽ ذهانت جي روايت قائم رکڻ. بهترين استادن جي فراهمي يقيني بنائڻ . الحمدلله پيرسائين پاڳارھ جي سرپرستيءَ ۾ قائم ديني ادارھ جامعہ راشديہ ۽ ان سان لاڳاپيل ذيلي ديني ادارھ پوري اخلاص سان خدمتون سرانجام ڏيئي رهيا آهن. بحمدھٖ تعالى تنظيم المدارس اهلِ سنت پاڪستان ۾ جامعہ راشديہ جو منفرد مقام آهي.
جهڙيءَ طرح خانقاه تي ديني تعليم جو بهترين سلسلو پيرسائين دامت برڪاتہ العاليه ڪيو آهي، ٺيڪ انهيءَ طريقي سان فني، سائنسي، انجينيئرنگ، ميڊيڪل تعليم جي لاءِ ادارن جي قيام جي ضرورت آهي.
اها ضرورت درگاه شريف جي عالي مرتبت سجادھ نشين جي دعائن سان جماعت انتظام ڪري سگھي ٿي.        

  • Blogger Comments
  • Facebook Comments

0 comments:

Post a Comment

Item Reviewed: اداريو Description: Rating: 5 Reviewed By: سکندری
Scroll to Top