728x90 AdSpace

Latest News

Ads 468x60px

18 August, 2013

ملفوظات شريف ۾ وارد ٿيل آيات ڪريمه


حافظ جمشيد احمد سڪندري
 
الله سائينءَ انبياءِ ڪرام کان بعد پنهنجي ٻانهن لاءِ پنهنجا پيارا اولياء هن ڌرتي تي پيدا فرمايا. سنڌ سونهاري انهن موتين سان بهرپور آهي، ۽ انهن لعلن ۾ رب سائين اهڙو ته بي بها ۽ ناياب گوهر هن ڌرتي کي عطا فرمايو جنهن جي زندگي جي هر گھڙي رضاءِ الهي لاءِ وقف ڪيل هئي جنهن سنت رسول صلي الله عليه وسلم کي پنهنجي جند جان کان وڌيڪ ترجيح ڏني ۽ ان جي فيض درجات مان هند ، سنڌ سرشار ٿيا ۽ ان جي عملي زندگي جا واس اڄ به سڳند جيان واسين ٿا. ۽ ان جي نوراني تجليات جا جلوه حق جي واٽ جي متلاشي لاءِ مشعل راھ آهي ۽ ان جي علمي باغ جا قلم صدين گذرڻ جي باوجود ساوا بڻيل آهن دنيا ان آفتاب ماهتاب کي سيد محمد راشد روضي دهني عليه الرحمه جي نالي سان ياد ٿي ڪري مرزا قليچ بيگ جي چواڻي موجب ته سنڌ پير سائين روضي ڌڻي  جھڙو دور نه اڳي ڏٺو ۽ نه پوءِ ڏسندي. پاڻ جماعت سان جتان به ذڪر ڪندي گذرندا هئا ته اتان جي هر شيءِ ذڪر الٰهي ۾ مشغول ٿي ويندي هئي

ملفوظات شريف ۾ سندن جي وصال مبارڪ جي تاريخ رجب جي آخري تاريخ شعبان جي چنڊ واري رات 1234هجري بيان ٿيل آهي.

پاڻ مريدين ۽ جماعت سڳوري کي واعظ و نصيحت لاءِ بطور استدلال قراني آيات واحاديث ۽ اسلاف صالحين جا اقوال پيش فرمائيندا هئا جنهن مان سندن جو علمي ڪمال ظاهر ٿئي ٿو ۽ پاڻ مواقع مطابق آيات ڪريمه جون سمجھاڻيون ۽ تفسير اهڙي ريت بيان فرمائيندا هئا جو سالڪ کي ڳالهه سگهوئي سمجھ ۾ اچي ويندي هئي، اهڙيون آيتون ته کوڙ آهن پر هي عاجز راقم انهن مان نموني طور چند هديءِ قارئين ڪرڻ چاهي ٿو.

(1)    باب: دنيا جي مذمت –ج ا-ص 353-

ان احسنتم احسنتم لانفسڪم وان اساتم فلها . بني اسرائيل. آيت 7                  

     ترجمو:  يعني ته جيڪڏهن نيڪي ڪند‍‌‎ؤ ته  پنهنجي جند لاءِ نيڪي ڪند ؤ. پر جي مٺائي ڪند ؤ ته به وبال پنهنجي نفس جي مٿان اٿو.          

پاڻ انهيءَ هنڌ فرمائيندا هئا ته هن ۾ حقيقت جي رمزن مان هڪڙي عجيب رمز آهي. اهڙي طرح جيڪو به شخص پنهنجي هستيءَ کي فنا ڪري ڇڏيندو ته اهو نه رڳو هميشه جي حياتي حاصل ڪري وجھندو بلڪه الله تبارڪ و تعالي کي به ڳولي لهندو.

(2)    دنيا جي مذمت –ج ا-ص 366-

ارايت من اتخذ الهه هواه . فرقان، آيت 43

ترجمو:   يعني ته اي پيغمبر ڪريم صلي الله عليه وسلم تو ڏٺو ان شخص کي جنهن خداوند ڪريم کي وساري پنهنجن سڌن ۽نفسن جي خيالن کي پنهنجو خدا ڪري بڻايو آهي.

                   پوءِ پاڻ فرمايائون ته جيڪو انهيءَ منزل کان چڙهي هلندو ته الله تبارڪ و تعاليٰ جي عبادت وارين لذتن ۾ مصروف ٿيندو.

(3)    باب: مريد تي شفقت – ج ا- ص 460

ونحن اقرب اليه من حبل الوريد . ق: آيت 16  

ترجمو:   يعني ته اسين انسان کي سندس ساه جي رڳ کان به زور ويجھا آهيون.

پاڻ فرمايائون اها ڳالهه واقعي آهي ته الله تبارڪ و تعالي ماڻهن کي ساه جي رڳن کان زور ويجھڙو آهي، پر جيڪو انهيءَ کي سڃاڻندو سو ٻين تي به اعتبار ۽ ارادو رکندو.

(4)    باب: ٻانهي تي توجھ –ج ا، ص 490

ـ رحمتي وسعت ڪل شيء . اعراف: آيت 156

ترجمو: يعني ته منهنجي رحمت سڀني شين کان ڪشادي آهي.

پوءِ پاڻ هي بيت زبان مبارڪ سان فرمايائون،

اگر در دهد يڪ صداءِ ڪرم

عزازيل گويد نصيبي برم.

يعني جيڪڏهن الله سبحانه و تعاليٰ هڪڙو کڻي احسان جو هوڪو گهمائي ته ابليس چوندو ته آئون به بخشش جو ڀاڱو حاصل ڪري وجھندس.

(5)    باب: طالبن جي بلند همتي –ج ا، ص 424.

يانار کوني بردا وسلاما عليٰ ابراهيم .                انبياء:آيت، 69

ترجمو: يعني اي باهه ! حضرت ابراهيم عليه السلام تي ٿڌي ۽ سلامتي واري ٿي پؤ.

پاڻ انهيءَ هنڌ فرمائيندا هئا ته اي يارو! الله تبارڪ و تعاليٰ جي طالب کي به ايتري قدر همت ۽ معرفت رکڻ ضروري آهي.

(6)    باب: باادب بانصيب – ج ا، ص 196.

“اينما تولوا فثم وجه الله ” .   البقره : آيت ، 115

ترجمو: جيڏاهن به منهن ڪندو اوڏانهن ئي الله تعالي جلشانه جي ذات پاڪ اوهان کي سامهون آهي.

تڏهن به سجدي لاءِ هڪ ئي بيت الله شريف جو پاسو مقرر ۽ معين فرمايو ويو. اگر سڀئي پاسا سجدي لاءِ هجن ها ته سڀني طرفن جا ادب ڪنهن کان به پورا نه ٿي سگهن ها.

          سندن جي گفتار هميشه حڪمت جي موتين سان ڀريل هوندي هئي سندن جي روش مبارڪ هوندي هئي ته پاڻ اجايو ڪلام نه فرمائيندا هئا.

زندگي جي هر رخ ۾ سندن کي سرسري حاصل هئي  خاص ڪري ظاهري ۽ معنوي علمن سان الله سائين کين سمنڊ بڻائي ڇڏيو ڪنهن آيت حديث يا ڪنهن شعر جي حقيقت اهڙي ريت بيان فرمائيندا هئا جو سالڪ ۽ طالب جو ان تي عمل ٿي ويندو هو.

سورھ رحمٰن “ويبقٰي وجه ربڪ ذوالجلال والاڪرام”

۾ فرمائن ٿا ته وجه مان مراد پاسو آهي سڀ شيءِ فنا ٿي ويندي پر الله جو پاسو ۽ طرف سلامت رهندو.

شل باري تعالٰي اسان کي سندن جي فيض مبارڪ مان بهرور ٿيڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ سندن جي فيض کي تاقيام جاري و ساري فرمائي.          آمين
  • Blogger Comments
  • Facebook Comments

0 comments:

Post a Comment

Item Reviewed: ملفوظات شريف ۾ وارد ٿيل آيات ڪريمه Description: Rating: 5 Reviewed By: سکندری
Scroll to Top