728x90 AdSpace

Latest News

Ads 468x60px

28 November, 2011

ضياء القرآن

ضياء القرآن                  

قرآن مجيد جو ترجمو ۽ تفسير


يَسْأَلُونَكَ عَنِ الأهِلَّةِ قُلْ هِيَ مَوَاقِيتُ لِلنَّاسِ وَالْحَجِّ وَلَيْسَ الْبِرُّ بِأَنْ تَأْتُوا الْبُيُوتَ مِنْ ظُھُورِهَا وَلَكِنَّ الْبِرَّ مَنِ اتَّقَي وَأْتُوا الْبُيُوتَ مِنْ أَبْوَابِھَا وَاتَّقُوا اللھَ لَعَلَّكُمْ تُفْلِحُونَ (١٨٩) سورة البقرھ آيت 189

ترجمو: پڇن ٿا توھان کان ۲۳۰نون چنڊن جي باري ۾ (ته اھي ڇو گھٽجن وڌن ٿا) فرمايو اھي وقت جون نشانيون آھن ماڻھن جي لاءِ ۽ حج جي لاءِ ۽ ھي ڪا نيڪي ناھي جو توھان داخل ٿيو گھرن ۾ انھن جي پٺئين پاسي کان ھائو نيڪي ته ھي آھي جو انسان پرھيزگاري اختيار ڪري، ۽ ايندا ڪريو گھرن ۾ ۲۳۱انھن جي دروازن مان ۽ ڊڄندا رھو الله کان ان اميد تي ته ڪامياب ٿي وڃو۔

تفسير: ۲۳۰قدرت جو ڪمال ڏسو ھڪ طرف فطرت جي ظاھرکي ايترو سھڻو بنايائين جو دليون پاڻھي ان ڏانھن ڇڪجي وڃن ٿيون ٻئي طرف انھن ۾ ايترو راز رکي ڇڏيائين جو لک ڀيرا سوچڻ کانپوءِ به انھن جي سونھن ۽ حسن جي حقيقت معلوم نه ٿي ٿئي ۽ ان تي ڪرم نوازي ھي فرمايائين جو جاچڻ جي تڙپ ۽ تحقيق ڪرڻ جي ڪوشش ان ۾ لڪائي ڇڏيائين ۔ڪڏھن توھان غور ڪيو ته ڇو؟ ان لاءِ ته ڪائنات جي سھڻين جي حسن تي اوجر اچي سگھيو ٿي ۽ انھن جي صلاحيتن جو اظھار ٿي سگھيو ٿي جيڪي حڪمت جي ڪمال سان مٽي واري آدم ۾ وجھي ڇڏيون ھيون ھڪ وقت اھڙوآيو جڏھن انسان راز تان پردو نه کڻي سگھيو ته حسن جي ھيبت ۽ دلربائي اڳيان سجدي ۾ڪري پيو پوءِ ڇا ٿيو ڪائنات تي ماٺ ڇانئجي وئي ھر شي مايوس ھر نظارو غمگين نظر اچڻ لڳوڇو ته اھو ھٿ شل ٿي ويو ھيو جيڪو ڪائنات جي حسن کي سينگارڻ لاءِ پيداٿيوھو ۽ آزمائش جھاڳيندڙ ۽ سونھن ڀري طبيعت کي قيد ڪري ڇڏيو ھيو عقل۽ نظر جا سڀئي ڏيئا وسايا ويا ھئا رونق اچي ته ڪٿان اچي بارونق ھجي ته ڪھڙي شي ؟ ايستائين جو الله تعالي  پنھنجي محبوب مڪرم صلي الله عليه وسلم کي موڪليو جنھن اچي انسان جي اک تان جھالت جي پٽي کولي اُنَ جي چُنجُھين اکين کي تازي روشني مرحمت  فرمائي ۽ ان کي ٻڌايو ته ھي سج ۽چنڊ ، زمين ۽ آسمان، جبل ۽ ٽڪريون، دريا ۽پٽ تنھنجا مسجود ناھن تنھنجا معبود ناھن بلڪه تنھنجا غلام آھن تون شوق وارو پير وڌاءِ ته سھي انھن جو سڀئي مستيون تنھنجي واٽ ۾ مٽجڻ لاءِ بي چين آھن  ۽ تون جھان کي ڏسڻ واري اک کولي ته ڏس انھن جا سڀئي حُسُن ٻٽ لاھڻ لاءِ تيار آھن۔۽ تون انھنکان ڊڄي ، دٻجي پري ڀڄڻ  جي ڪوشش ڪرين ٿو ۽ جڏھن ڀڄي نه ٿو سگھين ته غش کائي سجدو ڪندي انھن جي قدمن ۾ڪري پوين ٿو ۔ فاران جي چوٽين کان ھڪ مسيحا انسان جي ستل  قوتن بلڪه انسان جي ستل ڀاڳ کي جھنجوڙيو

جہاں اگر چہ دگرگوں ہے قم باذن اللہ

وہی زمیں وہی گردوں ہے قم باذن اللہ

کیا نوائے انا الحق کو آتشیں جس  نے

تیری رگوں میں وہی خوں ہے قم باذن اللہ

جيستائين انسان جي فطري غلطي جو تعلق ھيو ان جي اصلاح ڪئي وئي کين ٻڌايو ويو ته ڪائنات جي وڏي کان وڏي ڪابه شي معبود ناھي بلڪ توھان جي لاءِ پيدا ڪئي وئي آھي توھانجو ۽ ڪائنات جي ھر شي جو خلقيندڙ الله وحدہ لاشريڪ آھي ۽ ان جي حقيقت کي ايترو کولي ڇڏيوجو شڪ ۽ شبھي جو گمان به نه ڇڏيوپر ان کان پوءِ؟ اھا ئي ڪائنات جي سونھن ھئي اھا ئي انجي لڪ ھئي ۽ اھو ئي ڳولھا جي جذبي جو درد ھو جڏھن اھي ان مشڪل کي حل نه ڪري سگھندا ھئا ته حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي خدمت ۾ حاضر ٿي ڪري ان جو جواب طلب ڪندا ھئا ان اميد تي ته جنھن اسان کي ايتري وڏي فڪري مصيبت کان بچايو آھي اھوئي ان مشڪل کي آسان ڪندوانھن جي ھي اميد بي ڪار نه ھئي ۽ نه اجائي پر ان استاد ڪامل جي شفقت انھن جي اھا خواھش پوري ڪرڻ تي تيارنه ٿي ڇوته ان ۾ سندن سراسر نقصان ھيو توھان شايد پڇوته اھو ڪيئن ؟ ته ٻڌوجيڪڏھن ڪو استاد حسابن جا سڀ سوال حل ڪري ڏئي ڇڏي ۽ پنھنجي شاگردن کي سندن دماغ استعمال ڪرڻ جو موقعو ئي نه ڏئي ته ڇا اھي حسابن ۾قابليت پيدا ڪري سگھندا؟ ڪڏھن به انھن ۾ پاڻ ملھائڻ جو جوھر پيدا ٿي سگھندو؟ پوري شفقت جي تقاضا اھا آھي ته شاگرد پنھنجي عقل سان ان ڳنڍ کي پاڻ کولي حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم تمام اھڙن سوالن جا جواب ڏيڻ کان ان لاءِ ڄاڻي واڻي منھن موڙيو ته سندن امت پنھنجي ذھني ۽ روحاني طاقتن کي ڪم آڻيندي انھن شين کي مسخر ڪري فرمانبردار بنائي جيڪڏھن پاڻ سڳوراﷺفلڪيات ۽ طبعيات وغيرھ جي رازن تان پاڻ پردو کڻن ھا ته امت جا عقل سنڍ ٿي وڃن ھا ۽ افلا تعقلون ، افلاتتفڪرون ۽ افلا تتدبرون جي شوق وڌائيندڙ آواز تي ڪيئن لبيڪ چئي سگھجي ھا اھڙي قسم جو ھي سوال آھي ۽ ان جو جواب چنڊ جو ظاھر ٿيڻ ھڪ اندازي سان ان جو وڌڻ ، پوءِ گھٽجڻ ۽ پوءِ لڪي وڃڻ  ھڪ  عجيب ڳالھه ھئي جنھن جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ ترسي ترسي دل ۾شوق پيدا ٿئي پيو صحابه رضي الله عنھم انجو سبب پڇيو ته الله تعالى ان جو جواب نه ڏنو ڇوته ان جو جواب اسان کي پاڻ  ڳولھڻو ھيو پاڻ چنڊ جي گھٽجڻ وڌڻ جا فائدا ٻڌائي ڇڏيا ته ان سان توھان پنھنجي عبادتن، ڏيڻ وٺڻ جا وقت مقرر ڪري سگھوٿا ۽ ھي کليل جنتري آھي جنھن  مان ھر شخص پڙھيل يا اڻ پڙھيل شھري يا ٻھراڙي وارو وقت معلوم ڪري سگھي ٿو پاڻ سڳورن جي ھن ماٺ مان جيڪا عين مصلحت ۽ سراسر شفقت ۽ رحمت جو مظھر آھي ڪجھه گھٽ عقل ھي نتيجو ڪڍڻ لڳا آھن ته نعوذ بالله پاڻ سڳورن کي انھن شين جو علم نه ھو ۽ ماٺ بي خبري جو سبب ھئي پر اھو ڪيئن اعتبار ڪجي ته نبي صلي الله عليه وسلم کي ايترو علم به نه ھيو جيترو مڊل يا ميئٽرڪ جي ھڪ شاگرد کي ھوندو آھي ڪيتري نه ھي ڳالھه نامناسب آھي۔

۲۳۱امام بخاري روايت ڪئي آھي ته عرب جي ماڻھن جو اھو رواج ھيو ته جڏھن احرام ٻڌي ڇڏيندا ھئا ته جيڪڏھن کين گھر ۾ داخل ٿيڻ جي ضرورت پوندي ھُين  ته دروازن مان داخل نه ٿينداھئا بلڪه پٺيان کان ڀتين ۾ سوراخ ڪري داخل ٿيندا ھئا ۽ ان کي وڏي نيڪي سمجھندا ھئا ان بيڪارحرڪت کان کين روڪيو ويو ڪجھه عالمن فرمايو آھي ته جيڪڏھن ڪو ڪم صحيح طريقي سان ڪيو وڃي ته عرب چوندا آھن  انھ اتی البیت من بابھ يعني ان صحيح طريقي سان ھي ڪم ڪيو ۽ جيڪڏھن غلط طريقي سان ڪو ڪم ڪري ته چوندا انھ لم يات البیت من بابھ ھتي به پڇندڙن کي ٻڌايوويو ته انھن شين کي ڳولھڻ جو اھو طريقو ناھي جو نبي  ڪريم صلي الله عليه وسلم کان پڇي ورتو بلڪه ان جو صحيح طريقو ھي آھي ته پنھنجي سوچ ويچارڏسڻ ۽ تجربن سان انھن سوالن جوحل ڳولھيو وڃي ۔ والله اعلم

  • Blogger Comments
  • Facebook Comments

0 comments:

Post a Comment

Item Reviewed: ضياء القرآن Description: Rating: 5 Reviewed By: سکندری
Scroll to Top