728x90 AdSpace

Latest News

Ads 468x60px

28 November, 2011

پيرسائين پاڳارھ جي منفرد علمي شخصيت

پيرسائين پاڳارھ جي منفرد علمي شخصيت

مفتي محمد رحيم سڪندري

روضي ڌڻي﷥ جن جي خانقاه ۽ سندن سجادھ نشين هڪ ٻئي پٺيان گوناگون خوبين جا مالڪ هئا. هن خانقاه فقط احياء سنت جو فرض ادا نه ڪيو، بلڪه هر برائي لاءِ بند ۽ هر چڱائيءَ ۽ مثبت صفتن کي عام ڪرڻ به سندن زندگيءَ جو مقصد هو. مسجدون تعمير ڪرڻ، ذڪرِ الٰهي سان انهن کي آباد ڪرڻ به سندن شغل هو. تعليم جي واسطي امڪاني سعيو، قلمي نوادرات، درسي ڪتاب انهن جي شرح ڳري مٺائي ۾ حاصل ڪرڻ هن  خانقاه جو امتياز هو.
پيرسائين حزب الله تخت ڌڻي وڏو سخي ۽ هر ضرورت مند جي همدردي سندن سڃاڻپ هئي. موجودھ خوبصورت مسجد، روضو مبارڪ کان علاوھ سجادھ نشين جو بنگلو سندن تعمير ڪرايل هو. جيڪو حضرت سورهيه بادشاه شهيد جي زماني ۾ انگريزن ڊائنامائيٽ ذريعي تباه ۽ برباد ڪيو.
پيرسائين شاه مردان شاه اول پُر شڪوه مهمان خاني، مسافر خاني سان گڏ جامعہ راشديہ جي نالي سان ديني ادارو قائم ڪيو. موجودھ پيرسائين پاڳارھ مدرسي جي واسطي تيار ڪرايل ادارھ ۾ ديني تعليم ڏيڻ جي سوچ ويچار کان پوءِ استاد مولٰنا محمد صالح مهر رحمة الله عليہ جي اهتمام سان مدرسه جي ابتدا ۽ اجراءَ جو ڪم جاري فرمايو. انهيءَ مدرسي جو شروعاتي منتظم حضرت مولٰنا تقدس علي خان ﷥ هو. بعد ۾ پاڪستان جا نامور ماهرِ تعليم شيخ الحديث مفتي اعظم پاڪستان حضرت مفتي صاحبداد﷥ڪراچي شيخ المعقول استاذ مولٰنا سيد حسين امام اختر، استاد مولٰنا عبدالصمد، استاد مولٰنا ڪري بخش، استاد مولٰنا حافظ محمد رمضان، استاد حافظ مولٰنا احمد چوٽياريون  جامعہ ۾ بهترين تعليمي رڪارڊ قائم ڪيا.
پيرسائين پاڳارھ جي اها عظيم ۽ منفرد سوچ هئي  بلڪه ڪوهِ هماليه کان وڏو حوصلو جنهن پسِ منظر جامعہ راشديہ ۾ ايڏي وڏي پيماني تي تعليم جو انتظام ٿيو جو خانقاھ جي وڏن جي تعمير ڪرايل لائيبريري، بنگلو ۽ شاهي ڪوٽ سڀ ڪجھ انگريز استعمار تباه ڪري ڇڏيو.
فقط جامعہ راشديہ ۾ تعليم جو اجراء مقصود نه هو بلڪه پوري رفتار سان تعليم جي ڪوالٽي ۽ فيض کي جماعت جي گھر تائين پهچائڻ جو فيصلو پڻ موجود هو. اڄ 200 کان وڌيڪ ادارن ۾ قال الله ۽ قال رسول اللهﷺ جو سلسلو جاري آهي، ته اهو پيرسائين پاڳارھ جي پهرين ڏينهن جي فيصلي توجہ فيضان ۽ سرپرستي جي برڪت جو نتيجو آهي. ٻئي طرف جماعت خواه متوسلين، سادات، غريب مسڪينن جي واسطي انجينيئرنگ ۽ ميڊيڪل جي تعليم جي لاءِ اسڪالر ۽ بين سهولتن جو سلسلو جاري هو. ڪيترائي سي ايس پي آفيسر، ڊاڪٽر ۽ انجينيئر پيرسائين پاڳارھ جي فياضي ۽ دعا جي برڪت سان اڄ انتهائي اهم جاين تي خدمتون سرانجام ڏيئي رهيا آهن.
بشرطِ زندگي باقي باقي

  • Blogger Comments
  • Facebook Comments

0 comments:

Post a Comment

Item Reviewed: پيرسائين پاڳارھ جي منفرد علمي شخصيت Description: Rating: 5 Reviewed By: سکندری
Scroll to Top