فلسطين جو مسئلو ۽ مغربي منافقت
ٻي مهاڀاري لڙائي کان پهريان سڀني اولهندن ملڪن ۾ يهودي ٻئي درجي جا شهري سمجھيا ويندا هئا. انهن کي گاريون ڏنيون وينديون هيون. انهن جي دڪانن تي ”ڪتا“ جا لفظ لکيا ويندا هئا. انهن جو هڪ طرح سان اهو سوشل بائيڪاٽ هو.
ان جي انتهائي شڪل ”هٽلر“ جي بهيمانه پاليسي ۽ يهودين جو قتلِ عام هو. هٽلر جي ظلمن جو بدلو فلسطيني عوام کان ورتو ويو. جيڪي يهودي، عيسائي ان وقت فلسطين ۾ هئا. اهي هڪٻئي سان بهترين لاڳاپن واري زندگي گذاري رهيا هئا. ڪنهن به قسم جو تعصب نه هو، نفاق نه هو پر اولهندن ملڪن يهودين تي هٽلر جي ظلمن (۽ پنهنجي ڏوه جو احساس جو خاموش تماشائي ٿي ويٺا رهيا) جي بدلي ۾ هڪ امن پسند ۽ بي ڏوه قوم تي قيامت برپا ڪري ڇڏي. فلسطيني ويچارا اولھ وارن جي عياري ۽ چالبازيءَ کان واقف نه هئا ۽ نادانسته طور تي انهن جا آلهء ڪار بڻجي ويا ۽ پnهنجي ملڪ کا هٿ ڌوئي ويٺا. اچو، ته ان افسوسنا ڪ واقعي جي تاريخي پسِ منظر ۾ٿوري جھاتي پائي ڏسون. ڪيترين ئي صليبي جنگين کان پوءِ صلاح الدين ايوبي صليبي فوجين کي فيصله ڪن شڪست ڏئي پوري فلسطين تي مسلمانن جي حڪمراني قائم ڪري ڇڏي هئي. سندس جنگي قيدين سان سلوڪ مغربي ڪتابن جي پڻ سونهن بڻيل آهن. ان وقت کان وٺي پهرين مهاڀاري لڙائي تائين حالات تقريباً پر امن رهيا. جيتوڻيڪ ان دؤر ۾ يهودي اِن ڪوشش ۾ رهيا، ته فلسطين ۾ وڌ کان زمين خريد ڪن ۽ اتي وڃي آباد ٿين. ان معاملي ۾ اولهه وارن ملڪن ۾ رهندڙ ماڻهو پيش پيش هئا ۽ اهي ئي اچي اتي آباد ٿيڻ لڳا. ترڪن جي حمڪمران ”عبدالحميد“ يهودين تي زمين خريدڻ جي پابندي هڻي ڇڏي. توهان کي معلوم هوندو، ته پهرين مهاڀاري لڙائي کان اڳ سڀئي اسلامي ملڪ سلطنتِ عثمانيه جوحصو هئا. صرف مراڪش ۽ ماريطانيه ان جي اختيار کان ٻاهر هئا. پهرين مهاڀاري لڙائي ۾ ترڪن جرمنيءَ جو ساٿ ڏنو ۽ لڙائي ۾ جرمنيءَ جي شڪست کان پوءِ برطانيه ۽ فرانس سڀني عرب علائقن تي پنهنجو قبضو ڄمايو. الله تعالى جي فرمان ته ”يهودي ۽ نصارى ڪڏهن به مسلمانن جا دوست يا محافظ نه ٿا ٿي سگھن. هو هڪ ٻئي جا دوست آهن. انهن سان دوستي نه ڪيو ۽ جيڪو مسلمان انهن جو ساٿ ڏيندو اهو انهن مان ڳڻبو ۽ ان جو انجام برو ٿيندو.“ کي وساري ويٺا ۽ ان سان گڏو گڏ الله تعالى جي فرمان ”مؤمن پاڻ ۾ ڀائر آهن ۽ انهن کي پنهنجا اختلاف ۽ تنازعه افهام و تفهيم سان پاڻ ۾ حل ڪرڻ گھرجن.“ کي نظر انداز ڪري پنهنجي زوال جو ٻج پاڻ ڇٽيائون.
اسين، وچ ايشيا ۽ وچ اوڀر ۾ انهن جي زوال ۽ بي عزتي جو سبب صرف ۽ صرف انهن جا پاڻ ۾ جھڳڙا آهن ۽ دشمنن سان ملي ڪري هڪٻئي کي تباه ڪرڻ جي ڪوشش انهن کي تباه ۽ برباد ڪري ڇڏيو.عربن ترڪن جي خلاف انگريزن ۽ فرانسيسين کي اڪسائڻ تي بغاوت ڪئي ۽ هن قابلِ نفرت ۽ ذليل سازش ۾ حجاز جي والي شريف حسين (جنهن کي تاريخ ۾ شريف حسين آف مڪه جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي) وڏي شوق سان حصو ورتو. انگريزن پنهنجي هڪ فوجي ٽي ـ اي لارنس کي هن سازش جو سربراه بڻائي موڪليو. هو عربي ٻولي روانيءَ سان ڳالھائيندو هو. ان فوجي غدار عربن کان ترڪن تي حملا ڪرائڻ شروع ڪري ڏنا ۽ تخريبي ڪارروايون شروع ڪري ڏنيون. ترڪيءَ جي بادشاه انهن علائقن ۾ ڪافي ترقياتي ڪم ڪرايا هئا. سلطان عبدالحميد نه صرف بغداد کان دمشق تائين ريلوي لائين جي تعمير ڪرائي، پر ان کي مدينة المنورھ تائين توسيع پڻ ڏنائين. ان زماني ۾ دمشق کان بيروت تائين ۽ درعه کان حيفه تائين ريلوي لائين وڇائي ويئي. انهن غدار عربن برطانوي فوج (حقيقتاً هندستان جي مسلمان فوج) خانهء ڪعبه تي فائرنگ ڪئي ۽ حرم جي اندر مسلمانن کي قتل ڪيو. هي اهي ئي فوجي هئا، جن جي اولاد لال مسجد ۾ نه صرف 1200 کان وڌيڪ مسلمانن ٻارڙن کي قتل ڪيو پر قرآن ڪريم جي بيحرمتي ڪئي ۽ ساڙي ڪري گٽر ۾ اڇلائي ڇڏيائون.
انگريزن ۽ فرانسيسين عربن سان واعدو ڪيو هو، ته جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ هو بلڪل آزاد ۽ خود مختار هوندا ۽ مغربي فوجون جڏهن 1919ع ۾ شام ۾ داخل ٿيون، ته عربن شام کي هڪ آزاد ملڪ قرار ڏئي ڪري غدار شريف حسين جي پٽ شاه فيصل کي بادشاه بڻائي ڇڏيائون. پر انگريزن ۽ فرانسيسين جي وچ ۾ هڪ خفيه معاهدو اڳ ۾ ئي طئي ٿي چڪو هو. عراق ۽ فلسطين تي انگريزن قبضو ڪري ورتو ۽ شام وري فرانس جي حصي ۾ آئي. جڏهن عربن شاه فيصل سان مداخلت ڪئي، ته سينيگال کان آندل مسلمان فوج کان مسلمانن جو قتلِ عام ڪرايو. ان وقت لبنان شام جو حصو هو. پوءِ فرانس اتي عيسائين جي اڪثريت پيدا ڪري ان کي آزاد ملڪ بڻايو. 1920ع ۾ جڏهن شاه فيصل بن شاه حسين شام جو بادشاه بڻيو، ته اردن شام جو حصو هو. شاه فيصل کي بيدخل ڪرڻ کان پوءِ فرانس ان جي ڀاءُ عبدالله بن حسين کي ان جو امير تسليم ڪيو. هي انگريزن جو پٺو هو. هن فوج ۽ نظامِ حڪومت انگريزن حوالي ڪري ڇڏيو. انگريزن شاه فيصل کي جيڪو نهايت ذهين سمجھيو ويندو هو. عراق جو بادشاه بڻايو. مارچ 1946ع ۾ اردن کي مڪمل آزادي ملي ويئي. 1947ع ۾ جڏهن انگريزن جو فلسطين ۾ لڏپلاڻ جو سلسلو شروع ٿيو، ته عرب ملڪن يهودين جي قبضي کي روڪڻ لاءِ جنگ جوٽي ۽ شام ۽ مصر جون فوجون ان ۾ ناڪام رهيون. پر اردن جي فوج مغربي ڪناري ۽ بيت المقدس تي قبضو ڪري ورتو.
0 comments:
Post a Comment