728x90 AdSpace

Latest News

Ads 468x60px

28 November, 2011

سالگرھ جي مناسبت سان حضرت پير صاحب پاڳارھ جي علم دوستي

سالگرھ جي مناسبت سان
حضرت پير صاحب پاڳارھ جي علم دوستي

                                      حافظ عبدالقيوم مهر سڪندري
دنيا جي تاريخ شاهد آهي ته تاريخ ڪنهن انسان کي ايجاد ڪونه ڪيو، البته انسان ئي تاريخ جا مؤجد ۽ اڏيندڙ رهيا آهن. جيڪڏهن انهن انسانن کي تاريخ کان پاسيرو ڪيو وڃي ته تاريخ جي پانڌ ۾ سواءِ قصي ۽ ڪهاڻيءَ جي ٻيو ڪجهه ڪين ٿو بچي.
اسان جي برِصغير ۾ 'راشدي خاندان' اهڙو تاريخ ساز خاندان رهيو آهي، جنهن قلم جي ڪلڪ کان وٺي تلوار جي نوڪ تائين، باطل جي بربادي ۽ حق جي بلندي جا داستان رقم ڪيا آهن.
هن دنيا جي اندر انسانيت جي اندر جيڪي انسانيت جا اڇا اُجرا گڻ آهن ان سموري ورثي جو مالڪ ۽ امين هن خاندان کي قرار ڏجي ته ان ۾ ڪو وڌاءُ ڪونهي.
حضرت پير سائين پٽ ڌڻي کان موجودہ پير سائين سردار تائين جنهن نموني سان علم دوستي جا نوان مثال قائم ڪيا، اهڙي تسلسل سان گھٽ ۾ گھٽ برِصغير جو ڪو خاندان سندن ' هم پلئه ' نه ٿو ٿي سگھي.
علم جي شوق ئي حضرت پير سائين پٽ ڌڻي کي شهادت جي مقام تي فائز ڪيو ته پير سائين روضي ڌڻي سفر حضر ۾ ' تدريس ' جو ڪم به جاري رکيائون ته رات جو ميڻ بتين جي روشني ۾ عظيم لغت فارسي ' جمع الجوامع ' مرتب ڪيائون. صحيح البخاري حديث جي ڪتاب جو حضرت پير سائين تجر ڌڻي پيرين اگھاڙو وڃي ڪري استقبال ڪيو. شاعري حضرت پير سائين بنگلي ڌڻي ۽ تخت ڌڻي جو شيوو بڻيو حضرت پير سائين ڪوٽ ڌڻي ڪتابن جي اشاعت جو ڪم سنڀاليو ته پير سائين سورهيه 'قيد' ۾ به علم دوستي جو دامن نه ڇڏيو.
حضرت پير سائين پاڳارہ جو پنهنجي سجادگي بعد سڀ کان پهريون ڪم هو، خانداني علمي اداري جو اجراء، ان وقت پاڻ جماعت ڏانهن 'حڪم مبارڪ' روانو ڪيو ته ”عام جماعت جي بي علمي جو خيال ڪري اسان درگاه مبارڪ جي قديمي مدرسي کي ”جامعه راشديه“ جي نالي سان جاري ڪيو آهي“
ان ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سندن هر حڪم ۽ فرمان ۾ تعليم جو تاڪيد وڌ کان وڌ رهيو آهي.نه صرف تاڪيدي فرمان پر ان جي لاءِ فڪرمند رهڻ، علمي طور علمي ادارن لاءِ فراخ دلي ۽ فياضي سان وسائل جي فراهمي سندن فرض ۾ شامل رهيو آهي.
ديني توڙي دنيوي تعليم لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ، اسڪالرشپ گورنمينٽ کان گرانٽ ڏيڻ سان گڏ خانقاهي خزاني مان غريب ۽ هوشيار شاگردن جي فيس، ڪتاب ۽ ٻيون تدريسي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ نه صرف خوشي محسوس ڪن ٿا، بلڪه پنهنجو ذمو پڻ.
هر پليٽ فارم تان جماعت جي متاثر ڪن تعمير ۽ تربيت جو بنياد تعليم سان رکي، اسان سڀني لاءِ هڪ نمونو قائم ڪيو اٿن. علم سان گڏ علم وارن لاءِ سندن مزاج ڪيئن رهيو، ان لاءِ هڪڙو مثال، جنهن مون جهڙن لکن کي حيران ڪري ڇڏيو، جامعه راشديه جي هاڻوڪي پرنسيپال مخدوم العلماء منهنجي استاد مفتي محمد رحيم سڪندري جي بقول ” مفتي اعظم پاڪستان مفتي صاحبداد خان رحمة الله عليہ جڏهن جامعه ۾ استاد ٿي آيا ته پروقار خوش آمديد کان بعد پاڻ فرمايائون ته: سائين مفتي صاحب! اسان توهان جي علمي حيثيت ۽ عظمت مطابق يقينًا خدمت نه ٿا ڪري سگھون، پر اوهان اسان جي جامعه ۾ تعليمي خدمات قبول ئي فرمايو“
علم ۽ علم ورن جي ايتري قدرداني جي برڪت ئي آهي جو سندن اها جماعت جيڪا برٽش دور ۾ بري طرح متاثر ٿي. ان کي علم جي واٽ سان هلائي، پير سائين سردار ان اوج ۽ عروج تي بيهاريو، جتي پهچن لاءِ صديون درڪار هيون.
PNA جون سرگرميون هجن يا مسلم ليگ جو دور صدارت ۽ سياسي جلسا هجن يا لانگ مارچ، جامعه راشديه جي شيخ الحديث علامه مفتي محمد رحيم سسڪندري جي بقول ته والدہ ماجدہ ۽ پڦي سانئڻ جي عافيت پڇڻ بعد سندن ٻيو ۽ آخري سوال پنهنجي علمي اداري متعلق هوندو هو. جنهن لاءِ سندن چوڻ هوندو آهي ته اسان هي ادارو کولي جماعت جي خدمت جو فرض ادا ڪري ڇڏيو آهي.
پير سائين سردار هميشه علم ۽ علم وارن جا قدردان رهيا آهن. طالبِ علمن سان محبت ۽ شفقت جا مثال انکان وڌيڪ ڪهڙا ڏجن جو کين ”منهنجي ناني جا مهمان“ ”درگاه جا نمائندا“ ”توهان جي عزت، خانقاه جي عزت“ جهڙن لفظن سان ياد ڪندا رهن ٿا.
وري ٻئي طرف روحاني سفر دؤران جڏهن جڳ مشهور اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، جيڪو ڪڏهن انگلينڊ ۾ سندن رفيق ته ڪڏهن هنگلاج جي سفر جو ساٿي هو. جي آستاني تي اچن ٿا ته اُڀي پير دعوت واپرائن ٿا. اصرار جي باوجود ويهڻ بجاءِ فرمائين ٿا ته علم واري هنڌ ۽ علم واري ماڻهو جو ادب ضروري آهي.
پير سائين سردار ڀلي ته يورپ جو تعليم يافته هجي پر سندن رڳن ۾ حسيني رت ۽ تربيت ۾ سورهيه سائين جو هٿ آهي. جن سندن ذات ۾ خاندان جا اهي سڀئي ورثا منتقل ڪري ڇڏيا جيڪي هن گھراڻي جي انفراديت ۽ امتياز رهيا آهن. سندن شخصيت تي لکڻ وارن جو هڪ وڏو حلقو آهي.
هرهڪ پنهنجي سوچ ۾ فڪر جي ذريعي حضرت پير سائين پاڳارہ کي پنهنجي خيالي فڪر جي Logo هيٺ متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ هوندو آهي. جماعت جي اندر به ڪي اهڙا نام نهاد دانشور پيدا ٿيا آهن جيڪي،
خود بدلتے نہیں، قرآن بدل دیتے ہیں

جي مصداق، شب و روز مصروف عمل آهن. انهن کي خبر هئڻ کپي ته حضرت پير سائين پاڳارہ جي بزرگن هميشه دين ۽ ديندارن جي خدمت ڪئي آهي ۽ هڪ اهڙي جماعت جا باني آهن. ذڪر ۽ سنت جنهن جو شعار، شريعت ۽ طريقت جنهن جو مصدر مرجع آهي.
ان شريعت جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ جامعه راشديه ۽ ان جون سوين برانچون سندن سايئه شفقت هيٺ خدمات سرانجام ڏيئي رهيون آهن.
حضرت سائين پير صاحب پاڳارہ جن جي شخصيت جو اهو ڪمال آهي جو اڄ جماعت جا ڪيترائي فرد اعلى تعليم يافته ۽ وطن عزيز جي اهم عهدن تي براجمان آهن.
نامياري صحافي اظهر سهيل مرحوم جي ڳالهه شاهدي طور پيش ڪري سگھجي ٿي. جيڪا هن 80 واري ڏهاڪي ۾ لکي ته ”جماعت جي اڪثريت تعليم کان محروم  آهي، اهوئي سبب آهي جو سينيٽر حضرات کي پنهنجن علائقن جي تعمير و ترقي لاءِ جيڪا سرڪاري رقم فراهم ٿي. پير صاحب جن اها صرف ۽ صرف نئين اسڪولن جي تعمير تي خرچ ڪئي.

  • Blogger Comments
  • Facebook Comments

0 comments:

Post a Comment

Item Reviewed: سالگرھ جي مناسبت سان حضرت پير صاحب پاڳارھ جي علم دوستي Description: Rating: 5 Reviewed By: سکندری
Scroll to Top