728x90 AdSpace

Latest News

Ads 468x60px

28 November, 2011

خليفو عبدالله فقير: ڏاهو ۽ سگھڙ


خليفو عبدالله فقير: ڏاهو ۽ سگھڙ

                                                          سردار ڀيو
خليفو عبدالله فقير مڱريو غير معمولي ڪردار جو مالڪ هوسندن ذات سان تعلق رکندڙ ڪيئي پهلو آهن. درگاه شريف جون ذميواريون نڀائيندڙ جي حيثيت ۾ ”مک“ هو. پر هو سڄي زندگيءَ ۾ مکائي واريون ذميواريون نڀائڻ ۾ هڪ لمحي لاءِ به غافل نه رهيو. درگاهي نظام جي اصولن جو پابند عبدالله فقير پاڻ پنهنجي شخصيت ۾ بااصول انسان هو. جنهن پنهنجي جواني جي ڏينهن کي اهڙيءَ طرح ورهايو، جو  ساه جو سڳو ٽٽي ويو پر جيئن زندگيءَ جي ڏهاڙن کي ورهايو هئائين، تيئن ان تي عمل ڪندي فرض نڀايائين. والد جي حيثيت سان پنهنجي اولاد کي وقت ڏنائين ۽ سماجي نينهن جي ناتن کي نڀائڻ لاءِ واسطيداري ۽ تعلق بنديءَ جو سڳو به ٽٽڻ نه ڏنائون. فقير صاحب سنڌ ۽ هند جو وڏو اديب دانشور ۽ سگھڙ ٿي گذريو آهي. پاڻ حضرت پيرسائين روضي ڌڻي﷦، شاه ڀٽائي رحمة الله عليہ، پيرسائين بنگلي ڌڻي﷥، پيرسائين تخت ڌڻي﷥، سيد حزب الله شاه﷥، سائين محافي ڌڻي﷥، سيد علي گوهر شاه﷥، عبدالقادر سولنگي ”عبدي“﷥، خليفي نبي بخش لغاري﷥، عبدالله فقير ڪاتيار﷥، سيد سليمان شاه﷥، مخدوم گرهوڙي﷥ جي شاعريءَ تي دسترس هئي. فقير صاحب جو مطالعو تمام گھرائيءَ وارو هو. نننڍپڻ کان وٺي جماعتي راڳين سان گڏجي راڳ ڳائيندو هو. انهن راڳين جي ٽولي ۾ شريڪ ٿي راڳ ڳائڻ لاءِ ڊگھا پنڌ به ڪيائون، سمورن شاعرن جي شاعريءَ کي پنهنجي آواز سان تمام خوبصورت انداز سان ڳائيندا هئا. جڏهن اڪيلا هوندا هئا، ته به گنگنائيندا هئا. راڳ کي روح جي عذا سمجهندو هو. ايسيتائين جو شاه ڀٽائي ۽ ٻين شاعرن جي شاعريءَ کي سمجھندو هو ۽ سمجھڻ جي صلاحيت پڻ رکندو هو. ان حوالي سان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ مرحوم ڪيترائي ڀيرا ٻڌايو، ته جماعت ۾ عبدالله فقير ڏاهو، سگھڙ ۽ دانشور هو. تعليمي ادارن مان پڙهيل نه هو. پر ان باوجود پنهنجي صلاحيتن جي ڪري پڙهيل لکيل لڳندو هو. فقير صاحب هميشه مصروف رهندو هو. ڇو جو کين جيڪي ذمي واريون مليل هيون. اهي تمام اهم هيون پر جيڪي وقت ملندو هو فالٽو ويهڻ بدران مطالعي ۾ گذاريندو هو. فقير صاحب ملڪ جي وڏن عالم سڳورن دانشورن محققن، سگهڙن سان ڪچهريون ڪرڻ لاءِ به وٽن لنگھي ويندو هو. انهن سان مختلف موضوعن تي ڳالھائيندا هو. سنڌ ۽ هنڌ جي ثقافتي ريتن رسمن راوجن کي بيحد گھڻو پسند ڪندو هو. پرغير اسلامي ريتن ۽ رسمن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو هو. ٿر وارن علائقن ۾ رهندڙ برادرين جي مختلف ٻولين راڳ بيت ڏور مولود ڳجھارتون پروليون وغيرھ ۾ دلچسپي وٺندو هو. ايسيتائين جو انهن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪندو هو. فقير صاحب خاص طور تي جڏهن برساتي رت ۾ کنوڻيون کيل ڪندي ڳچي ڳچي وسڻ لڳنديون هيون، تڏهن اندر جون ڪيفيتون شاه ڀٽائي جي سڏڻ سان اظهارڻ لڳندو هو.
بر وٺا ٿر وٺا، وٺو جيسرمير، آگم ڪري آئيون، پائر ڀري پير،
لاٿائون لطيف چئي وانڍين مٿان وير، سرها ڪيائون سير، سرهايون سنگھاريون ٿيون.
فقير صاحب پنهنجي طبيعت  ۾ انتهائي گھڻو سيباڻو، سيبتو ۽ گھٽ ڳالھائو هجڻ سان گڏ دل جو فقير هو. اها پيرسائين پاڳارا جي محبت ۽ شفقت جو اثر هو، جو خليفي عبدالله فقير سموريون ذمي واريون احسن نموني سان نڀايون ۽ سڄي زندگي مصروفيت ۾ گذاري. فقير صاحب درگاه شريف جي خدمتگار، چيف خليفي، مک چؤنڪي جيسلمير، پاڳارا خاندان جي محب حر جماعت جي خيرخواه پنهنجي اولاد جي محسن والد هجڻ سان گڏوگڏ سنڌ ۽ هند جو وڏو ڏاهو ۽ دانشور جي حيثيت سان هڪ ذمي وار بڻجي بي مثال ڪردار ادا ڪيو. جنهن تي کين خراجِ تحسين پيش ڪجي ٿو. درگاه شريف پيرسائين روضي ڌڻي رحمة الله عليہ جو طريقو بلڪل شريعتِ محمدي موجب آهي. سمورن گادي نشين بزرگن غير شرعي ريتن ۽ رسمن کي ختم ڪرڻ جو حڪم پئي ڏنو آهي. ڪجھ اهڙيون ريتون ۽ رسمون جيڪي صدين کان وٺي اسان جي معاشري ۾ ناسور بڻيل هجڻ ڪري سماج انتهائي ڀڃ ڊاه جو شڪار آهي. اسان جي معاشري جا ماڻهو انهن ريتن ۽ رسمن کي پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت جو حصو بڻائي ڇڏيو آهي. جنهن ڪري انهن کي فوراً ختم ڪرڻ لاءِ به لنوائندا رهيا آهن. موجوده پيرسائين پاڳارا شاه مردان شاه ثاني، درگاه شريف تي 2004ع دؤران روحاني خطاب دؤران پنهنجي جماعت کي مخاطب ٿيندي، معاشري ۾ موجود فرسودھ ريتن ۽ رواجن کي بلڪل ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جنهن جو مقصد ته اسان جي معاشري ۾ مدي خارج ۽ غير اسلامي رسمون ۽ رواج هجڻ ڪري اسان جو سماج ڪافي متاثر ٿيو آهي. حضرت پيرسائين پاڳارا جي حڪم ۽ هدايت تي عمل ڪندي  خليفي عبدالله فقير مڱريو جن حر جماعت جي مختلف علائقن ۾ وڃي. ماڻهن سان ملي ڪڌين رسمن ۽ مدي خارج رواجن کي ختم ڪرڻ لاءِ مهم هلائي. خليفه صاحب انهن ماڻهن کي سمجھايو، ته انهن فرسودھ رسمن ۽ رواجن سبب اسان جو سماج تباه ٿي ويندو. ضروري آهي، ته حضرت پيرسائين پاڳارا جن جي حڪمن تي عمل ڪيو وڃي. جنهن سان اسان پنهنجي معاشري کي انهن فرسودھ ۽ غيراسلامي ريتن ۽ رواجن کان پاڪ ڪري سگھون ٿا. فقير صاحب ان سلسلي ۾ جتي به ويندا هئا اتي جماعت جي فقيرن کي باقائدھ زور ڀري معاشري مان غيراسلامي ريتن جي ختم ڪرڻ جون هدايتون ڏيندا هئا. اسان جي معاشري ۾ جڏهن ڪنهن جي فوتگي ٿي ويندي آهي، ته ان جي پٺيان خيرات جي نالي ۾ پنج پڪوان يعني پنجن بهترين کاڌن جنهن مٺائيءَ جي مختلف قسم ۽ گيهه وغيرھ جو استعمال ۽ ان کان سواءِ بهترين ٻوڙ مانيءَ ۾ لکين رپيه خرچ ڪيا ويندا آهن. جنهن لاءِ اخبارن ۾ دعوت جا اشتهار ڏيارڻ کان وٺي مڱڻهارن ذريعي ۽ ڪميونيڪيشن جي مختلف طريقن سان پنهنجي هزارين دوستن ساٿين عزيزن پري ويجھي وارن مٽن کي دعوت پيا ڏيندا آهيون. ياد ڪري پنهنجي مٽن مائٽن کي دعوت ڏيڻ سٺو عمل آهي پر پنج پڪوان واري خيرات يا شاديءَ جي وليمي تي لکين رپيه خرچ ڪرڻ غيراسلامي آهي. جنهن جي ڪري معاشي طور تي ماڻهو بدحال ٿيڻ سان گڏ قرضن ۾ وڪوڙجي ويندا آهن. ان کان سواءِ شادين يا خوشيءَ جي موقعي تي فائرنگ ڪئي ويندي آهي. اهو عمل غير شرعي آهي. جنهن سان به تمام نقصان ٿيندو آهي. اهڙن ڪڌن عملن ۽ فرسودھ ريتن رسمن ۽ رواجن کي ختم ڪرڻ لاءِ خليفه عبدالله فقير وڏو ڪم ڪيو. فقير صاحب جو چوڻ هوندو هو، ته جڏهن ڪو ڀاءُ رشتيدار بيمار ٿي ويندو آهي، ته ان جو مناسب علاج ناهيون ڪرائيندا پر جڏهن فوت ٿي ويندو آهي، ته ان جي پٺيان پنج پڪوانن جو بندوبست ڪري وڏي خيرات ڪئي ويندي آهي. اهو عمل انتهائي افسوس ناڪ آهي. ان ڪري اهڙي قسم جي خيرات ڪري مالي طور تي تباه ٿيڻ ۽ ڏيکاءُ ڪرڻ واري عمل کان پاسو ڪريو. خليفي عبدالله فقير پنهنجي حياتيءَ ۾ جتي کوڙ سارا ساراه جوڳا ڪم ڪيا اتي سماجي بهتري ۽ ان جي سڌاري لاءِ به وڏو ڪم ڪيو. فقير صاحب جي مسلسل ڪوشش سبب گھڻو تڻو حر جماعت مان اهڙي قسم جون رسمون ختم ٿي ويون آهن. جن ۾ في سبيل الله خيرات جي نالي ۾ پنج پڪوان شاديءَ جي موقعي تي وليمي ۾ قسمين قسمين طعام تيار ڪرڻ شادين ۽ فائرنگ وغرھ ڪرڻ شامل آهن. فقير صاحب جي اهڙن عملي قدمن جي نتيجي ۾ رحيم يار خان کان وٺي ننگر پارڪر تائين وڏو اثر ٿيو آهي. فقير صاحب هميشه پيرسائين پاڳارا جن جي حڪمن تي عمل ڪندي پنهنجون جملي ذميواريون بهتر نموني سان نڀايون.

اهي ڏس ان کي، جي ان ڏيهه ويا،
ٻيا سڀ سڻن ڳالھيون، ڪي پسن پاڇويا.

  • Blogger Comments
  • Facebook Comments

0 comments:

Post a Comment

Item Reviewed: خليفو عبدالله فقير: ڏاهو ۽ سگھڙ Description: Rating: 5 Reviewed By: سکندری
Scroll to Top