728x90 AdSpace

Latest News

Ads 468x60px

28 November, 2011

حضرت عمر ﷦ غير مسلمانن جي نظر ۾

حضرت عمر ﷦ غير مسلمانن جي نظر ۾

                                        حافظ ڪفيل احمد چنجڻي

حضرت عمر﷦ جو هر ڪارنامو معرفت ۽ هر پيغام هدايت جو نصاب آهي. سندن حياتِ طيبه ديني ۽ دنيوي خصلتن جو هڪ روشن باب آهي. جن جي حقيقت جي سامهون ڌاريا عقلمند ۽ داناءَ به سندن عظمت کي سلام ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا. اهڙا ئي چند مثال هيٺ پيش ڪجن ٿا.
1)       مهاتما گانڌي: اچو، ته حضرت عمر﷦جي مثالي زندگيءَ کي آئينهء توجه جي سامهون رکون. هو وسيع سلطنت جا مالڪ هئا مگر سندن زندگي سادگي واري زندگي هئي.
2)       اسٽينلي لين پولي: حضرت عمر﷦ جن جي طبيعت تيز هئي ۽ وڏا جذباتي هئا. شروع ۾ اسلام جا شديد دشمن هئا پر جڏهن پاڻ﷦ مسلمان ٿيا، ته پنهنجو پاڻ کي اسلام جو هڪ مضبوط ۽ بنيادي ستون ثابت ڪيائون.
3)       سر وليم ميور: حضرت عمر﷦ جن جي دؤر ۾ تمام عرب سندن وس ۾ هئا. پاڻ پنهنجي سمجھ، صبر ۽ محنت سان شام، مصر ۽ ايران تي ضابطو آندائون. پاڻ﷦ هڪ عظيم مملڪت جا اميرالمؤمنين هئا.
4)                 لاله لجپت راءِ: هندستان کي هاڻي هڪ عمر جي ضرورت آهي.
5)       اين اي لا ائي: اسلام جو ٻيو خليفهء راشد حضرت عمر﷦ جو بيت المقدس ۾ فاتحانه داخل ٿيڻ جو انداز هيئن هو. پاڻ ﷦ مدينة المنورھ کان بيت المقدس جو سفر هڪ اٺ تي ڪيائون. جنهن ۾ شاهانه سامان اٺ جي وارن مان ٺاهيل هڪ خيمو ۽ جَوَ ۽ کجورن جو هڪ ٿيلهو، ڪاٺ جو پيالو پاڻي پيئڻ لاءِ هڪ وٽو ۽ هڪ غلام گڏ هئا. سفر هيئن طئي ٿيو، ته هڪ منزل تائين پاڻ اٺ تي ويٺا پئي ۽ مهار خادم جي هٿ ۾ هئي ۽ ٻئي منزل تائين سوار غلام هو ۽ مهار پاڻ﷦ جي هٿ ۾ هئي. ”اميري ۽ فقيري“ هي سادگي ۽ مساوات جا دعويدار فاروقِ اعظم هئا.
6) ڊاڪٽر موبر:
پنهنجي لکيل ڪتاب ”الخلافة“ ۾ لکيو آهي، ته عمر پنهنجي عدل ۾ نهايت قوي، ڪنهن کان نه ڊڄندڙ هو ۽ ڪنهن کي عهدي تي رکڻ ۽ نه رکڻ ۾ ان جي صلاحيت کي ڏسندو هو. پاڻ سان گڏ لڪڻ رکندو هو ۽ مجرم کي هلندي سزا ڏيندو هو ۽ ان جي ڪري ان وقت جا ماڻهو چوندا هئا، ته عمر جو لڪڻ ٻين جي تلوار کان وڌيڪ هيبت رکندڙ آهي پر ان هوندي به پاڻ يتيمن ۽ بيواه عورتن تي ڏاڍا مهربان هوندا هئا.
7) ڊاڪٽر اشنجون ايرفنح:
پنهنجي ڪتاب ”محمد و خلفاؤھ“ ۾ لکيو آهي، ته عمر﷦ جي حياتي اول کان آخر تائين ان ڳالھ تي دلالت ڪري ٿي، ته ان کي وڏو عقل عطا ڪيل هو. استقامت ۽ عدالت کي وڏي مضبوطيءَ سان وٺندڙ هو. جنهن اسلامي قوانين کي محڪم رکندي نبي پاڪﷺ جي محبوب ڳالھين کي جاري ۽ ٿابت رکيو ۽ ابوبڪرر صديق﷦ کي مختصر خلافت دؤران اهم مشورا ڏيندو رهيو. برطانيه جي دائرة المعارف ۾ آهي، ته عمر عقل وارو حاڪم هو. اونهي ۽ پري واري نظر جو مالڪ هو ۽ اسلام جو عظيم خادم هو.

  • Blogger Comments
  • Facebook Comments

0 comments:

Post a Comment

Item Reviewed: حضرت عمر ﷦ غير مسلمانن جي نظر ۾ Description: Rating: 5 Reviewed By: سکندری
Scroll to Top