728x90 AdSpace

Latest News

Ads 468x60px

28 November, 2011

رياض الصالحين

رياض الصالحين
رسول اللهﷺ جن جي حديثن جو ترجمو
سنت ۽ ان جي طريقن جي حفاظت جو بيان
(59) الله تعالى جو ارشاد آهي: ”جيڪي رسول اللهﷺ اوهان کي ڏئي انهيءَ کي وٺو ۽ جنهن کان منع ڪري انهيءَ کان باز رهو. “
(60) الله تعالى جو ارشاد آهي: ”الله جو رسولﷺ پهنجي خواهش سان ڪجھ نه ٿو ڳالھائي. اهو ته وحي آهي جيڪو انهيءَ ڏانهن موڪليو وڃي ٿو.“
(61) الله تعالى جو ارشاد آهي:”(اي نبيﷺ!) توهان فرمايو، ته جيڪڏهن توهان خدا سان محبت رکو ٿا، ته منهنجي پيروي ڪريو، الله تعالى توهان سان محبت ڪندو ۽ توهان جا گناه معاف ڪندو.“
(62) الله تعالى جو ارشاد آهي: بيشڪ توهان لاءِ رسول اللهﷺ جي پيروي ڪرڻ بهتر آهي جنهن کي الله ۽ آخرت جي ڏينهن جي اميد هجي.
(63) الله تعالى جو ارشاد آهي: (اي نبيﷺ!) تنهنجي ربّ جو قسم آهي، اهي ماڻهو ايسيتائين مؤمن نه ٿيندا، جيسيتائين پنهنجن جھڳڙن ۾ اوهان کي حاڪم (فيصلي ڪرڻ وارو) نه مڃين ۽ توهان جي فيصلي تي تنگ دل نه ٿين. بلڪه ان کي چڱي طرح تسليم ڪن.
(64) الله تعالى جو ارشاد آهي: جيڪڏهن توهان جو ڪنهن معاملي ۾ جھڳڙو ٿي پوي، ته ان کي الله ۽ رسولﷺ جي آڏو پيش ڪيو. جيڪڏهن توهان واقعي الله ۽ آخرت تي ايمان رکو ٿا. عالمن چيو آهي، ته الله تعالى ۽ رسولﷺ ڏانهن رجوع ڪرڻ جو مطلب آهي، ته اختلافي ڳالھ جو فيصلو قرآن ۽ سنت مان معلوم ڪريو.
(65) الله تعالى ارشاد فرمايو آهي: جنهن رسولﷺ جي اطاعت ڪئي انهيءَ بلاشڪ الله تعالى جي اطاعت ڪئي.
(66) الله تعالى جو فرمان آهي: بيشڪ تون سڌو رستو ڏيکارين ٿو. (يعني الله جو رستو)
(67) الله تعالى جو ارشاد آهي: جيڪي ماڻهو رسولﷺ جي حڪم جي مخالفت ڪن ٿا انهن کي ڊڄڻ کپي ته متان انهن تي ڪا آفت نه اچي ڪڙڪي يا مٿن تڪليف وارو عذاب نازل نه ٿئي.
(68) الله تعالى جو ارشاد آهي: توهان جي گھرن ۾ الله جون جيڪي آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ۽ حڪمت جون ڳالھيون انهن کي ياد ڪيو. (النور)
هن مضمون جون ڪجھ آيتون ٻيون به گھڻيون آهن. (ڪجھ حديثون هي آهن)
157) حضرت ابوهريرھ رضي الله عنہ کان روايت آهي، ته نبي ڪريمﷺ جن فرمايو، ته جيسيتائين مان توهان کي ڇڏي ڏيان (۽ ڪاڳالھ نه ڪيان) توهان به مون کي ڇڏي ڏيو. ڇو ته توهان کان اڳ وارا ماڻهو گھڻن سوالن ۽ نبين جي مخالفت جي ڪري تباه ٿي ويا. جنهن ڪم کان مان توهان کي منع ڪيان ته انهيءَ کان پرهيز ڪيو ۽ جڏهن ڪنهن ڪم جو حڪم ڏيان، ته طاقت مطابق ان تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو. 1 (بخاري/مسلم)
158) حضرت ابي نجيح عرباض بن ساريه رضي الله عنہ کان روايت آهي، ته رسول اللهﷺ جن اسان کي اثرائتو واعظ فرمايو، جنهن سان اسان جون دليون ڏڪي ويون ۽ اسان جي اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا. اسان عرض ڪيو، ته يارسول اللهﷺ هي ته الوداعي وعظ پيو لڳي. اسان کي وصيت فرمايو. پاڻ فرمايائون، ته مان توهان کي الله کان ڊڄڻ، حڪم ٻڌڻ ۽ پيروي ڪرڻ جي وصيت ڪيان ٿو. توڙي کڻي توهان تي ڪنهن حبشي غلام کي امير مقرر
1 گھڻاسوال پڇڻ جي بجاءِ ان تي عمل ڪيو. خواھ مخواه سوال نه پڇو،جيئن اڄڪلھ اسان جي معاشري ۾ اها فضول عادت عام ٿي وئي آهي، ته عمل گھٽ ۽ بحث گھڻو ٿيندو آهي.
ڪيو وڃي ۽ توهان مان جيڪو شخص مون کان پوءِ زندھ رهندو اهو وڏا اختلاف ڏسندو. انهيءَ وقت توهان لاءِ لازمي آهي، ته توهان منهنجي سنت ۽ هدايت يافته خلفاءِ راشدين جي طريقي کي اختيار ڪيو. انهيءَ کي ڏندن سان مضبوط پڪڙيو ۽ دين ۾ نيون ڳالھيون داخل ڪرڻ کان بچو ڇو، ته هر بدعت گمراهي آهي. (ابوداؤد، ترمذي، امام موصوف چيوآهي، ته اها حديث حسن آهي.)
النواجذ: ذال معجمي سان ڏندن کي چئبو آهي ۽ ڏاٺن يا هوڙن کي به چيو ويندو آهي.
159) حضرت ابوهريرھ رضي الله عنہ کان روايت آهي، ته رسول اللهﷺ جن فرمايو، ته منهنجي امت جا سڀئي ماڻهو جنت ۾ داخل ٿيندا، مگر جنهن انڪار ڪيو. عرض ڪيو ويو، ته يارسول اللهﷺ اهو ڪير هوندو؟ جيڪو انڪار ڪندو! فرمايائون، ته جنهن منهنجي اطاعت ڪئي اهو جنت ۾ ويندو، جنهن منهنجي نافرماني ڪئي انهيءَ انڪار ڪيو. (بخاري)
160) حضرت سلمه بن عمرو بن اڪوع ﷦کان روايت آهي، ته هڪ شخص رسول اللهﷺ جي آڏو کاٻي هٿ سان طعام کاڌو پئي. پاڻ سڳورنﷺ جن فرمايس، ته ساڄي هٿ سان کاڌو کاءُ. هن چيو، ته ”نه ٿو کائي سگھان.“ پاڻ فرمايائون، ته پوءِ توکي ان جي توفيق به نه ملندي. انهيءَ شخص انڪار رڳو تڪبر جي ڪري ڪيو هو. انهيءَ کان پوءِ اهو پنهنجو سڄو هٿ منهن ڏي ڪڏهن نه کڻي سگھيو. 1 (مسلم)     

1 انهيءَ کي اهو خيال نه آيو، ته مان ڪنهن سان ڳالهائي رهيو آهيان. اهو معظم رسولﷺ جنهن جي زبان مبارڪ مان رڳو حق جي ڳالھ نڪري ٿي. لب مبارڪ چرن ٿا، ته قبوليت سندن دعا کي ڳلي لڳائي ٿي.  
  • Blogger Comments
  • Facebook Comments

0 comments:

Post a Comment

Item Reviewed: رياض الصالحين Description: Rating: 5 Reviewed By: سکندری
Scroll to Top