اميرالمؤمنين حضرت عمر فاروق
حضرت عمر فاروق عظيم المرتبت صحابيء رسول آهن. کين درٻارِخداوندي ۽ درٻارِرسولِ خدا ۾ تمام گھڻو مقام ۽ شان حاصل آهي. سندن اسلام آڻڻ لاءِ خود الله جي پياري نبيﷺ دعا فرمائي، جنهن ڪري کين مرادِرسول به چيو ويندو آهي. هڪ ٻئي روايت آهي، ته جڏهن حضرت عمر اسلام قبول ڪيو، ته تڏهن پاڻ ڪريمنﷺوٽ حضرت جبرائيل امين حاضر درٻار ٿي اچي عرض ڪيو، ته يارسول اللهﷺ! عمر جي مسلمان ٿيڻ تي آسمان وارا به خوشي ملهائين ٿا ۽ پاڻ انهن خوشنصيب صحابه ۾ به شامل آهن، جنهن کي الله تعالى جي پياري محبوبً زندگيءَ ۾ جنت جي خوشخبري عطا فرمائي. پاڻ خدا جي خوف ۾ الله جي محبوب سان الفت ۽ سندن اطاعت ۾ پوري زندگي گذاري ڇڏيائون. هيٺ سندن مختصر حالاتِ زندگي بيان ڪجن ٿا.
نالو ۽ نسب:
عمر بن الخطاب بن نفيل بن عبدالعزيز ابن رياح بن عبدالله بن قرط ابن رزاخ بن عدي بن ڪعب بن غالب القرشي العدوي (السدالغابه جلد4 صفحه 52، الاصابه جلد 2 صفحه 518، تاريخ الخلفآء صفحه 108)
ڪنيت ۽ لقب:
سندن ڪنيت ابوالحفص ۽ لقب فاروق آهي. (الاڪمال في اسماء الرجال)
سندن والدھ جو نالو رختمه بنت هاشم بن مغيرھ المخزوميه آهي. (اسدالغابه)
ولادت باسعات: امام نوري رحمة الله عليہ فرمايو، ته سندن ولادت عام الفيل جي 13 سال بعد ۾ ٿي. (تاريخ الخلفآء)
قبولِ اسلام:
حضرت عبدالله ابنِ عباس کان روايت آهي، ته سيدِ دوعالمﷺ بارگاهِ رب العٰلمين ۾ دعا گھري، ته ”اللّٰھم اعز الاسلام بابی جھل بن ہشام او لعمر بن الخطاب“(ترمذي ج 2 صفحه 209، مشڪوٰة شريف صفحه557) ”اي الله! اسلام کي ابوجهل بن هشام يا عمر بن الخطاب جي ذريعي غلبو عطا فرماءِ.“ هيءَ دعا حضرت عمر فاروق جي حق ۾ قبول ٿي. پاڻ حضرت عمر فرمائين ٿا، ته هڪ ڏينهن شديد گرميءَ جي موسم ۾ مان تلوار کڻي پاڻ ڪريمنﷺ جي قتل(معاذالله) جي ارادي سا روانو ٿيس، ته مون کي هڪڙي قريشي چيو، ته تنهنجي ڀيڻ ۽ ڀيڻيوو اسلام ۾ داخل ٿي چڪا آهن. مان تلوار کڻي ڀيڻ جي دروازي تي پهتس، اندران قرآن مجيد جي تلاوت جو آواز اچي رهيو هيو. منهنجي آواز ٻڌڻ سان انهن تلاوت بند ڪري ڇڏي، جڏهن منهنجي ڪاوڙ لهي وئي، ته مون چيو، ته اهو ڪتاب جيڪو پڙهي رهيا هئا، مون کي ڏيکاريو. طهارت کا پوءِ جڏهن مون بسم الله الرحمٰن الرحيم پڙهڻ شروع ڪيو، ته الرحمٰن الرحيم تي مون عجيب ڪيفيت محسوس ڪئي. اثر محسوس ڪيو. مون پاڻ ڪريم جي باري ۾ پڇا ڪئ، پڇيو، ته مون کي ٻڌايو ويو، ته پاڻ دارِ ارقم ۾ تشريف فرماآهن. مان اتي پهتس دروازو کڙڪايم، منهنجي اسلام دشمن هجڻ ڪري صحابه به مون کي ڏسي پريشان ٿيا. پاڻ ڪريمنﷺ فرمايو، ته دراوزو کوليو. مان سندن سامهون ويٺس پاڻ فرمايائون، اي عمر! اسلام قبول ڪري وٺ پوءِ پاڻ هي دعا فرمايائون، ”اي الله! عمر کي هدايت نصيب فرماءِ“، ته مون پڙهڻ شروع ڪيو. اشھد ان لا الٰه الا اللھ واشھد ان محمد رسول اللھ ٻين مسلمانن اهو ٻڌڻ سان بلند آواز سان نعرھء تڪبير بلند ڪيو. جنهن جو آواز مڪي شريف ۾ پري تائين ٻڌڻ ۾ آيو. (ملخصاً اسدالغابه 4/55،54) حضرت عمر کان اڳ ۾ هڪ عورت ۽ اوڻيتاليھ مرد مسلمان تي چڪا هئا. پاڻ چاليهين نمبر تي اسلام قبول ڪيو. (تاريخ الخلفاء صفحه 109) ۽ جڏهن پاڻ اسلام قبول ڪيائون، ته هيءَ آيت نازل ٿي.
”یا ایھاالنبی حسبک اللھ ومن التبعک من المؤمنین.“
فاروق:
حضرت عبدالله ابن عباس فرمائين ٿا، ته مون حضرت عمر فاروق کان پڇيو، ته اوهان کي فاروق ڇو چيو ويندو آهي، ته پاڻ پنهنجي قبولِ اسلام جو واقعو بيان ڪندي چيائون، ته ”مون کان پهريان حضرت حمزھ اسلام قبول ڪري چڪو هو. جڏهن مون به اسلام قبول ڪيو، ته مون چيو، ته جڏهن اسان حق تي آهيون، ته پوءِ لڪڻ ڇاجو؟ لهٰذا اسان پاڻ ڪريمنﷺسان ٻن صفن ۾ نڪتاسون. جڏهن دارِ ارقم کان روانه ٿياسون، ته هڪ صف ۾ مان ۽ ٻي صف ۾ حضرت حمزھ هئا. جڏهن ڪافرن مون کي ۽ حضرت حمزھ کي ڏٺو، ته اهي رعب ۾ اچي ويا ۽ ان ڏينهن سيدِ دوعالمﷺ مون کي فاروق چيو؛ ان ڪري جو الله تعالى منهنجي سبب حق ۽ باطل ۾ فرق ڪري ڇڏيو.“ (الاڪمال في اسماءِ الرجال)
هجرت:
حضرت عمر فاروق جي مسلمان ٿيڻ سان مسلمانن ۾ هڪ جوش ۽ جذبو پيدا ٿيو. جڏهن پاڻ ڪريمنﷺمديني شريف هجرت جو حڪم فرمايو، ته هن مرد مجاهد جي هجرت جو انداز به نرالو هو. حضرت علي المرتضى ڪرم الله وجهه الڪريم فرمائين ٿا، ته سڀن ماڻهن خفيه طريقي سان هجرت ڪئي، پر حضرت عمر فاروق اعلانيه هجرت ڪئي. پاڻ جنگي سامان سان ليس ٿي ڪعبي شريف ۾ ويا. اتي قريش جا سردار به ويٺا هئا. پاڻ وڏي اطمينان سان بيت الله جو طواف ڪيائون پوءِ ڪافرن کي للڪاريندي فرمايائون، ته جيڪو چاهي، ته ان جي ماءُ اتي روئي ۽ ان جا ٻار يتيم ٿين ۽ ان جي گھرواري بيوھ ٿي وڃي، ته اهو مون سان هن واديءَ کان ٻاهر ملي. (مخلصاً اسدالغابه صفحه 58)
محبتِ رسولﷺ:
حضرت ابنِ عباس فرمائين ٿا، ته حضرت عمر فاروق فرمايو، ته اسلام کان اڳ ۾ مان رسول اللهﷺ جو سڀ کان وڏو سخت دشمن هئس. پر جڏهن مون اسلام قبول ڪيو، ته ”فما فی الارض لسنمة احب الّی من لسمةرسول اللھ“ ته روءِ زمين ته رسول اللهﷺ جي روح کان وڌيڪ ڪابه شيءِ مون کي زيادھ پسنديدھ نه هئي، بلڪه هر شيءِ کان رسول اللهﷺ جي ذات زيادھ پسنديدھ ۽ محبوب هئا.
خدا جو شان ته ڏسو! هڪ وقت هو، جڏهن حضرت عمر فاروق تلوار کڻي (معاذ الله) الله جي رسولﷺ جي قتل جي ارادي سان روانو ٿيو هو پر اهو وقت به هو جو جڏهن رسول اللهﷺ جو وصال ٿيو، ته هي عاشق پنهنجي محبوب جي فراق جي خبر ٻڌڻ لاءِ به تيار نه هو. پاڻ تلوار کڻي اٿيا ۽ چوڻ لڳا، ته جهن چيو، ته رسول اللهﷺ جن وصال ڪري ويو آهي، ته مان ان کي قتل ڪري ڇڏيندس. (بخاري جلد 1، صفحه 517)
اسلامي جنگين ۾ ڪردار:
پاڻ سلام آڻڻ کان پوءِ سڀني جنگين ۾ رسول اللهﷺ سان شريڪ رهيا. غزھء بدر، احد، خندق، بيعتِ رضوان، فتح خيبر، فتح مڪه، حنين ۽ ٻين سڀني جنگين ۾ جوانمردي جو مظاهرو ڪيو. (اسدالغابه جلد 4، صفحه 59)
جنگِ احد ۾ جڏهن مسلمانن کي شڪست جو مقابلو ڪرڻو پيو، تڏهن به حضرت عمر فاروقجي جذبي ۾ ڪا ڪمي نه آئي. حضرت براء ابن عازب روايت ڪري ٿو، ته جڏهن جنگِ احد ۾ ابوسفيان مسلمانن سان مخاطب ٿي ڪري دريافت ڪيو، ته ڇا توهان ۾ محمدﷺ آهي؟ پاڻ ڪريمنﷺجواب ڏيڻ کان منع فرمايو، وري انهيءَ حضرت ابو بڪر ۽ حضرت عمر فاروق رضي الله عنهما جي باري ۾ پڇيو. جڏهن ان کي جواب نه مليو، ته اهي وڏا سڀ قتل ٿي وياآهن جيڪڏهن زندھ هجن ها، ته جواب ڏين ها. ان تي حضرت عمر فاروق پنهنجو پاڻ تي قابو نه رکي سگھيو ۽ چوڻ لڳو، اي عدو الله (الله جا دشمن!) توڪوڙ ڳالھايو آهي، اڃا الله تعالى توکي ذليل ڪرڻ وارن کي باقي رکيو آهي. ابو سفيان چيو، ”اعل هبل“ سيدِ دوعالم جي حڪم تي حضرت عمرفاروق جواب ڏنو، ته ”الله اعلى واجل“ ان وري چيو، ”لنا العزي والعزى لڪم“ وري پاڻ ڪريمنﷺ جي حڪم تي حضرت عمر فاروق جواب ڏنو، ته ”الله مولانا ومولا ڪم“ (بخاري جلد 2، صفحه 579، ترمذي جلد2 صفحه 210، مسلم)
فراست:
حضرت عمر فاروق رضي الله عنه کي الله تعالى جي طرفان تمام گھڻيون عنايتون مليل هيون ۽ کين خدا داد فهم و فراست ته خدا جي طرفان اهڙي مليل هئي، جو سندن راءِ ۽ مشوري مطابق الله تعالى قرآن پاڪ جون متعدد آيتون نازل فرمايون آهن. من جمله انهن مان پردي جو حڪم نازل ٿيڻ، مقامِ ابراهيم کي نماز جي جاءِ بڻائڻ، حضرت عمر فاروق رضي الله عنه جي مشوري ۽ راءِ جي مطابق الله تعالى اهي احڪامَ نازل فرمايا ۽ پاڻ ڪريمنﷺکين هن امت جو محدّث (صاحب الهام) قرار ڏنو ۽ خواب ۾ پنهنجي کير جي پيالي مان کير پياريو ۽ پاڻ ان جي تعبير فرمايائون، ته هي علم هيو. (مشڪوٰة صفحه 557)
امام جلال الدين سيوطي رحمة الله عليہ فرمائين ٿا، ته حضرت عمر
فاروقجي راءِ ۽ مشوروالله تعالى جي 20 کان مٿي آيتن جي موافق ٿيو.
فاروقجي راءِ ۽ مشوروالله تعالى جي 20 کان مٿي آيتن جي موافق ٿيو.
خلافت:
نبي پاڪﷺ جن جو ارشاد مبارڪ جنهن ۾ پاڻ ڪريمنﷺ حضرت ابو بڪر صديق کان پوءِ بهترين طريقي تي پاڻي جو ڊول ڪڍندي ڏٺو هو. (بخاري و مسلم) ان فرمانِ قدس ۾ حضرت ابوبڪر صديق کان پوءِ حضرت عمر فاروق جي خلاف جو اشارو ملي ٿو.
حضرت ابوبڪرصديق جڏهن بسترِ مرگ تي هئا، ته پاڻ حضرت عثمان غني، حضرت عبدلرحمٰن ابن عوف ۽ ٻين انصار ۽ مهاجرين سان حضرت عمر رضي الله عنه کي خليفو بنائڻ جو مشورو ڪيو. انفرادي ۽ اجتماعي مشوري کان پوءِ حضرت عمرفاروق رضي الله عنه کي خليفو مقرر ڪيو ويو. سندن خلافت جو دؤر اسلامي تاريخ جو هڪ سنهري دؤر آهي. ڏهن سالن جي عرصي ۾ بي سرو ساماني جي حالت ۾ الله ۽ رسول اللهﷺ جي فضل و ڪرم سان ساڍا ٻاويهه لک چؤرس ميل جو علائقو فتح ڪيو. ايران کان وٺي اتر آفريڪا تائين، اسلامي پرچم کي سربلند ڪيو.
اوّلياتِ حضرت عمر فاروق:
اميرالمؤمنين جي لقب سان سڀ کان پهريان کين ملقب ڪيو ويو. پاڻ اسلامي تاريخ جو بنياد سنه هجري سان شروع ڪيائون. دُرّو (ڪوڙو) به پاڻ استعمال ڪيائون ۽ مجرمن کي ان سان سزا ڏنائون. پاڻ ديوان (دفتر) ٺهرايائون ۽ بهترين دفتري نظام قائم ڪيائون. پوسٽ آفيس، بيت المال ۽ فوجي ڇانوڻيون سندن دؤرِ خلافت ۾ شروع ٿيون. پاڻ مردم شماري به ڪرايائون ۽ واهن جي کوٽائي ۽ زمين جي پئمائش به ڪرايائون.
قرآن مجيد جون متعدد آيتون ۽ سيدِ دوعالمﷺ جن جا ڪيئي فرمانِ اقدس سندن عظمت ۽ شان کي اجاگر ڪري رهيا آهن. کين نبي ڪريمﷺ جي سهري هجڻ جو شرف به حاصل آهي جو سندن صاحبزادي حضرت حفصهؓ بنت عمر پاڻ ڪريمنﷺ جي نڪاح ۾ آئي ۽ کين حضرت علي ڪرم الله وجهه الڪريم جو داماد هجڻ جو شرف به حاصل آهي. ڇو، ته حضرت فاطمة الزهراءؓ جي صاحبزادي، حضرت امِ ڪلثوم حضرت عمر فاروقجي عقدِ نڪاح ۾ هئي.
وفات:
پاڻ 26 ذوالحج سنه 23 هجري ۾ اربع جي ڏينهن فجر جي نماز دؤران مغيرھ بن شعبه جي غلام ابولؤلؤ فيروز جي خنجر جي وارسان شديد زخمي ٿيا ۽ چند ڏينهن بعد داعي اجل کي لبيڪ چوندي مالڪِ حقيقي سان وڃي مليا. کين روضهء اطهر ۾ نبي ڪريمﷺ ۽ حضرت ابوبڪرصديقجي ڀر ۾ دفن ڪيو ويو.
انا لله وانا اليہ راجعون
0 comments:
Post a Comment