728x90 AdSpace

Latest News

Ads 468x60px

28 November, 2011

شهادت جا قسم

شهادت جا قسم

                                      حافظ جمشيد احمد سڪندري

فقهي اصطلاح ۾ شهيد ان عاقل، بالغ ۽ پاڪ مسلمان کي چوندا آهن جيڪو ڪنهن ڪٽڻ واري اوزار سان قتل ڪيو وڃي ۽ قتل مان نه مال واجب ٿيو هجي ۽ نه دنيا مان فائدو ورتو هجي. ديناوي نفعي مان مراد هي آهي ته ڪٽڻ واري اوزار جي لڳڻ کان بعد کاڌائين يا پيتائين يا ستو يا علاج ڪرايائين يا خيمي ۾ ترسيو ۽ اهو سڀ ڪجھ دورانِ جهاد هوندو ته اهي شيون مانع شهادت ناهن.
شهيد جو حڪم هي آهي ته انکي غسل نه ڏنو ويندو آهي ۽ رت سميت دفن ڪيو ويندو، ته جتي هي حڪم لڌو ويندو فقهاء انکي شهيد چوندا ورنه نه. پر شهيد فقهي نه هجڻ جو مقصد هي نه آهي ته شهيد جو ثواب به نه لهي. ان جو فقط مطلب هي ٿيندو جو ان کي غسل وغيرہ ڏنو ويندو.
شهيد لاءِ الله تعالى فرمائي ٿو،
ترجمه: ”۽ جيڪي الله سائين جي واٽ ۾ ماريا ويندا. انهن کي مئل نه چئو بلڪه اهي زندہ آهن. پر توهان کي خبر ناهي“ (پارہ 2 ، البقرہ، آية 154)
۽ ٻي جاءِ تي الله سائين جو فرمان آهي.
ترجمه: ”جيڪي الله تعالى جي واٽ ۾ ماريا ويا انهن کي مئل گمان نه ڪيو بلڪه اهي زندہ آهن، پنهنجي رب وٽ رزق به ڏنا وڃن ٿا. آلعمران، آية 169   
حديثن ۾ شهيدن متعلق تمام گھڻيون فضيلتون آيل آهن. شهادت صرف ان جو نالو ناهي ته جهاد ۾ ماريو وڃي بلڪه حديث شريف ۾ انکان علاوہ به ست قسم آهن.
1.       جيڪو طاعون جي بيماري ۾ مري اهو شهيد آهي.
2.       جيڪو ٻڏي مئو اهو شهيد آهي.
3.       ذات الجنب (پاسي جو سُور) ۾ مئو اهو شهيد آهي.
4.       جيڪو پيٽ جي بيماري وگھي مئو اهو شهيد آهي.
5.       جيڪو سڙي مئو اهو شهيد آهي.
6.       جنهن جي مٿان ديوار وغيرہ ڪِري ۽ مري ويو ته اهو شهيد آهي.
7.       ويم دوران يا ڪنوارپ ۾ صبر ڪندي ڪا عورت مُئي ته شهيد آهي.
8.       ابن ماجه جي روايت مطابق جيڪو مسافري جي موت مئو ته شهيد آهي.
انهن کان علاوہ ٻيون به گھڻيون ئي صورتون آهن. جنهن ۾ شهادت جو ثواب ملي ٿو. امام جلال الدين سيوطي رحمة الله عليہ ۽ ٻين امامن انهن مختلف صورتن کي ذڪر ڪيو آهي جن مان ڪجھ هي آهن.
9.       سلهه (T.B) جي بيماريءَ ۾ مئو.
10.    سواري تان ڪري مئو.
11.    مرگھي وگھي مُئو.
12.    بخار ۾ مئو.
13.    مال، جان، اهل جي حفاظت ڪندي مئو.
14.    ڪنهن حق کي بچائيندو مئو.
15.    عشق ۾ مئو هجي بشرطيڪ پاڪدامن هجي ۽ لڪايو هجائين.
16.    ڪنهن کي ڪنهن درندي ڦاڙي کائي ڇڏيو.
17.    بادشاه ظلمًا قيد ڪيو، پوءِ ماريائين يا مري ويو.
18.    ڪنهن موذي جانور جي ڏنگڻ سان يا کائڻ سان مئو.
19.    دين جي علم جي طلب ۾ مئو.
20.    اهو مؤذن جيڪو ثواب جي طلب لاءِ اذان ڏيندو هو.
21.    سچو واپاري.
22.    جنهن کي سمنڊ جي سفر ۾ الٽي ۽ ڦيرِي آئي ۽ مري ويو.
23.    جيڪو پنهنجي ٻار ٻچن ۾ امر الاهي قائم ڪرڻ ۾ ڪوشش ڪري ۽ حلال کارائي مري ويو.
24.    جيڪو چاشت جي نماز پڙهي ۽ هر مهيني ٽي روزا رکي ۽ وتر کي سفر ۽ حضر ۾ نه ڇڏيو هجائين، مئو ته شهيد آ.
25.    فسادِ امت جي وقت ۾ سنت تي عمل ڪرڻ واري لاءِ سؤ شهيدن جو ثواب آهي.
26.  جيڪو بيماريءَ ۾ لا الٰہ الا انت سبحانڪ اني ڪنت من الظٰلمين، چاليھ مرتبه پڙهي ۽ ان بيماري ۾ مري ويو. اگر تندرست ٿي ويو، ته مغفرت ٿي ويندس.
27.    ڪافرن سان مقابلي لاءِ سرحدن تي گھوڙو ٻڌڻ وارو.
28.    هر رات سورة يسٓ پڙهڻ وارو.
29.    جيڪو پاڪائيءَ سان ستو ۽ مري ويو.
30.    جيڪو حضور صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم تي هڪ سؤ درود شريف پڙهي.
31.    جيڪو صدقِ قلب سان الله سائين کان هي سوال ڪرڻ وارو هجي، ته ”مان الله جي راه ۾ مران“
32.    جيڪو جمعي جي ڏينهن مئو.
33.  جيڪو صبح جو اعوذباالله السميع العليم من الشيطٰن الرجيم، ٽي ڀيرا پڙهي سورة حشر جون آخري ٽي آيتون پڙهي، الله سائين ستر هزار فرشتا مقرر فرمائيندو، ته ان لاءِ شام تائين استغفار ڪن ۽ اگر ان ڏينهن مئو، ته شهيد آهي ۽ جيڪو شام جو ائين ڪري، ته صبح تائين ان لاءِ اها ڳالھ آهي.
ڌڻي در دعا آهي، ته شال الله سائين اسان کي به هن عظيم رتبي سان نوازي.
                                                                    آمين


  • Blogger Comments
  • Facebook Comments

0 comments:

Post a Comment

Item Reviewed: شهادت جا قسم Description: Rating: 5 Reviewed By: سکندری
Scroll to Top