728x90 AdSpace

Latest News

Ads 468x60px

01 August, 2011

سيرت اميرالمؤمنين حضرت علي ڪرم الله وجهه الڪريم

سيرت اميرالمؤمنين حضرت علي ڪرم الله وجهه الڪريم
مولانا عبدالله مهراڻ سڪندري
اميرالمؤمنين سيدنا حضرت علي بن ابي طالب رضي الله عنه جن جي سيرت مطهرھ جامع ۽ وسيع آهي ۽ پاڻ پنهنجي خانداني پسِ منظر ۽ ديني اخلاقي ڪمال جي حوالي سان تاريخ اسلام نه پر تاريخ عالم جي لاءِ هڪ عهد آفرين ۽ اول العزم شخصيت آهن. نسبتي لحاظ کان پاڻ حضور اڪرم ﷺ جن جا سؤٽ آهن ۽ آغوشِ نبويءَ ۾ سندن پرورش ٿي، ڪفر ۽ نجاست کان سندن دامن ڪڏهن به آلودھ نه ٿيو. ننڍن ٻارن ۾ سڀ کان پهرين ايمان جهڙي دولت کان مشرف ٿيا. هجرت واري رات کين حضور اڪرمﷺ جن جي بستري تي سمهڻ جو شرف حاصل ٿيو. سندن ولادت باسعادت مڪي شريف ۾ عام الفيل واري واقعي کان پوءِ جمعي جي ڏينهن 13 رجب المرجب تي ٿي.
سندن عبادت: سيرتِ ابن هشام ۽ ترمذي شريف باب المناقب ۾ آهي، ته حضرت علي ڪرم الله وجهه الڪريم جن ڏهن سالن جي عمر ۾ ايمان آندو. سموري عمر ڪفر ۽ شرڪ کان پري رهيا. شروعات وارن ڏينهن ۾ حضور اڪرمﷺ جن سان گڏ مڪي شريف جي پهاڙن ۾ نماز گڏ پڙهندا هئا. سندن عبادت جي ڪيفيت اه هوندي هئي جو سڄي رات عبادت ۾ گذاريندا هئا.
سندن حلم: اهڙي طرح سندن حلم وڏي درجي جو هو. هڪ ڏينهن پنهنجي غلام کي آواز ڏنائون. غلام ديوار جي ڀرسان موجود هو. پاڻ مسلسل ڪيترا ڀيرا غلام کي سڏيائون پر انهيءَ ڪو جواب نه ڏنو  آخر ڪار پاڻ رضي الله عنه انهيءَ جڳھ تشريف وٺي ويا. ڏٺائون، ته غلام بيٺو آهي. پاڻ فرمايائونس، ته تو منهنجو آواز ٻڌو؟ عرض ڪيائين، ته ها. فرمايائونس، ته جواب ڇو نه ڏنئي؟ عرض ڪيائين، ته مون اڄ تائين اوهان کي ڪاوڙ ۾ نه ڏٺو
 آهي، انهيءَ ڪري اوهان کي ڪاوڙائڻ گھران ٿو. ڪاوڙ ڪرڻ سان شيطان خوش ٿئي ٿو ۽ ڪاوڙ کائڻ سان شيطان ڏکويل ٿي ٿو. پوءِ آءٌ اهڙو ڪم ڇو ڪيان جنهن سان شيطان خوش ٿئي. بلڪه آءٌ ويتر ان کي غمگين ڪرڻ گھران ٿو. وڃ تون آزاد آهين. جيسيتائين آءٌ زندھ آهيان تنهنجو کائڻ پيئڻ منهنجي ذمي آهي.
سندن تواضع: سندن وجود ۾ نوڙت به تمام گھڻي هئي. سخلافت واري وقت سندن حڪومت آفريڪا مغرب کان سمرقند تائين پهچي چڪي هئي. پاڻ پيادا ڪوفي جي بازار ۾ تشريف وٺي ويندا هئا. رعايا جو ڪجھ عرض ڪرڻ گھرندي هئي، ته بي فڪريءَ سان عرض ڪندي هئي. رستي کان ويندي ماڻهو چوندا هئا، ته هٽي وڃو اميرالمؤمنين اچي رهيو آهي. رسو ڏيو پاڻ ڪنهن کي به نه فرمائيندا هئا. هڪ بازا کان سامان خريد ڪري گھر اچي رهيا هئا، ته ڪنهن نيازمند اڳيان وڌي عرض ڪيو، ته حضور سامان مون کي ڏيو، ته کڻائي هلان. پاڻ فرمايائون، ته ابوالعيال احق ان يحمله يعني ٻارن وارو وڌيڪ حقدار آهي، جو گھر جو سامان کڻي. انهيءَ شخص عرض ڪيو، ته حضور اوهان ته اسان جا آقا آهيو. اهڙا ڪم ته خادم ڪندا آهن. پاڻ فرمايائون، ته انسان جو ڪمال گھر جي سامان کڻڻ سان گھٽ ڪونه ٿئي ٿو.
سندن سخاوت: تفسير حسيني ۾ آهي، ته حضرت علي ڪرم الله وجهه الڪريم جن وٽ چار درهم هئا. پاڻ هڪ درهم ظاهر صدقو فرمايائون، ٻيو درهم لڪل، هڪ درهم رات ۾ صدقو فرمايائون، ٻيو ڏينهن ۾ صدقو فرمايائون. تڏهن الله تعالى قرآن شريف ۾ سندن سخاوت جي تعريف فرمائي، ته ”جيڪي ماڻهو خيرات ڪن ٿا رات ۽ ڏينهن ۾ لڪيل ۽ ظاهر انهن جو بدلو انهيءَ جي رب وٽ آهي انهيءَ کي ڪو فڪر نه آهي ۽ نه ڪو غم“  جڏهن اها آيت سڳوري نازل ٿي، ته حضور اڪرمﷺ جن حضرت علي ڪرم الله وجهه الڪريم کان پڇيو، ته ”توهان ڪهڙو صدقو ڪيو آهي ۽ ڪهڙي مقصد سان ڪيو اٿو؟“ عرض ڪيائين يارسول الله!ﷺاهي چار صورتون صدقي جون منهنجي ذهن ۾آيون ۽ انهن چئن صورتن سان موافقت ڪري مون صدقو ڪيو، ته باري تعالى  ڪنهن به هڪ صورت کي پسند فرمائي منهنجو صدقو قبول ڪري. روايت آهي، ته حضرت شيرِ خدا رضي الله عنه جن جو هميشه اهو طريقو رهيو، ته ڪڏهن به طعام ڍئو ڪري ڪونه تناول فرمايائون. جڏهن به ڪو نيازمند عرض ڪندو هو، ته پاڻ رضي الله عنه فرمائيندا هئا، ته حسبي من الطعام مايقيم الظهري يعني مون کي ايتري قدر کاڌو ڪافي آهي جيڪو منهنجي پٺي سڌي ڪري ۽ عبادتِ الاهي ۾ نقصان نه اچي. هڪ ڏينهن پاڻ بيت المال ۾ تشريف وٺي ويا. اتي سون ۽ چانديءَ کي گھڻي مقدار ۾ ڏسي پاڻ فرمايائون، ته صفراءُ ويا بيضاء غر غيري يعني اي ساوا ۽ اڇا! (اهي ٻئي سون جا قسم آهن) تون مون کان سواءِ ٻين کي مغرور ڪري ڇڏين ٿو مگر آءٌ تنهنجي دام ۾ نه ايندس.
سندن ڪرامتون: سندن هڪ ڪرامت ته مشهور ۽ معروف آهي، ته سواريءَ جي رڪاب ۾ پير وجھندا هئا، ته قرآن شريف شروع ڪندا هئا. ٻي رڪاب ۾ وجھندا هئا، ته قرآن شريف ختم ٿي ويندو هو. جڏهن پاڻ جنگِ صفين ۾ تشريف وٺي ويا، ته رستي ۾ اڃ جي سختيءَ کين بي چين ڪيو. چئني طرفن ۾ جانچي ڏٺائون مگر پاڻي نه مليو. حضرت علي ڪرم الله وجهه الڪريم جن فرمايو، ته اڳتي هلو. ڪجھ هليا، ته هڪڙو گرجا ظاهر ٿيو. انهيءَ ۾ هڪ راهب ويٺو هو. انهيءَ کان پاڻي معلوم ڪيائون. راهب چيو، ته پاڻي هتان کان ٻه ميل پري آهي. رفيقن چيو، ته اجازت ڏيو، ته پاڻي کڻي اچون. پاڻ فرمايائون، ته اجازت نه آهي ۽ اشارو فرمايائون، ته هن جڳھ کي کوٽيو. هتي پاڻي آهي. سندن حڪم جي تعميل ڪندي سڀني
انهيءَ جڳھ کي کوٽڻ شروع ڪيو. کوٽيندي هڪ وڏو پٿر ظاهر ٿيو. سڀني رفيقن ڪوشش ڪئي، پر اهو پٿر هٽي نه سگھيو، آخر ڪار پاڻ گھوري تان لٿا ۽ پنهنجي هٿن مبارڪن سان پٿر کي هٽايائون، ته ڏسن ته انهيءَ پٿر جي هيٺيان صاف شيرين ٿڌو پاڻي آهي. سڀني پاڻي پيتو اهڙو نفيس پاڻي ٻئي ڪنهن به جڳھ تي ميسر نه ٿيو هو. ايتري ۾ گرجا جو راهب شمعون بن يوحنا نالي آيو، ڇا توهان پيغمبر آهيو؟ پاڻ فرمايائون، ته نه. عرض ڪيائين، ته ڇا! توهان فرشته مقرب آهيو؟ پاڻ فرمايائون، ته نه. عرض ڪيائين، ته توهان ڪير آهيو؟ پاڻ فرمايائون، ته آءٌ خدا جي رسول، نبين جي سردار حضور اڪرمﷺ بن عبدالله جو سؤٽ آهيان. راهب چيو، ته هٿ وڌايو، ته اوهان جي بيعت ڪيان. پاڻ هٿ وڌايائون، راهب قدم بوسيءَ کان پوءِ وڏي آواز سان پڙهيو: لا الٰہ الا الله محمد رسول اللهﷺ بعد ۾ حضرت علي ڪرم الله وجهه الڪريم انهيءَ راهب کان پڇيو، ته هيتري ساري مدت کان وٺي مسلمان ڇو نه ٿئين ۽ اڄ فوراً اسلام قبول ڪرڻ جو مطلب ڇا آهي. جواباً عرض ڪيائين، ته حضور هي گرجا انهيءَ جي هٿان فتح ٿيڻو هو، جيڪو انهيءَ پٿر کي هٽائي چشمه ظاهر ڪندو. اهو خدا جو رسول هوندو يا رسول جو سؤٽ هوندو. هن کان اڳ گھڻا ماڻهو آيا مگر ڪنهن کي به پٿر هٽائڻ جي طاقت نه ٿي. حضرت علي ڪرم الله وجهه الڪريم جن اهو ٻڌي روئڻ لڳا ۽ فرمايائون، ته الله تعالى جي لاءِ حمد آهي، جنهن مون کي اڳين ڪتابن ۾ ياد فرمايو.
  • Blogger Comments
  • Facebook Comments

0 comments:

Post a Comment

Item Reviewed:
سيرت اميرالمؤمنين حضرت علي ڪرم الله وجهه الڪريم
Description: Rating: 5 Reviewed By: سکندری
Scroll to Top