جمعيت علماء سڪندريه جي سالياني گڏجاڻي
رپورٽ: مولانا محمد آدم چاچڙ سڪندري
الحمدلله رجب المرجب 1432 ه بمطابق 29-06-2011ع تي جامعه راشديه درگاه شريف پيرجوڳوٺ ۾ جمعيت علماء سڪندريه پاڪستان جو ساليانو مرڪزي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس جي صدارت جمعيت جي مرڪزي صدر علامه عبدالوهاب سڪندري صاحب جن ڪئي. اجلاس جي ڪارروائي نگران ناظمِ اعلى فقير محمد آدم چاچڙ سڪندري هلائي رهيو هو. اجلاس جي شروعات تلاوتِ ڪلام پاڪ ۽ نعتِ رسولِ مقبولﷺ سان ٿي. ان کان پوءِ سابق ناظمِ اعلى علامه شاه محمد سڪندري رحمة الله عليہ، حافظ رسول بخش وساڻ سڪندري رحمة الله عليہ ۽ ٻين سڪندري دوستن جي وصال تي مغفرت جي دعا گھري وئي. دعا کان پوءِ نگران ناظمِ اعلى ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي. اجلاس ۾ ضلعي صدرن کي خطاب جي دعوت ڏني وئي. ضلعي جيڪب آباد جي صدر مولوي محمد اسماعيل سڪندري چيو، ته مرڪزي اجلاس 27 رجب جي بجاءِ ڪنهن ٻئي موقعي تي ٿيڻ گھرجي، ته جيئن آرام سان اجلاس جي ڪارروائي هلائي سگھجي. مولوي صاحب اعتراف ڪيو، ته مرڪز مان خط پهچڻ باوجود مان ضلعي اجلاس نه گھرائي سگھيو آهيان، آئندھ ڪوتاهي نه ٿيندي. سکر ضلعي جي صدر ميان محمد سومر سڪندري چيو، ته هنگامي چندو عربي ٽيچرس کان ورتو وڃي. جمع الجوامع شاخن ڏانهن نه موڪليا وڃن. مٽياري جي صدر حافظ غلام ڪبريا سڪندري چيو، ته هڪ ضلعي جا رهاڪو دوست ٻين ضلعن ۾ رهن ٿا. انهن جو تفصيل گڏ ڪري ضلعي صدرن ڏانهن موڪليو وڃي. سڪندري ٻهراڙين ۽ ڳوٺن ۾ وڃي اصلاحي پروگرام ڪري عوام اهل سنت کي سجاڳ ڪن. گھوٽڪي جي صدر مولوي مولا بخش مهر سڪندري چيو، ته اسان جمعيت جي پليٽ فارم تان خدمت ڪئي آهي ۽ آئندھ به ڪندارهنداسين. مولوي ميرمحمد سڪندري چيو، ته الراشد کي بهتر کان بهتر بڻائي مهيني جي پهرين هفتي ۾ پهچائڻ جو بندوبست ڪيو وڃي. لاڙڪاڻي جي صدر حافظ نور احمد جيسر سڪندري چيو، ته اسان عالم آهيون اسان جيڪو به ڳالهايون ان تي عمل ڪريون، سستي ڇڏي چستي اختيار ڪريون. حافظ عبدالرزاق مهراڻ مشورو ڏنو، ته الراشد جي رقم اڳواٽ وٺڻ گھرجي ۽ الراشد کي سه ماهي ڪيو وڃي. مختلف رسالن تان مضمون ورتا وڃن. مولوي جان محمد مهر سڪندري چيو، ته صدر رابطو نه ٿا رکن. حافظ محمد عيسى سومرو سڪندري کي اجلاس ۾ اچڻ گھرجي ها ۽ رپورٽ پاڻ پيش ڪري ها. مولوي رجب علي ڪيريو سڪندري چيو، ته جيڪڏهن سڪندري دوست اخلاص سان الراشد کي وڪرو ڪن، ته رسالو چؤڻ تي وڌيڪ چپجندو. مولوي عبدالرحمٰن نظاماڻي چيو، ته دستورالعمل جون ڪاپيون سمورن دوستن کي ملڻ گھرجن. سڪندري عالمن جا ضلعي ۽ تعلقي سطح تي اجلاس ٿيڻ گھرجن. رابطي کي وڌايو وڃي، ته ڪارڪردگي بهتر ٿيندي. آخر ۾ مولوي فقير الهورايو سهتو سڪندري چيو، ته جمعيت علماء سڪندريه جو فرض آهي، ته درگاه شريف جو لٽريچر ڇپائي جماعت تائين پهچايو وڃي ۽ پوري پاڪستان جي عوام تائين درگاه شريف جو پيغام پهچائڻو آهي. جمع الجوامع، قطب الاقطاب سيدنا محمد راشد روضي ڌڻي قدس سرھٗ جو ڪتاب آهي، جنهن کي ڇپرائڻ جمعيت جو فرض آهي. جيڪو جمعيت شيخ الحديث قبله مفتي محمد رحيم سڪندري جي حڪم سان ادا ڪري رهي آهي. اسان سياسي، سماجي ۽ ديني طور تي درگاه شريف جي حڪمن تي عمل ڪرڻ جا پابند آهيون. سڪندري عالم پوري پاڪستان ۾ ديني خدمتون ڀرپور طريقي سان ادا ڪري رهيا آهن. جامعه راشديه جي شاخن ۾ ٽي لک ٻار ديني تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. اسان جو رسالو الراشد تمام بهترين رسالو آهي. جنهن جا حوالا علامه محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاته جن پنهنجي خطاب ۾ ڏيندا آهن. سڪندري عالم اهل سنت جو سرمايو آهن.
ان کان پوءِ ناظمِ اعلى جي انتخاب جو مرحلو شروع ٿيو. علامه فقير الهورايو سڪندري اعلان ڪيو، ته ناظمِ اعلى جي خالي ٿيل سيٽ لاءِ جيڪو به دوست اميدوار هجي، ته اڳتي اچي نالو لکرائي، ته جيئن اليڪشن ڪرائجي. ائين ٽي ڀيرا اعلان ڪيائين دوستن مان ڪوبه دوست اميدوار ٿيڻ لاءِ تيار نه ٿيو، ته پوءِ مولوي صاحب چيو، ته جيئن ته اوهان دوستن مان ڪو به ناظم اعلى جو اميدوار نه آهي، ته پوءِ صدر جمعيت ۽ شيخ الحديث جامعه راشديه جي طرفان مقرر ڪيل دوست علامه فقير محمد آدم چاچڙ سڪندري خدمت لاءِ حاضر آهي. اوهان مان جيڪي دوست تائيد ڪن، ته هٿ مٿي ڪن. سڀني سڪندري دوستن هٿ مٿي کڻي متفقه طور تي رٿ جي تائيد ڪئي. اهڙيءَ طرح فقير محمد آدم چاچڙ سڪندري جمعيتِ علماء سڪندريه پاڪستان جو بنا مقابلي ناظمِ اعلى چونڊجي ويو. مولوي صاحبان ڀيڄ پاڳارا جا نعرا هڻي مبارڪون ڏنيون. انتخاب جي مرحلي کان پوءِ نئين چونڊيل ناظم اعلى دوستن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ پنهنجي حال آهر خدمت ڪرڻ جو واعدو ڪيو.آخر ۾ جمعيت علماء سڪندريه پاڪستان جي مرڪزي صدر دعائيه ڪلمات ادا فرمائي دعا گھري ۽ اجلاس اختتام پذير ٿيو.
0 comments:
Post a Comment