728x90 AdSpace

Latest News

Ads 468x60px

01 August, 2011

سهڻا سخن

سهڻا سخن
موڪليندڙ: حافظ روشن الدين درس
1.       زبان کولڻ کان اڳ اهو سوچيندا ڪريو، ته دنيا ۾ اهڙا ماڻهو به آهن جو توهان کان وڌيڪ عقلمند آهن.
2.       جڏهن جسم موت جي لاءِ آهي، ته پوءِ الله جي راه ۾ شهيد ٿيڻ سڀ کان بهتر آهي.
3.       خاموشي انسان جو وقار ”عزت“ وڌائيندي آهي.
4.       جنهن کي روئڻ لاءِ وقت ناهي اهو روئندڙن تي ڪهڙو رحم ڪندو.
5.       خدا کي ويجھي سڀ کان پياري ڳالھ والدين جي اطاعت آهي.
6.       دنيا خزانو آهي، علم ان جو رستو آهي.
7.       سڀ کان وڏي خيانت قوم سان غداري آهي.
قرآن مجيد هڪ نظر ۾
شيخ غلام سرور سڪندري
·        نازل ٿيڻ جي ڪل مدت 22 سال 5 مهينا
·        ڪلمن جو ڪل تعداد 86430 (ڇهاسي هزار چار سؤ ٽيھ)
·        حرفن جو ڪل تعداد 323760 (ٽي لک ٽيويھ هزار ست سؤ سٺ)
·        پارا 30 (ٽيهه)
·        منزلون 7 (ست)
·        سورتون 114 (هڪ سؤ چوڏهن)
·        آيتون 6666 (ڇهه هزار ڇهه سؤ ڇاهٺ)
·        رڪوع 540 (پنج سؤ چاليهه)
حرڪات (اعراب)
·        زبر 53223 (ٽيونجاه هزار ٻه سؤ ٽيويهه)
·        زير 39582 (اوڻيتاليهه هزار پنج سؤ ٻياسي)
·        پيش 8804 (اٺ هزار اٺ سؤ چار)
·        مد 1771 (هڪ هزار ست سؤ ايڪهتر)
·        شد1244 (هڪ هزار ٻه سؤ چوئيتاليهه)
·        نقطا 105684 (هڪ لک پنج هزار ڇهه سؤ چورياسي)
آيتن جا قسم
·        واعدي جون آيتون 1000 (هڪ هزار)
·        وعيد جون آيتون 1000 (هڪ هزار)
·        امر جون آيتون 1000 (هڪ هزار)
·        نهي جون آيتون 1000 (هڪ هزار)
·        مثال جون آيتون 1000 (هڪ هزار)
·        قصن جون آيتون 1000 (هڪ هزار)
·        حلال جون آيتون 250 (ٻه سؤ پنجاه)
·        حرام جون آيتون 250 (ٻه سؤ پنجاه)
·        تسبيح جون آيتون 100 (هڪ سؤ)
·        متفرق آيتون 66 (ڇاهٺ)
·         وحيءَ جا سمورا ڪاتب 40 صحابه ڪرام
·        پهرين وحي: اقرا باسم ربک الذي خلق (سورة العلق: آية 1کان 5 تايئن)
·        آخري وحي: واتقوا يوما ترجعون فيہ الي الله (سورة البقرة) يا اليوم اکملت لکم دينکم واتممت عليکم نعمتي ورضيت لکم الاسلام دينا (سورة المائدھ)
منزلن جي ورهاست
·        پهرين منزل: سورة الفاتحه کان سورة النساء تائين
·        ٻين منزل: سورة المائدھ کان سورة التوبه تائين
·        ٽين منزل: سورة يونس کان سورة النحل تائين
·        چوٿين منزل: سورة بني اسرائيل کان سورة الفرقان تائين
·        پنجين منزل: سورة الشعراء کان سورة ياسين تائين
·        ڇهين منزل: سورة الصٰفٰت کان سورة الحجرات تائين
·        ستين منزل: سورة ق کان وٺي سورة الناس تائين
حرفن جو تعداد:
الف: 48872  ب: 11428   ت: 1199   ث: 1276   ج: 3273    ح: 983    خ: 2416     د: 5602      ذ: 2677    ر: 11793  ز: 1590    س: 5991      ش: 2115  ص: 2012  ض: 1308 ط: 1277  ظ: 842     ع: 9220    غ: 2208    ف: 8499      ق: 6813      ک: 9500    ل: 7152    م: 36535  ن: 40190     و: 25536   ه: 19070      ي: 45919
تلاوت جا سجدا
متفق عليہ سجدا       14 (چوڏهن)          اختلافي سجدو        01 (هڪ)                  
  • Blogger Comments
  • Facebook Comments

0 comments:

Post a Comment

Item Reviewed:
سهڻا سخن
Description: Rating: 5 Reviewed By: سکندری
Scroll to Top