728x90 AdSpace

Latest News

Ads 468x60px

01 August, 2011

بي باڪ صحافي قابل ڏاهري

بي باڪ صحافي قابل ڏاهري
   
                                                             اسد ڏاهري

سٻاجھڙي سنڌ تي انسان اچن ٿا ۽ هليا وڃن ٿا ۽ هر ڪو پنهنجو دور وڄائي وڃي ٿو. پر ڪي ڪي انسان پنهنجي پويان يادون ۽ نه مٽجندڙ عڪس ڇڏي ويندا آهن. جيڪي هميشه جي لاءِ ڌرتيءَ جي رهواسين جي دلين ۾ چٽجي وڃن ٿا ۽ اهڙا پيارا ماڻهو ڌرتيءَ جي سونهن هوندا آهن. قوم اهڙن جي نالن کي فخر سان کڻندي آهي. اهڙو ئي هڪ املھ انسان، سنڌ جو نوجوان اديب ۽ ممتاز صحافي محمد قابل ڏاهري پنهنجو مٽ پاڻ هو. جنهن جي پهرين آگسٽ 2011ع تي ارڙهين ورسي ملهائي پئي وڃي.
قابل ڏاهري سڄي حياتي، علمي، ادبي ۽ صحافتي خدمت ڪندي گذاري ۽ زندگيءَ جو گھڻو عرصو حيدرآباد ۾ رهي ڪري پنهنجي تاريخ جوڙيائين. قابل ڏاهري 25 جنوري 1954ع جي شام مغرب مهل برسات جي رم جھم واري موسم ۾ شاهپور چاڪر جي ڀرسان ڳوٺ عمر ڏاهريءَ ۾ عبدالواحد ڏاهريءَ جي ڪکائين گھر ۾اک کولي. سندس شهيد ڏاڏي جو مٿس نالو رکيو ويو. تنهنڪري سڀ عزيز سندس ارڏايون پيا کڻندا هئا. قابل ڏاهري ننڍي هوندي کان ئي ڳوٺ جي ٻين ٻارن کان نرالي طبعيت جو ٻار هو. منهنجس دليري، بي خوفي، جفاڪشي، سهپ ۽ ماڻهن سان پيار ۽ محبت جون بي پناه خوبيون هيون. ابتدائي تعليم پرائمريءَ کان مئٽرڪ تائين شاهپور چاڪر مان حاصل ڪئي. ان کان پوءِ انٽرميڊيئيٽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سانگھڙ مان ڪئي. ڪاليج ۾ هو شاگرد سنگت يونين جي سرگرمين ۾ ڀرپور نموني حصو وٺي شاگردن جا مسئلا حل ڪرائيندو هو. قابل ڏاهري تقريري مقابلن ۾ حصو وٺي لطيف ايوارڊ، اقبال ايوارڊ، سورهيه بادشاه ايوارڊ ۽ ڪافي ڪتاب ۽ ڊائريون بطور انعام حاصل ڪيا. هن ننڍي هوندي کان ئي ادب ۽ صحافت طرف لاڙو رکيو. بزمِ گلشن
ادب سنڌ جي پليٽ فارم تان شاهپور چاڪر ۾ ادبي سرگرميون تيز ڪيون ۽ مختلف ميڙاڪا ڪرايا. سندس ننڍي هوندي وارا ادبي کيتر وارا دوست اڄ وڏا اديب آهن. هو هڪ اصول پرست صحافي هو، جنهن هميشه سچ لکيو ۽ هميشه ٻين کي سچ لکڻ لاءِ چوندو هو.
قابل ڏاهري شاگرديءَ واري زماني ۾ ڏاڍ ۽ ناانصافين جي خلاف اخبارن ۾ سچ لکيو. ظالم سان اکيون اکين ۾ ملائي ڳالهائيندو هو ۽ ظلم خلاف مضبوط دليلن سان اخباري جنگ ڪندو هو، جنهن ڪري هن مرد مجاهد کي تر جي هڪ وڏيري خاموش ڪرائڻ خاطر مسڪين جي گھر تي پوليس ڇاپا، گرفتاري ۽ پوءِ کيس سينٽرل جيل ڪراچيءَ ۾ رکڻ ان مظلوم سان ڇا وهيو ۽ واپريو هوندو. اهو سندس ڊائرين ۽ سندس دوستن وٽ رڪارڊ موجود آهي. ڪورٽ سڳوريءَ جي چڪرن کان پوءِ باعزت بري ٿيڻ ۽ صحافت جي ميدان ۾ پنهنجي قلمي ڏانءَ سان هر مظلوم جي سڏ ۾ سڏ ڏئي هر ظلم سان قلمي جهاد ڪندو رهيو. انهيءَ ڪري تر جا مظلوم هن بي باڪ صحافي کي پنهنجو ڏڍ سمجھندا رهندا هئا. ڇاڪاڻ ته هو هڪ پر عزم انسان هو.
اســــــــــــان وقــــــت پنهنــــــــــجو گذاري وينــــــــــداسين،
حــــــــــــــياتيءَ جــــــــــي ڪشــــــــــتي اڪاري وينــداسين،
ســــــــــــــــڄي ڳالھ قســــــــــــــمت سنـــــــــــــدي آ انعـــــــــــــام،
ڪنهن کي خوش ڪري ڪنهن کي روئاري وينــــداسين.           
قابل ڏاهري جيل جي آزاديءَ کان پوءِ حيدرآباد مان باقائدھ صحافت جي شروعات ڪئي. صبح جو سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ويندو هو ۽ شام جو پريس تي بطور سب ايڊيٽر ڪم ڪندو هو. ان دوران هن اخبار مان مختلف پيج جن ۾ شاگردن جو صفحو، ساهٿ سٿ، نئين ٽهي ۽ مهراڻ رنگ پڻ ڪڍيا، جنهن ۾ هن ڪيترن ئي نوجوانن جي حوصلا افزائي ڪئي. ان دوران هن ايم اي صحافت ۽ ايم اي آنرس سوشيالاجي فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن ۾ حاصل ڪئي. ان دوران هن حر تحريڪ جو سماجي جائزو تحقيقي مقالو پڻ لکيو. جيڪو حر جماعت کان هڪ انمول تحفو آهي. ان اهڙا مضمون، مقالا، ترجما ۽ اخبار جا ايڊيٽوريل لکيا جن کي شوق ۽ غور سان پڙهيو ويندو هو ۽ ڪيترن جا مسئلا حل ڪرايا. هن صحافتي پورهيو جاري رکندي، حيدرآباد مان 1990ع  دوران هفتيوار ”سنيهو“ پڻ جاري ڪيو. جنهن جو سنڌ يڪجهتي نمبر صحافت جو روشن مثال آهي. جيڪو هن جمعيت علماء پاڪستان جي سربراه مولانا شاه احمد نوراني کي سنڌ يڪجهتي ڪانفرنس دوران ڪراچيءَ ۾ پيش ڪري داد حاصل ڪيو. قابل ڏاهري کي پنهنجي مرشد اعلى حضرت پير سائين پاڳارا دامت برڪاته العاليه سان بي حد محبت ۽ عقيدت هوندي هئي. هن ”جو دم غافل، سو دم ڪافر“ تحت پنهنجي زندگي گذاري. روحاني محبت ۽ عقيدت ڪري، صحافت جي دنيا ۾ سنڌ جي جھوني اخبار روزانه مهراڻ حيدرآباد ۾ ان وقت جي ايڊيٽر ”سردارِ صحافت“ سيد سردار علي شاه ”ذاڪر“ جي شاگردي قبول ڪندي پوري زندگي خدمت ڪندي وقف ڪري ڇڏي. هن ڪيترائي ادبي صفحا، شاگردن جو صفحو، نئين ٽهي، مهراڻ رنگ، ساهت سٿ پڻ جاري ڪري نون اديبن ۽ شاعرن کي اڳتي آندو. هو حيدرآباد پريس ڪلب ۽ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ جو سرگرم ڪارڪن ۽ عهديدار پڻ رهيو. قابل ڏاهري حر تحريڪ تي تمام گھڻو لکيو ۽ گڏ ڪيو. سنڌ اندر امامِ انقلاب حضرت پير سائين سيد صبغت الله شاه سورهيه بادشاه شهيد متعلق پروگرام سڀ کان پهريائين حر گريجوئيٽ اسٽوڊينٽس فيڊريشن ۽ مسلم اسٽوڊينٽس فيڊريشن جي پليٽ فارم تان ملهائڻ جو اعزاز پڻ کيس حاصل آهي. هن حيدرآباد نيشنل سينٽر ۾ پڻ سورهيه بادشاه جون ورسيون ملهائي، حر تحريڪ ۽ سورهيه بادشاه جي عظيم قربانيءَ تي ريسرچ ڪرڻ ۽ ٻين اخبارن کي لکڻ تي مجبور ڪيو. کيس ننڍي عمر ۾ سنڌ جي ممتاز عالم دين علامه مفتي عبدالرحيم سڪندري ۽ ٻين اهڙن ئي عالمن ۽ درويشن جي صحبت ۾ رهڻ جا ڪيترائي موقعا نصيب ٿيا ۽ ڪيترن ئي بزرگن جي درگاهن تي وڃڻ نصيب ٿيو. سه ماهي الراشد جي شروعاتي ايڊيشن جي ڇپائي ۽ پروف ريڊنگ جو ڪم هن مرد مجاهد پنهنجي ڪلهن تي کنيو. هو جماعتي ڪچهرين ۾ هر ڳالھ حضرت پير سائين محمد راشد روضي ڌڻي رحمة الله عليہ جي ملفوظات شريف جي نقل سان بيان ڪري ختم ڪندو هو. قابل ڏاهري آخري وقت تائين پنهنجي دوست ۽ جماعتي ڀاءُ سان اٽڪندڙ هر وڏي ديوار سامهون سينو ساهي بيهي رهندو هو. انهن ڳالھين جي ڪري اڄ هو پنهنجي گھڻ گھرين ۾ زندھ آهي. جن ساڻس گڏ وقت گذاريو هوندو، انهن کي سندس کرائي ۽ خوبين جي خبر هوندي.
قابل ڏاهريءَ کي مظلوم سان وڏي همدردي هوندي هئي. سندس تڪيه ڪلام هوندو هو، ته وڏيرو جيڪڏهن پنهنجي پٽ کي ڪهندو، ته ان ۾ به سندس ڪو مفاد ضرور هوندو. سنڌي صحافت ۾ هن بي باڪ صحافي اڻ مٽ نقش ڇڏيا آهن. قابل ڏاهريءَ لاءِ سنڌ جا صحافي اها راءِ ٿا رکن ته هو هڪ سڄاڻ صحافي هو. جهڙو نالو قابل هئس اهڙيءَ ئي قابليت وارو انسان هو. نيڪ نيتي ۽ بردباري سندس رڳ رڳ ۾ سمايل هئي. قابل ڏاهري چاپلوسي ۽ خوشامد کان پري ڀڄڻ کي ترجيح ڏيندو هو. اڪثر چوندو هو، ته ڪردار ئي هر ڪنهن جي سڃاڻپ آهي. ماڻهو ته هن جهان مان مري ويندو. پر سندس ڪارناما نه مرندا آهن. چڱي ڳالھ ۽ تحرير ڪڏهن ناهي مرڻي. هو اڻ مَئي محبت پيدا ڪري ويو آهي. قابل ڏاهري ڪنهن به مڪتبهء فڪر جي ماڻهن جي ڪچهريءَ ۾ ويهندو هو، ته پنهنجو مٽ پاڻ هوندو هو. سنڌي، اردو ۽ فارسيءَ جي قادر ڪلام شاعرن جا بهترين شعر پنهنجي زبان تي جاري رکي، محفل جو مور بڻجندو هو. مجال آهي، جو هو ڪچهري وارن کي مطمئن نه ڪري يا ان جي راءِ کي اهميت نه ملي. مرحوم غلام نبي مهيسر چواڻي، ته
        اهي ميلا اهي ماڻهو موچارا ڪــــــــــــــــونه ٿا ڏسجن،
                  هئا جي ڪالھ گڏ اڄ سي پيارا ڪونه ٿا ڏسجن.
قابل ڏاهري جي بي باڪيءَ ڪيترن نوجوانن کي بي باڪ بنايو، جڏهن ڪو دوست يا عزيز ساڻس ملاقات ڪندو هو، ته سڀ کان پهرين اهو پڇندا هئا، ته اڄڪــــــــــلھ ڇا پڙهي رهـــــــــــــيا آهيو؟ هــــــــن پنهنجي ادبي،صحافتي ۽
 اصلاحي صــــــــــــــــــــلاحيتن کي جاري رکندي، ڪيترن ئي نوجـــوانن کي سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي ڪرائي. جيڪي هن وقت سنڌ جي وڏن اسڪالرن ۾ شمار ٿين ٿا. قابل ڏاهريءَ کي جيڪا پگهار ملندي هئي، ان مان اڌ ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون خريد ڪري ڇڏيندو هو ۽ چوندو هو، ته اسان جو ڪو سرمايو آهي ڇا؟ ادا اسان جو وڏي ۾ وڏو سرمايو بس ڪتاب ۽ دوست آهن. هن پنهنجي ذاتي لائيبريري مان سنڌ جي علمي، ادبي ۽ صحافي دوستن کي فائدو ڏنو. حيدر آباد ۾ العمران هوٽل تي سندس روم ۾ چئني پاسن کان ڪتاب، اخبارون ۽ رسالا هوندا هئا ۽ جڏهن ڊيوٽيءَ تي ويندو هو، ته هن جي هٿن ۾ خاڪي لفافو، جنهن ۾ ناياب لکڻيون ضرور هونديون هيون ۽ سندس مهمان نوازي وسيع هوندي هئي. قابل ڏاهري زندگيءَ جي تڪليفن کي منهن ڏئي، مس وڃي سک جو ساه کنيو، مٿان وري کيس گڙدن جي شديد تڪليف ٿي ۽ هو هڪ مهينو ڪراچي جي ڊاڪٽرن وٽ زيرِ علاج رهڻ کان پوءِ 30 جولاءِ تي ڪراچيءَ جي ڊاڪٽرن، صحافين ۽ سياسي دوستن کان موڪلائي وسندڙ بوندا بانديءَ ۾ پنهنجي اباڻن ڪکن ۾ پهتو ٻئي ڏهاڙي مٽ مائٽ ۽ ننڍي هوندي جا دوست ساٿي سندس طبعيت پڇڻ لاءِ اچي رهيا هئا، ته پهرين آگسٽ 1992ع جي مغرب مهل برسات جي رم جھم ۾ هن فاني جهان مان الله تبارڪ وتعالى جي سڏ کي لبيڪ چئي، اسان کان هميشه جي لاءِ جدا ٿي ويو. الله تبارڪ و تعالى قابل ڏاهريءَ جي آخري آرام گاه تي رحمت جا مينهن وسائي. (آمين)
اڪثر ماڻهو چوندا آهن، ته ڪنهن جي وڃڻ سان دنيا ۾ ڪا گھٽتائي ڪونه ايندي آهي پر حقيقت اها آهي، ته هر شخص جي دنيا الڳ هوندي آهي. انهن ماڻهن کان پڇو جيڪي قابل ڏاهريءَ جي سنگت ۾ رهيا، ته سندس وڇوڙي کان پوءِ سندس زندگيءَ ۾ ڪـيتري نه کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. جنهن جو پورائو ٿيڻ مشڪل آهي. قابل ڏاهري منهنجي لاءِ ڇپر ۽ ڇانو هو. جيسيتائين حياتي آهي هو هر موقعي تي ياد ايندو.
  • Blogger Comments
  • Facebook Comments

0 comments:

Post a Comment

Item Reviewed:
بي باڪ صحافي قابل ڏاهري
Description: Rating: 5 Reviewed By: سکندری
Scroll to Top