هي مهمان آيو!
عبداللطيف عباسي سڪندري، سکر
روزا رکو ۽ پڙهو نمازون، ڀلو مهينو رمضان آيو،
خدا جي رحمت سندا خزانا، کڻي مهينو هي مهمان آيو.

رب جي درگاه ۾ دعائون گھري بخشايو پنهنجون خطائون،
عاصين تي اتم عطائون، ڪرڻ هي اعلى احسان آيو.

شيطان سرڪش ٻَڌا وڃن ٿا، دوزخ جا درواز بند ٿين ٿا،
مجرمن لاءِ عام معافي ڏيڻ، جو عرش کان پئي اعلان آيو.

شبِ قدر جي آ رات هن ۾، آ مؤمنن لاءِ سوعات هن ۾،
هي رات بهتر آ ٻين راتين کان، خدا جو هي آهي فرمان آيو.

هميشه هونداسين هت نه جيئرا، مٿي تي ڏئي ٿو پيو موت ڦيرا،
ڪيئي هليا ويا ڇڏي واهيرا، نظر نه ڪنهن جو ڪو نشان آيو.

سڀن مهينن ۾ آهي افضل، رمضان جي لاءِ فرمايو مرسل،
اسان جي نصيحت لاءِ ٿيو نازل، رمضان ۾ ئي هي قرآن آيو.

حشر ۾ رب ڪندو سفارش، رمضان صدقي ٿيندي نوازش،
لطيف عباسي بخشش وارو، وري ورهائڻ هي سامان آيو.

0 comments:
Post a Comment