728x90 AdSpace

Latest News

Ads 468x60px

01 August, 2011

روزو خود اعتمادي حاصل ڪرڻ جو ذريعو

روزو خود اعتمادي حاصل ڪرڻ جو ذريعو
حافظ محمد عيسى سومرو سڪندري
صوم عربي زبان جو لفظ آهي.لغت ۾ صوم جي معنى آهي ان شيءِ کان باز رهڻ جنهن جي طرف نفس ڪشش ڪندو آهي ۽ شريعت ۾ صوم ان کي چوندا آهن، ته انسان صبح صادق کان غروب آفتاب تائين عبادت جي نيت سان کائڻ پيئڻ ۽ عمل زوجيت کان روڪيل رهي. روزن جو حڪم هجرت جي ٻئي سال نازل ٿيو. توحيد ۽ رسالت جي اقرار ڪرڻ ۽ تمام ضرورياتِ دين تي ايمان آڻڻ کان پوءِ جهڙيءَ طرح هر مسلمان تي نماز فرض آهي، اهڙيءَ طرح رمضان شريف جا روزا به هر مسلمان مرد، عورت عاقل ۽ بالغ تي فرض آهن. روزو قديمي عبادت آهي، الله تعالى جو فرمان آهي، ته ياايھاالذين اٰمنوا کتب عليکم الصيام کماکتب علي الذين من قبلکم لعلکم تتقون  يعني اي ايمان وارؤ! توهان تي روزا فرض ڪيا ويا آهن، جيئن توهان کان اڳين تي فرض ڪيا ويا هئا. من! توهان پرهيزگار ٿيو. حضرت حسن رضي الله عنہ فرمائي ٿو، ته جڏهن الله جي طرفان يا ايهاالذين اٰمنوا جو ارشاد ٻڌڻ ۾ اچي، ته غفلت کي ترڪ ڪري الله تعالى جي طرف متوجهه ٿي وڃو. ڇو ته ان کان پوءِ يا ته ڪنهن امر جو حڪم فرمائيندو يا ڪنهن بري عمل کان روڪيندو. حضرت جعفر صادق رضي الله عنه فرمائي ٿو، ته حرفِ ندا جي لذت عبادت جي تڪليف دور ڪري ٿي ۽ ان ۾ هڪ لطيف اشارو آهي، ته محب کي کپي، ته هو حڪم مڃي، چاهي اهو فرمائي، ته پنهنجو پاڻ کي باه ۾ اڇلاءِ. حضرت علي ڪرم الله وجهه الڪريم فرمايو، ته روزو اصلي قديم عبادت آهي، ڪابه امت ان جي فرضيت کان خالي نه رهي آهي. حديث شريف ۾ روزي جي تمام گھڻي فضيلت بيان ڪئي وئي آهي.
حضرت ابو هريرھ رضي الله عنه فرمائي ٿو، ته رسول اڪرمﷺ جن فرمايو،
ته انسان جي نيڪ عمل جو ثواب هن طرح زيادھ ڪيو ويندو آهي، جو هڪ هڪ نيڪيءَ جو ثواب ڏهوڻو ملندو آهي. ايسيتائين جو اهو ثواب ست سؤ ٿي ويندو آهي. الله تعالى فرمايو، ته ”روزي جو ثواب ان کان به بالاتر آهي.“ ان ڪري، ته روزو ته صرف منهنجي لاءِ آهي ۽ ٻانهو صرف منهنجي رضا لاءِ رکندو آهي ۽ مان ئي ان کي جزا ڏيندس. روزيدار پنهنجون خواهشون ۽ کائڻ پيئڻ صرف منهنجي خوشيءَ لاءِ ڇڏيندو آهي. روزيدار کي ٻه خوشيون حاصل ٿينديون آهن. هڪ خوشي روزي جي افطار وقت ۽ ٻي خوشي پروردگار سان ملاقات وقت. روزيدار جي وات جي بوءِ الله تعالى جي نزديڪ مشڪ کان زيادھ خوشبو دار هوندي آهي. روزو ڍال آهي. جڏهن توهان مان ڪنهن جو روزو هجي، ته اهو نه فحش ڳالهيون ڪري ۽ نه بيهودگيءَ سان شور ڪري ۽ جيڪڏهن ڪو ان کي برو چوي يا ان سان ڪو وڙهڻ جو ارادو ڪري، ته اهو ان کي چوي، ته مان روزيدار آهيان. 
حضرت ابو هريرھ رضي الله عنه کان هڪ ٻي روايت آهي، ته رسول الله ﷺجن فرمايو، ته هر شيءِ جي زڪوٰة هوندي آهي ۽ بدن جي زڪوٰة روزو آهي. روزو نصف صبر آهي. محترم قارئين ڪرام! روزي ۾ ديني فائدن کان علاوھ دنيوي فائدا پڻ آهن. روزو انساني زندگيءَ تي اثر انداز ٿئي ٿو. روزو خود اعتمادي حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي. روزي جو تقوى وارو تصوّر ان حقيقت کان آگاه ڪري ٿو، ته جيڪو ماڻهو الله تعالى جي حڪم تي حلال شيءِ کي هڪ مقرر وقت تائين ڇڏي ٿو، ته اهو ٻيا ٻارنهن مهينا حرام جي ويجھو ڪيئن ويندو ۽ الله تعالى جي قائم ڪيل حدن کي ڪيئن پائمال ڪري سگھندو. هڪ مهيني جا روزا انسان ۾ قوتِ مدافعت ۽ قوتِ ارادي پيدا ڪن ٿا ۽ سخت حادثن ۾ مقابلي جي طاقت بخشين ٿا. روزو سرڪش طبعيت ۽ جذبات تي ڪنٽرول ڪري ٿو. روزي ۾ جيئن ته انسان کي اڃ، بک ۽ ٻين تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ انسان الله تعالى جي رضا خاطر روزي جي حالت ۾ سڀني تڪليفن کي برداشت ڪري ٿو. پوري مهيني جي ٽريننگ ۽ مسلسل جدوجهد کان پوءِ روزيدار انسان جو پنهنجي عقل ۽ پنهنجي نفس تي پورو پورو تسلط (ڪنٽرول) ۽ غلبو حاصل ٿي وڃي ٿو. کيس خود اعتمادي حاصل ٿئي ٿي ۽ بصيرت واريون اکيون کلي وڃن ٿيون. معلوم ٿيو، ته روزي جي ذريعي خود اعتمادي حاصل ڪري سگھجي ٿي. شال رب ڪريم اسان سڀني مسلمانن کي رمضان المبارڪ جا روزا رکڻ جي توفيق عطا فرمائي.  آمين.
  • Blogger Comments
  • Facebook Comments

0 comments:

Post a Comment

Item Reviewed:
روزو خود اعتمادي حاصل ڪرڻ جو ذريعو
Description: Rating: 5 Reviewed By: سکندری
Scroll to Top