728x90 AdSpace

Latest News

Ads 468x60px

01 August, 2011

رمضان شريف جو آخري ڏهاڪو

رمضان شريف جو آخري ڏهاڪو
مفتي غلام شبير سومرو سڪندري

رمضان شريف جو سڄو ئي مهينو برڪت وارو آهي پر رمضان شريف جو آخري ڏهاڪو وڌيڪ اهم آهي. حديث شريف ۾ آهي، ته ”آخرھ عتق من النار“ يعني رمضان شريف جو آخري ڏهاڪو جهنم کان چوٽڪاري جو ڏهاڪو آهي.
حضرت نبي ڪريمﷺ جن رمضان شريف ۾ رات جو عبادت به ڪندا هئا ۽ آرام به فرمائيندا هئا پر جڏهن آخري ڏهاڪو ايندو هو، ته بسترو ويڙهي ڇڏيندا هئا ۽ پنهنجي حرم پاڪن کان جدا ٿي ويندا هئا. مسلم شريف ۾ ام المؤمنين حضرت عا ئشه صديقه رضي الله عنها کان روايت آهي، ته نبي ڪريمﷺ جن عبادت جي حوالي سان جيڪا ڪوشش رمضان شريف جي آخري ڏهاڪي ۾ فرمائيندا هئا اهڙي ڪوشش پهرين ڏهاڪن ۾ نه فرمائيندا هئا.
هڪ ٻي روايت ۾ ام المؤمنين فرمائي ٿي، ته ”کان رسول اللهﷺ اذا دخل العشر شد مئزرھ و احییٰ اليلة  و ايقظ اهلھ“ معنى جڏهن رمضان جو آخري ڏهاڪو ايندو هو، ته نبي ڪريمﷺ جن عبادت لاءِ سندرو ٻڌندا هئا ۽ راتيون جاڳندا هئا ۽ گھر ڀاتين کي به جاڳائيندا هئا.
رمضان شريف جي آخري ڏهاڪي ۾ هڪڙي رات اهڙي به آهي، جيڪا هزار مهينن کان افضل آهي. الله جل شانہٗ جو ارشاد مبارڪ آهي، ته ”ليلة القدرخيرمن الف شهر“ معنى قدر جي رات هزار مهينن کان ڀلي آهي. هزار مهينن کي سالن ۾ ورهائبو، ته ٽياسي سال چار مهينا ٿيندا. معلوم ٿيو، ته قدر جي رات ۾ عبادت ڪرڻ سان ٽياسي سالن جي عبادت کان وڌيڪ ثواب ملندو ۽ اها رات رمضان شريف جي آخري ڏهاڪي ۾ آهي.
مسلم شريف ۾ حضرت ابو سعيد الخدري رضي الله عنه کان روايت آهي، ته نبي ڪريمﷺ جن رمضان شريف جو پهريون ڏهاڪو اعتڪاف فرمايو، وري ٻيو ڏهاڪو اعتڪاف فرمايائون، ان کان پوءِ اصحابن سڳورن ڏانهن نهاري فرمايائون، ته اسان پهريون ڏهاڪو اعتڪاف ڪيوسون، هن رات کي ڳولڻ جي واسطي وري ٻيو ڏهاڪو اعتڪاف ڪيوسون پوءِ ٻڌايو ويو، ته اها رات آخري ڏهاڪي ۾ آهي. هاڻي جنهن کي اعتڪاف ڪرڻو آهي، اهو رمضان شريف جي آخري ڏهاڪي ۾ اعتڪاف ڪري.
ان کان پوءِ نبي ڪريمﷺ جن هميشه آخري ڏهاڪي ۾ اعتڪاف فرمائيندا هئا. بخاري ۽ مسلم شريف ۾ ام المؤمنين حضرت عائشه صديقه رضي الله عنها کان روايت آهي، ته نبي ڪريمﷺ جن رمضان شريف جي آخري ڏهاڪي ۾ اعتڪاف فرمائيندا هئا ۽ سندن وصال کان پوءِ سندن گھرواريون به اعتڪاف ۾ ويهنديون هيون.
اڄ به رمضان شريف جي آخري ڏهاڪي جون برڪتون حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ قدر جي رات حاصل ڪرڻ لاءِ مسلمان اعتڪاف ۾ ويهندا آهن ۽ دنياوي تعلقات کان آزاد ٿي اڪيلائيءَ ۾ ويهي پنهنجي پالڻهارکي ريجھائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.  شال رب ڪريم اسان سڀني مسلمانن کي رمضان شريف جي آخري ڏهاڪي جون برڪتون نصيب فرمائي. آمين.    
  • Blogger Comments
  • Facebook Comments

0 comments:

Post a Comment

Item Reviewed:
رمضان شريف جو آخري ڏهاڪو
Description: Rating: 5 Reviewed By: سکندری
Scroll to Top