728x90 AdSpace

Latest News

Ads 468x60px

01 August, 2011

شبِ قدر جا نفل

شبِ قدر جا نفل
                                      فقير غلام شبير جيسر   

1.   حضرت ڪعب الاحبار رضي الله عنه فرمائي ٿو، ته ”اگر ڪو شخص انهيءَ رات ۾ فقط ٽي ڀيرا ذڪر ”لا الٰہ الا الله“ چوي ٿو، ته الله تعالى پهرين ڀيري انهيءَ جي گناهن کي بخشي ڇڏي ٿو. ٻئي ڀيري چوڻ سان جهنم جي باه کان آزاد ڪري ڇڏي ٿو. ٽئين ڀيري چوڻ سان اهو جنت جو حقدار بڻجي وڃي ٿو.“
2.   حضرت علي ڪرم الله وجهه الڪريم فرمائين ٿا، ته ”جيڪڏهن ڪو شخص شبِ قدر ۾ سورة القدر (انا انزلنٰہ) ست ڀيرا پڙهي ٿو، ته الله تعالى ان کي هر مصيبت مان نجات عطا فرمائي ٿو ۽ ستر هزار فرشتا انهيءَ شخص لاءِ جنت جي دعا گھرن ٿا.“
3.   حضرت ابن عباس رضي الله عنهما فرمائين ٿا، ته حضور ڪريمﷺ فرمايو، ته ”جيڪو شخص شبِ قدر ۾ ٻه رڪعتون نفل پڙهي، هر هڪ رڪعت ۾ الحمد بعد ست ڀيرا قل هوالله، سلام کان بعد ۾ 70 ڀيرا اَسۡتَغۡفِرُاللهَ وَاَتُوۡبُ اِلَيۡہِ پڙهي، ته الله تعالى ان جا ۽ ان جي ماءُ پيءُ جا گناه معاف فرمائي ڇڏيندو.“ (درة الناصحين)
4.   جيڪو شخص انهيءَ رات ۾ چار رڪعتون نفل پڙهي هر هڪ رڪعت م الحمد بعد الهٰکم التڪاثر هڪ ڀيرو قل هوالله ٽي ڀيرا پڙهي، ته الله تعالى انهيءَ ٻانهي تان موت جي سختي ۽ قبر جو عذاب کڻي ڇڏيندو. (درة الناصحين)
5.       ٻه رڪعتون نفل الحمد بعد سورة القدر (انا انزلنٰہ) هڪ ڀيرو قل هوالله ٽي ڀيرا پڙهي، ته قدر جي رات جو ثواب ملندو.
6.   روح البيان ۾ حضرت امام يعقوب چرخي نقشبندي کان روايت آهي، ته جيڪو شخص ٻه رڪعتون نفل پڙهي الحمد بعد قل هوالله پنج ڀيرا پڙهي، ته گناهن جي بخشش جي دعا گھري، ته الله تعالى هڪ هزار مهينن جي راتين جي عبادت جو ثواب عطا ڪندو. (متبرڪ وظيفا)
شبِ قدر جون دعائون ۽ استغفار
حضرت ابو هريرھ رضي الله عنه کان روايت آهي، ته رسول الله ﷺ جن فرمايو، ته جيڪو شخص هن رات ۾ ڏه ڀيرا استغفار پڙهي، ته الله تعالى عرش جيترو ثواب عطا ڪندو ۽ سڀ گناه معاف ڪندو.(انيس الواعظين)
1.       جيڪو شخص هي دعا ٽي ڀيرا پڙهندو، ته ان ڄڻ شبِ قدر کي حاصل ڪيو.
لَا اِلٰہَ اِلَّا اللهُ الۡحَلِيۡمُ الۡڪَرِيۡمُ سُبۡحَانَ اللهِ رَبِّ السَّمٰوٰتِ السَّبۡعِ وَرَبِّ الۡعَرۡشِ الۡعَظِيۡمِ.
2.       شبِ قدر ۾ هيءَ دعا پڙهي:
اَللّٰهُمَّ اِنَّکَ عَفُوٌّ ڪَرِيۡمٌ تُحِبُّ الۡعَفۡوَ فَاعۡفُ عَنِّيۡ يَا غَفُوۡرُ يَاغَفُوۡرُ يَاغَفُوۡرُ
3.       رَبِّ اغۡفِرۡلِيۡ وَتُبۡ عَلَيَّ اِنَّکَ اَنۡتَ االتَّوَّابُ الرَّحِيۡمُ.
4.       اَسۡتَغۡفِرُاللهَ رَبِّيۡ مِنۡ ڪُلِ ذَنۡبٍ وَّاَتُوۡبُ اِلَيۡہِ.
5.       جيڪو شخص هي دعا پنج ڀيرا پڙهندو، الله تعالى ان جا گناه معاف ڪندو.
اَسۡتَغۡفِرُاللهَ الَّذِيۡ لَا اِلٰہَ اِلَّا هُوَالۡحَيُّ الۡقَيُّوۡمُ وَاَتُوۡبُ اِلَيۡہِ.
6.       اَللّٰهُمَّ اِنِّيۡ اَسۡئَلُکَ عِلۡمًانَّافِعًا وَّرِزۡقًا وَّاسِعًا وَّشِفَاءً مِّنۡ کُلِّ دَاءٍ.
7.       رَبَّنَا اٰتِنَا فِي الدُّنِيَا حَسَنَةً وَّفِي الۡاٰخِرَةِ حَسَنَةً وَّقِنَا عَذَابَ النَّارِ.

  • Blogger Comments
  • Facebook Comments

0 comments:

Post a Comment

Item Reviewed:
شبِ قدر جا نفل
Description: Rating: 5 Reviewed By: سکندری
Scroll to Top