رمضان المبارڪ مهيني جون فضيلتون ۽ مسئلا
قاري محمد مٺل قاسمي
اسلامي سال جو نائون مهينو رمضان المبارڪ آهي. رمضان جي معنى ۾ عالمن جو اختلاف آهي. ڪي چون ٿا، ته رمضان الله تعالى جي نالن مان هڪ نالو آهي. تنهنڪري ان کي رمضان نه پر شهر رمضان (رمضان جو مهينو) چئبو آهي. جيئن رجب کي رجب الاصم چئبو آهي. ڪي چون ٿا ته اهو مهينو گناهن کي ساڙيندو آهي. تنهنڪري رمضان جو نالو (رمض، تپش، جلائڻ ۽ ساڙڻ) مان ورتل آهي. ”اصمعي کان روايت آهي، ته ابو عمرو جو چوڻ آهي، ته انهيءَ مهيني تي رمضان نالو هن ڪري پيو جو ان مهيني ۾ اٺن جي ڦَرن (گورن) جا پير گرميءَ جي ڪري تپي ويندا هئا. (رمض، تپش) کي چون ٿا، ته انهيءَ گرميءَ جي ڪري پٿر تپي ويندا هئا، رمضان پٿر کي چئبو آهي.“
وضاحت: فقط نالي پوڻ وقت انهيءَ گرميءَ جولڀڻ ڪافي آهي. ٿي سگھي ٿو ته ڪنهن سال انهيءَ مهيني ۾ سخت گرمي ٿي هجي ۽ اهو نالو پيو هجيس. جيئن محرم هاڻي به محرم آهي پر منجھس لڙائي ۽ جنگ حرام نه آهي. ڪي چون ٿا، ته رمضان کي رمضان هن ڪري چئجي ٿو، ته ان ۾ مؤمنن جون دليون وعظ ۽ آخرت جي ياد مان گرمي وٺنديون آهن. جيئن واري ۽ پٿر سج مان گرمي وٺندا آهن. خليل (نحوي) چوي ٿو، ته رمضان رمض مان ورتل آهي ۽ رمض جي معنى آهي. سانوڻي مينهن. انهيءَ مهيني ۾ بدن گناهن کان ڌوپجي ويندا آهـــــــن ۽ دليــــــــــون پاڪ ٿينـــــــــديون آهن. ســـو اهو مهينو گناهن کي صاف
ڪرڻ لاءِ ڄڻ ته سانوڻي جو مينهن ۽ بارش آهي.(غنية الطالبين تان)
رمضان لفظ ۾ پنج اکر آهن. ”ر“ مان مراد آهي، الله جو رضامندو. ”م“ مان مراد آ هي، الله جي محبت. ”ض“ مان مراد آهي، الله جي ضمانت. ”الف“ مان مراد آهي، الله جي الفت ۽ ”ن“ مان مراد آهي، الله جو نور.
رمضان جو مهينو الله جي دوستن ۽ خدا جي نيڪ ٻانهن جي لاءِ الله جي رضامندي ۽ محبت ۽ الله جي ضمانت ۽ الفت ۽ الله جو نور ۽ بخشش آهي. رمضان جو مهينو، مڙني مهينن ۾ ائين آهي، جيئن دل سيني ۾ آهي. رمضان جو مهينو ائين آهي، جئين حرم شهرن ۾. جهريءَ طرح دجال لعين حرم ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويندو. اهڙيءَ طرح رمضان جي مهيني ۾ شيطان قيد ڪيا ويندا آهن. جيئن نبي سڳورا شفاعت ڪندا تيئن رمضان روزيدار جي شفاعت ڪندو. جيئن دل معرفت ۽ ايمان جي نور سان مزين ۽ سينگاريل ٿئي ٿي، تيئن رمضان جو مهينو قرآن شريف جي تلاوت سان مزين ۽ سينگاريل ٿئي ٿو. جنهن ماڻهوءَ جي رمضان ۾ بخشش نه ٿئي، ته پوءِ ڪهڙو مهينو آهي؟ جنهن ۾ ان کي بخشو ويندو. ٻانهي کي ان کان اڳ ۾ توبه ڪرڻ گھرجي. جو توبه جا دروازا بند ڪيا وڃن ۽ ٻانهن کي گھرجي، ته دعا ڪن، ان کان اڳ جو دعا جي قبوليت جو وقت ختم ٿي وڃي ۽ ٻانهن کي روئڻ گھرجي، ان کان اڳ جو روئڻ جو وقت (زندگي) ختم ٿي وڃي. سڀني ماڻهن جو سردار حضرت آدم عليه السلام آهي ۽ عربن جو سردار{1}حضرت محمدﷺ آهي ۽ فارسن جو سردار حضرت سلمان رضي الله عنه آهي. ۽ رومين جو سردار حضرت صهيب رضي الله عنه آهي. حبشين جو سردار حضرت بلال رضي الله عنه آهي. ڳوٺن جو سردار مڪو آهي. وادين (۽ ماٿرين) جي سردار بيت المقــــدس جي وادي آهي. ڏينهن جو سردار جمعي جو ڏينهن آهي.
{1} عربن جو سردار حضور ڪريمﷺ آهي، منهنجي خيال ۾ شيخ صاحب رحمة الله عليه حضور ڪريمﷺ جي اها جزوي فضيلت بيان فرمائي آهي، ورنه پاڻ سڳوراﷺٻنهي جهانن جا سرادر، جنن ۽ انسانن، عرب ۽ عجم جا سردار آهن. بعد از خدا بزرگ تو ئي قصه مختصر
راتين هي سردار ليلة القدر جي رات آهي. ڪتابن جو سردار قرآن مجيد آهي. سورة بقرة جي سردار آية الڪرسي آهي. پٿرن جو سردار حجر اسود آهي. کوهن جو سردار زم زم جو کوه آهي. لٺين جي سردار حضرت موسى عليه السلام جي لٺ آهي. مڇين جي سردار اها مڇي آهي، جنهن جي پيٽ ۾ حضرت يونس عليه السلام هو. اٺين (ڏاچين) جي سردار حضرت صالح عليه السلام جي ڏاچي آهي. گھوڙن جو سردار بوراق آهي، جنهن تي پاڻ ڪريمﷺ جن چڙهي معراج تي ويا. مُنڊين جي سردار حضرت سليمان عليه السلام جي مُنڊي آهي ۽ مهينن جو سردار رمضان جو مهينو آهي. (غنية الطالبين تان ورتل)
روزي جي تعريف
لغت ۾ روزي جي معني ”رڪجڻ“ آهي ۽ شريعت جي اصطلاح ۾ صبح صادق کان وٺي سج لهڻ تائين کائڻ پيئڻ ۽ جماع ڪرڻ انهن ٽنهي شين کان روزي جي نيت سان رڪجڻ کي روزو چئبو آهي.
روزي جي فرضيت قرآن مجيد مان
ترجمو: اي مؤمنو! جيئين اوهان کان اڳين امتن تي (روزا) فرض ڪيا ويا هئا تيئن اوهان تي (به) فرض ڪيا ويا آهن، ته جيئن اوهان پرهيزگاري ڪريو.
{سورة البقرة پارھ 2 ع 7}
هن آيت مان معلوم ٿيو، ته فقط مسلمانن تي روزو فرض ڪونه ڪيو ويو آهي، پر امت محمديهﷺ کان اڳ ۾ جيڪي به امتون ٿي گذريون آهن انهن تي روزو فرض هو.
روزي رکڻ جي نيت
وَبِصَوْمِ غَدٍ نَوَیْتُ مِنْ شَھْرِ رَمَضَانَ۔
مون سڀاڻي جي رمضان جي روزي جي نيت ڪئي.
روزو کولڻ جي دعا
اَللّٰھُمَ اِنِیْ لَکَ صُمْتُ وَبِکَ اٰمَنْتُ وَ عَلَیْکَ تَوَکَلْتُ وَ عَلیٰ رِزْقِکَ اَفْطَرْتُ۔
اي الله! مون تنهنجي لاءِ روزو رکيو ۽ توتي ايمان آندو ۽ توتي ڀروسو ڪيم ۽ تنهنجي ڏنل روزيءَ تي مون روزو کوليو.
روزي جي فضليت
جنت جي هڪ دروازي جو نالو رَيَّانُ آهي. قيامت جي ڏينهن ان مان فقط روزيدار داخل ٿيندا. روزيدارن کي آواز ڏنو ويندو. ان کان پوءِ اهي اٿندا. جڏهن اهي دروازي مان داخل ٿي ويندا، ته پوءِ دروازو بند ڪيو ويندو. پوءِ ان ما ڪير به داخل ٿي نه سگھندو. (متفق عليه)
حضرت ابو هريرھ رضي الله عنه فرمائي ٿو، ته نبي ڪريمﷺ جن ارشاد فرمايو، ته ”الله تعالى فرمائي ٿو، ته ماڻهوءَ جو هر عمل ان جو آهي، پر روزو منهنجو آهي ۽ آءٌ ئي ان جو بدلو ڏيندس ۽ روزو هڪ ڍال آهي.“(متفق عليه)
تشريح
حضرت سفيان بن عيينه رضي الله عنه کان الله تعالى جي هن ارشاد ”الصوم لی وانا اجزي به“ جو مطلب پڇيو ويو تڏهن جواب ڏنائين، ته الله تعالى قيامت جي ڏينهن ٻانهي کان حساب وٺندو ۽ ان جي ذمي ماڻهن جا جيترا حق هوندا، ان جي عملن مان ادا ڪيا ويندا. ايسيتائين جو ان وٽ روزي کان سواءِ بيو ڪو عمل باقي نه رهندو. تڏهن حقدار ان جو ثواب به ڦرڻ گھرندا. تڏهن الله تعالى باقي سڀني حقن جي ادائگيءَ جو ذمو پاڻ کڻندو ۽ روزو ڪنهن حقدار کي ڪونه ڏنو ويندو ۽ روزي جي ڪري ان کي الله تعالى جنت ۾ داخل فرمائيندو. ان ئي حديث ۾ اڳتي آهي، ته پاڻ فرمايائون، ته ”ان ذات (خدا) جو قسم جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي، ته روزيدار جي منهن جي بوءِ الله تعالى وٽ مشڪ جي خوشبوءِ کان به وڌيڪ پاڪيزھ آهي.“ ان ئي حديث شريف ۾ آهي، ته ”روزيدار جي لاءِ ٻه وقت خوشيءَ جا آهن، هڪڙو وقت (دنيا ۾) افطار جو وقت ۽ ٻيو (آخرت ۾) پروردگار سان ملاقات جو وقت.“ (متفق عليه)
ابو عبيدھ رضي الله عنه فرمائي ٿو، ته حضور ڪريمﷺ جن ارشاد فرمايو، ته ”روزو ماڻهوءَ لاءِ ڍال آهي، جيسيتائين ان کي نه ٽوڙي.“ (نسائي ــ ابن ماجه) ڍال جو مطلب هي آهي، ته جهڙي طرح جنگ جي وقت ان جي ذريعي ماڻهو پنهنجي جان بچائي ٿو، اهڙي طرح روزو ايمان جي دشمن شيطان کان محفوظ رکي ٿو.
حديث شريف ۾ آهي، ته ڪنهن صحابيءَ حضورڪريمﷺ جن کان پڇيو، ته روزو ڪهڙيءَ شيءِ سان ٽٽي ٿو؟ پاڻ فرمايائون، ته ”ڪوڙ ۽ گلا سان (روزو ٽٽي ٿو.)“
حضرت ابو هريرھ رضي الله عنه کان روايت آهي، ته رسول الله ﷺ جن ارشاد فرمايو، ته ”هرشيءِ جي زڪوٰة آهي، جسم جي زڪوٰة روزو آهي.“ (ابن ماجه)
توهان روزي جي متعلق رسول اللهﷺ جن جي چند حديثن جومطالعو فرمايو، هاڻي اسين فقط اها حديث پيش ڪريون ٿا،جنهن ۾ روزو نه رکڻ جو وعيد فرمايو ويو آهي. حضرت ابو هريرھ رضي الله عنه کان روايت آهي، ته رسول اللهﷺ جن فرمايو، ته ”جيڪو شخص رمضان جو فقط هڪڙو روزو (ڄاڻي ٻجھي) شرعي عذر کان سواءِ نه رکي، ته ان جو بدلو سڄي عمر روزا رکڻ سان به نه ٿو ٿي سگھي.“ (بخاري ــ ترمذي ــ ابوداؤد ــ ابن ماجه)
ان حديث جي بناء تي حضرت علي ڪرم الله وجهه الڪريم ۽ ڪي ٻيا علماء هي چون ٿا، ته جنهن رمضان جو هڪڙو روزو بنا ڪنهن مجبوريءَ جي ڇڏيو، ته ان جي قضا نٿي ٿي سگھي. ڀلي سڄي عمر پيو روزا رکي. يعني اها فضيلت جيڪا روزي نه رکڻ جي ڪري فوت ٿي وئي، اها حاصل نٿي ٿي سگھي. (تحفة الصيام مع فضائل الشهور والايام)
وڌيڪ فضيلتن لاءِ وڏن ڪتابن ڏانهن رجوع ڪرڻ گھرجي باقي هتي ڪجھ ضروري مسئلا بيان ڪجن ٿا.
سحريءَ جا مسئلا
1. جيڪڏهن ڪنهن سحري تمام سويري کاڌي، ان کان پوءِ پاڻي، چانهن وغيرھ کائيندو پيئندو رهيو، ان کان پوءِ صبح صادق کان اڳ ۾ گرڙي ڪري ورتائين، ته ان کي دير ڪري سحري کائڻ جو ثواب ملي ويو. ان کائڻ پيئڻ جو حڪم ائين آهي، جيئن سحري دير سان کائڻ جو.
2. جيڪڏهن رات جي وقت سحريءَ مهل ڪنهن کي سجاڳي نه ٿي، سڀئي گھر وارا ستا رهيا، ته پوءِ بنا سحريءَ جي روزو رکيو وڃي. روزو ڇڏڻ وڏي ڪم همتي آهي ۽ ايمان جي ڪمزوريءَ جو دليل پڻ آهي ۽ گناه به آهي.
3. جيسيتائين صبح صادق نه ٿيو ايسيتائين سحري کائڻ درست آهي، صبح صادق کان بعد ۾ سحري کائڻ بند ڪرڻ گھرجي.
4. جيڪڏهن ڪنهن جي اک دير سان کلي ۽ سمجھيائين، ته رات اڃا باقي آهي، اهو خيال ڪري سحري کاڌائين، ان کان پوءِ معلوم ٿيس، ته جنهن وقت سحري کاڌي هيم ان وقت صبح ٿي چڪو هو، ته اهو روزو ڪونه ٿيو. ان روزي جي قضا رمضان کان پوءِ ڪري پر ان صورت ۾ به کلي عام نه کائيندو رهي.
5. جيڪڏهن سحري کائڻ ۾ ايتري دير ٿي وئي جو صبح جو شڪ ٿي پيو، ته هاڻي مڪروه آهي، جيڪڏهن ڪجھ کاڌائين، ته گنهگار ٿيندو. ان کان پوءِ جڏهن هي معلوم ٿيس، ته جنهن وقت کاڌو هيائين ان وقت صبح ٿي ويو هو، ته اهو روزو ڪونه ٿيو. رمضان کان پوءِ اهو روزو قضا ڪري. اهي مسئلا در مختار، شامي ۽ بحرالرائق مان ورتا ويا آهن.
افطار جا مسئلا
1. جيڪڏهن آسمان تي ڪڪر هجن، ته روزو کولڻ ۾ جلدي نه ڪريو، پر ڪجھ دير ڪري روزو کولي، واچ، گھڙيال جو اعتبار نه ڪري، ٿي سگهي ٿو، ته گھڙي غلط ٿي وئي هجي. (شامي 183 جلد 1)
2. جيڪڏهن سج لهڻ ۾ شڪ هجي، ته ان وقت تائين افطار نه ڪرڻ گھرجي جيسيتائين سج لهڻ جو يقين نه ٿئي.(هدايه شامي 181 جلد 1)
3. کجور يا ڇوهارن سان روزو کولڻ سنت آهي، جيڪڏهن اهي ٻئي شيون نه ملن، ته پاڻيءَ سان افطار ڪجي. (ترمذي)
تراويح
تروايحن جي سلسلي ۾ ٽي ڳالهيون ذهن ۾ رکڻ تمام ضروري آهن.
1. تروايحن جي نماز هر مسلمان، عاقل، بالغ، مرد توڙي عورت تي سنت مؤڪدھ آهي. شرعي عذر کان سواءِ معاف نه آهي. مردن کي جماعت سان ادا ڪرڻ سنت الڪفايہ آهي.
2. هڪ دفعو سڄو قرآن ٻڌڻ.
3. پوري رمضان ۾ روززانو تراويحون پڙهڻ.
اهي ٽئي سنتون آهن، جنهن عبادت ۾ ٽي سنتون گڏ ٿين. ان جي ڪري اهميت هوندي. اها ڳالھ هر عقلمند ماڻهو سمجھي سگهي ٿو. (تحفة الصيام مع الفضائل الشهور والايام اضافہ جديدھ : صفحه 108)
اعتڪاف
اعتڪاف جي معنى آهي، رڪجــــــــڻ ۽ منع ڪرڻ، جــــيئن ته انسان
پنهنجي پاڻ کي انهن ڳالهين کان روڪي ٿو. جيڪي آدابِ اعتڪاف جي خلاف آهن، انهيءَ ڪري ان ويهڻ کي اعتڪاف چئبو آهي. اعتڪاف جون حديث ۾ وڏيو فضيلتون بيان ٿيل آهن، طوالت جي خوف کان هتي فقط هڪڙي حديث جو ذڪر ڪجي ٿو.
حضرت عائشہ رضي الله عنها کان روايت آهي، ته نبي ڪريمﷺ جن رمضان جي آخري ڏهي ۾ اعتڪاف فرمائيندا هئا.ايسيتائين جو پاڻ لاڏاڻو ڪيائون، سندن لاڏاڻي کان پوءِ سندن ازواجِ مطهرات اعتڪاف ڪنديون هيون. (بخاري ۽ مسلم)
رمضان شريف جي آخري ڏهي جو اعتڪاف سنتِ مؤ ڪدھ آهي. اهو اعتڪاف ويهين روزي جي شام يعني سج لهڻ جي وقت کان شروع ٿئي ٿو ۽ عيد جي چنڊ ڏسڻ تي ختم ٿئي ٿو. چنڊ چاهي اوڻتيهينءَ جو هجي ٽيهينءَ جو هجي اعتڪاف جو حڪم هي آهي، ته ڪنهن شهر يا ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪڙو به ماڻهو اعتڪاف ۾ نه ويهندو، ته اتي جا سڀئي مسلمان گنهگار ٿي ويندا. جيڪڏهن هڪڙو ماڻهو اعتڪاف ۾ ويهندو، ته اتان جي سڀني مسلمانن جي ذمي تان گناه لهي ويندو. (تحفة الصيام مع الفضائل الشهور والايام)
اعتڪاف جا شرط
1. مسلمان هجڻ. 2. ناپاڪي کان (اعتڪاف ڪندڙ مرد يا عورت جو) پاڪ
هجڻ.عاقل هجڻ. 4. نيت ڪرڻ. 5. اهڙي مسجد ۾ اعتڪاف ۾ ويهڻ جتي نماز باجماعت ٿيندي هجي.
اعتڪاف ۾ جائز ڪم
1. قضاء حاجت يعني پيشاب يا پئخاني لاءِ نڪرڻ، 2. فرض غسل لاءِ نڪرڻ 3. جنهن مسجد ۾ اعتڪاف ۾ ويٺو آهي، جيڪڏهن اتي جمعي جي نماز نه ٿي ٿئي، ته جامع مسجد ۾ ايترو اڳ ۾ وڃڻ جو خطبي کان پهرين چار رڪعتون سنتِ مؤڪدھ پڙهي وٺي، 4. آذان لاءِ مسجد کان نڪري آذان ڏيڻ، 5. مسجد ۾ کائڻ پيئڻ، 6. ضرورت جي شيءِ وٺڻ، 7. فقط نڪاح ڪرڻ، جماع نه.
اعتڪاف ۾ مڪروه
اعتڪاف ۾ هي ڳالهيون مڪروه آهن. اعتڪاف جي حالت ۾ اهو سمجهي خاموش ٿي ويهڻ، ته هيءَ به عبادت آهي. مسجد ۾ ڪاشيءِ آڻي وڪڻڻ يا بيڪار بنا ضرورت جي ڪاشيءِ خريد ڪرڻ. لڙائي جھڳڙو ڪرڻ يا فضول بيهودھ ڳالهيون ڪرڻ اهي سڀ مڪروه آهن. اعتڪاف واري کي اهڙين ڳالهين کان بچڻ گھرجي.
اعتڪاف کي ٽوڙڻ واريون شيون
1. مسجد مان عذر کان سواءِ ٻاهر نڪرڻ، جيڪڏهن عذر کانسواءِ مسجد کان ٿوري دير ٻاهر نڪرندو، ته اعتڪاف ٽٽي پوندو، 2. جماع ڪرڻ 3. لوازماتِ جماع ڪرڻ 4. معتڪف جو بيهوش يا چريو ٿي وڃڻ.
قدر جي رات
رمضان شريف جي آخري ڏهي ۾ هڪ رات اچي ٿي. جنهن کي قدر جي رات چوندا آهن. حديث شريف ۾ حضرت عائشه رضي الله عنها کان مروي آهي، ته جڏهن رمضان جو آخري ڏهو شروع ٿيندو هو، تڏهن پاڻ سڳوراﷺ چيلھ (ڪمر) ڇڪي ٻڌندا هئا ۽ پنهنجي گھروارن کي
جاڳائي هوشيار ڪندا هئا. (متفق عليه)
چيلھ ڇڪڻ جو مطلب هي آهي، ته حضور ڪريمﷺ جن خدا جي عبادت لاءِ اڃا به وڌيڪ تيار ٿيندا هئا.
قدر جي رات ڪهڙي آهي؟
حضرت عائشه رضي الله عنه کان روايت آهي، ته رسول الله ﷺ جن فرمايو، ته ”قدر جي رات کي رمضان جي آخري ڏهي جي اِڪي راتين ۾ ڳوليو“ (بخاري) يعني 21هين، 23هين، 25هين، 27هين ۽ 29هين راتين ۾ ڳوليو. اها روايت عروھ بن زبير رضي الله عنه ۽ عبدالله بن عمر رضي الله عنهما کان به مروي آهي.
شبِ قدر ۾ ڇا ڪرڻ گھرجي؟ حضرت عائشه رضي الله عنها کان روايت آهي، ته مون رسول اللهﷺ کان پڇيو، ته اي الله جا رسولﷺ جيڪڏهن مون کي قدر جي رات جو پتو پئجي وڃي، ته آءٌ ان ۾ ڇا پڙهان؟ پاڻ فرمايائون، ته (هي دعا پڙه) اللّٰھم انک عفو تحب العفو فاعف عنی۔ يعني اي الله! تون معاف ڪرڻ وارو آهين، معافي گھرڻ واري کي پسند ڪرين ٿو، مون کي به معاف فرماءِ. ( ترمذي)
قدر جي رات جا ڪجھ عمل
1. حضرت ڪعب الاحبار رضي الله عنه فرمائي ٿو، ته جيڪو شخص قدر جي رات سچي دل سان ٽي دفعا لا الٰہ الا الله چوي، ته الله تعالى پهرين دفعي چوڻ سان ان جي گناهن کي مٽائي ٿو ڇڏي. ٻئي دفعي چوڻ سان ان کي جهنم کان آزاد ڪري ڇڏي ٿو. ٽئين دفعي چوڻ سان هو جنت جوحقدار ٿي وڃي ٿو. (نزهة المجالس)
2. حضرت علي ڪرم الله وجهه الڪريم فرمائي ٿو، ته جيڪو شخص قدرجي رات سومهڻي جي نمازکان پوءِست دفعا”انا انزلنٰہ“(پوري سورة القدر)
پڙهي، ته الله تعالى ان کي هر بلا ۽ مصيبت کان نجات ڏيندو ۽ ستر هزار فرشتا ان جي لاءِ دعا ڪندا رهن ٿا. ( نزهة المجالس)
3. حضرت ابن عباس رضي الله عنهما فرمائي ٿو، ته رسول اللهﷺ جن فرمائيندا هئا، ته جيڪو شخص قدر جي رات ۾ ٻه رڪعتون هن طرح پڙهي جو هر رڪعت ۾ هڪ دفعو سورة فاتحه ان کان پوءِ ست دفعا قل ”هوالله احد“ (پوري سورة) پڙهي سلام ڦيري ان کان پوءِ ستر دفعا ”استغفرالله واتوب اليہ“، پڙهي، ته اهو پڙهڻ وارو اڃا مصلي تان ڪونه اٿيو هوندو، ته الله تعالى ان جا ۽ ان جي والدين جا گناه معاف فرمائيندو.
4. جيڪو شخص قدر جي رات هن طرح چار رڪعتون پڙهي جو هر رڪعت ۾ سورة الفاتحه کان پوءِ هڪ دفعو سورت التڪاثر پوري سورة ان کان پوءِ ٽي دفعا سورة اخلاص پوري پڙهي پوءِ ٻئين، ٽئين ۽ چوٿين رڪعت ۾ ائين پڙهي، ته الله تعالى ان تي موت جي سختي آسان ڪندو ۽ ان تان قبر جو عذاب هٽائيندو.
اسان شب قدر جا هي چند عمل لکيا آهن، ڇاڪاڻ ته گھڻا الله جا ٻانها ان جي تلاش ۽ جستجو ۾ رهندا آهن.
آخر ۾ صدقهء فطر جو بيان
فطر جي معنى روزو افطار ڪرڻ يا نه رکڻ آهي، الله تعالى پنهنجي ٻانهن تي رمضان شريف جا روزا ختم ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ شڪريه جي طور تي هي صدقو مقرر فرمايو آهي، ان کي صدقهء فطر چوندا آهن. رمضان جي روزن جي ختم ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ جيڪا عيد ملهائي ويندي آهي، ان کي عيد الفطر چوندا آهن.
صدقهء فطر جو مقدار
عموماً صدقهء فطر جو مقدار جو مختلف لکيو ويندو آهي. پر صحيح ڳالھ
هي آهي، ته پوڻا ٻه سير ڪڻڪ (جڏهن ته اسي تولن جو سير هجي) يا ان جي قيمت ادا ڪرڻ سان صدقهء فطر ادا ٿي ويندو.
1. ڪنهن شخص وٽ ضروري سامان (يعني پنهنجي حاجت) کان وڌيڪ مال ۽ اسباب آهي ۽ او قرضدار به آهي اهو اندازو ڪري ڏنو ويندو، ته قرض ادا ڪرڻ کان پوءِ ڪيترو مال بچي ٿو. جيڪڏهن ان قيمت جيترو مال بچي جيتري تي زڪوٰة واجب آهي، ته ان تي صدقهء فطر واجب آهي ۽ جيڪڏهن ان مقدار کان گھٽ آهي، ته واجب ڪونهي. (درمختار جلد 1)
2. جيڪڏهن ڪو شخص عيد جي ڏينهن صبح صادق کان اڳ ۾ مري ويو، ته ان تي صدقهء فطر جو واجب نه آهي. ان جي ڇڏيل مال مان صدقهء فطر نه ڏنو ويندو. (عالمگيري)
3. جيڪڏهن ڪو شخص رمضان ۾ صدقهء فطر ڏئي ڇڏي، ته دوبارھ ڏيڻ جي ضرورت نه آهي. (درِمختار ـ جلد 2)
4. جيڪڏهن ڪو شخص عيد جي ڏينهن صدقهء فطر نه ڏئي سگھيو، ته پوءِ به ڏيڻو آهي. (هدايہ جلد 1)
5. جيڪڏهن ڪنهن شخص ڪنهن سبب جي ڪري رمضان جا روزا نه رکيا ان تي صدقهء فطر واجب آهي. روزا رکڻ واري يا نه رکڻ واري ۾ (صدقهء فطر جي ڏيڻ ۾) ڪوبه فرق نه آهي. (عالمگيري ــ جلد 1)
6. هڪڙو ماڻهو صدقهء فطر هڪڙي محتاج کي ٿورو ٿورو ڪري گھڻن کي به ڏيئي سگھي ٿو. (در مختارــ جلد2)
7. جن ماڻهن کي زڪوٰة ڏيڻ جائز آهي، اهي ئي صدقهء فطر جا حقدار آهي. (در مختار ـــ جلد 2)
8. مرد تي صدقهء فطر پنهنجي ۽ پنهنجي ننڍن ٻارن جي طرفان به واجب
آهي، اهو ٻار جيڪو عيد جي ڏينهن صبح صـــــــــــــادق کان پهريائين پيدا ٿيو،
ته ان جو صدقو به ڏنو ويندو. (درمختار ــ جلد)
9. ماءُ، پيءُ، ڏاڏو، ڏاڏي، نانو، ناني، پڙڏاڏو، پڙڏاڏي، پٽ، ڌيءَ، پوٽو، پوٽي، ڏهٽو، ڏهتي، زال، مڙس وغيرھ انهن سڀني کي زڪوٰة ۽ صدقه فطر ڏيڻ ناجائز آهي.
10. جنهن ماڻهوءَ کي زڪوٰة ڏيڻ جائز آهي، انهن کي صدقهء فطر به ڏيڻ جائز آهي. مثلاً ڀاءُ، ڀيڻ، ڀائتي، ڀاڻيجي، چاچو، پڦي، ماسي، مامون، سس، سالو، سالي وغيرھ انهن سڀني کي زڪوٰة ۽ صدقو ڏيڻ جائز آهي.
0 comments:
Post a Comment