رحمتن، برڪتن ۽ عظمتن وارو مهينو
حافظ محمد عيسى سومرو سڪندري
ارشاد خدا وندي آهي، ته شهر رمضان الذي انزل فيه القرآن هدي للناس من الهدی والفرقان فمن شهد منکم الشھر فليصمھ ومن کان مريضا اص علی سفر فعدة من ايام اخر يريد اللھ بکم اليسر ولا يريد بکم العسر ولتکملوا العدة والتکبر و اللھ علی ما هداکم ولعلکم تشکرون. يعني رمضان جو مهينو اهڙو(ڀلو) آهي، جنهن ۾ قرآن لاٿو ويو جو ماڻهن لاءِ سڌو رستو ڏيکاريندڙ آهي ۽ (ان ۾) هدايت ڪرڻ ۽ (سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾) سَنڌي وجھڻ جون چٽيون ڳالهيون آهن پوءِ اوهان مان جيڪو انهيءَ مهيني ۾ (گھر ۾) حاضر هجي تنهن کي ان ۾ روزو رکڻ گھرجي ۽ جيڪو بيمار هجي يا سفر تي (هجي) تنهن کي ٻين ڏينهن مان (اوترو) ڳاڻاٽو (لازم) آهي الله اوهان تي آساني ڪرڻ گھرندو آهي ۽ اوهان تي (ڪا) اوکائي ڪرڻ نه گھرندو آهي ۽ (گھرندو آهي) ته اوهين ڳڻ پوري ڪريو ۽ جيڪا اوهان کي هدايت ڪيائين تنهن تي الله کي وڏائيندا رهو ۽ من اوهين شڪرانو ڪريو.
حضرت سلمان فارسي رضي الله عنہ کان روايت آهي، ته تاجدارِ مدينهﷺ جن شعبان المعظم جي آخر ۾ خطبو ارشاد فرمايو، ته ”اي انسانو! توهان تي برڪت ۽ عظمت وارو مهينو سايو ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ هڪ اهڙي رات آهي، جيڪا هزار مهينن کان بهتر آهي. ان مهيني جا روزا الله تعالى فرض ڪيا آهن ۽ ان جي رات جو قيام نفل جنهن شخص ان مهيني ۾ نفلي نيڪي ڪئي ڄڻ ته ان ٻي مهيني ۾ فرض ادا ڪيو ۽ جيڪو هن مهيني ۾ فرض ادا ڪندو اهو ائين آهي، ڄڻ ته ان ڪنهن ٻئي مهيني ۾ ستر فرض ادا ڪيا. هي صبر جو مهينو آهي ۽ صبر جو ثواب جنت آهي. هي غريبن جي غمخواريءَ جو مهينو آهي. هن مهيني ۾ مؤمنن جو رزق وڌايو ويندو آهي. جيڪو شخص هن مهيني ۾ ڪنهن روزيدار جو روزو
افطار ڪرائيندو، ته ان جا گناه بخشيا ويندا ۽ ان جو ڪنڌ باه کان آزاد ڪيو ويندو ۽ ان کي روزيدار جيترو ثواب ملندو ۽ روزيدار جي ثواب ۾ ڪمي نه ايندي.“ صحابه ڪرام رضوان الله عليهم اجمعين عرض ڪيو، ته يارسول اللهﷺ اسان مان هر شخص ايتري استطاعت نه ٿو رکي جو روزيدار کي روزو افطار ڪرائي. رسول اللهﷺجن فرمايو، ته الله تعالى اهو ثواب ان کي به ڏيندو، جيڪو روزيدار کي هڪ ڍُڪُ کير يا هڪ کارڪ يا هڪ ڍُڪ پاڻيءَ سان افطار ڪرائي، جيڪو روزيدار کي ڍؤ تي کارائيندو ۽ پياريندو ان کي الله تعالى منهنجي حوض تان اهڙو پاڻي پياريندو، جو ڪڏهن به اڃارو نه ٿيندو. ايسيتائين جو جنت ۾ داخل ٿيندو. هي اهو مهينو آهي، جنهن جو پهريون حصو رحمت، درمياني حصو مغفرت ۽ آخري حصو جهنم کان آزاديءَ جو آهي. جيڪو هن مهيني ۾ پنهنجي ماتحت سان تخفيف ڪندو، الله تعالى ان شخص کي بخشي ڇڏيندو ۽ باه کان آزاد ڪندو. (مشڪوٰة شريف)
حضرت ابو هريرھ رضي الله عنه کان روايت آهي، ته حضور اڪرم ﷺ جن فرمايو، ته جڏهن رمضان المبارڪ ايندو آهي، ته آسمان جا دروازا کوليا ويندا آهن ۽ شيطانن کي زنجيرن ۾ جڪڙيو ويندو آهي. هڪ ٻي روايت ۾ آهي، ته رحمت جا دروازا کوليا ويندا آهن.
فضائلِ رمضان: ارشادِ خداوندي آهي: ياايھاالذين اٰمنوا کتب عليکم الصيام کماکتب علي الذين من قبلکم لعلکم تتقون يعني اي ايمان وارؤ! توهان تي روزا فرض ڪيا ويا آهن، جيئن توهان کان اڳين تي فرض ڪيا ويا هئا. من! توهان پرهيزگار ٿيو. هن آيت سڳوريءَ مان معلوم ٿيو، ته روزو قديمي عبادت آهي ۽ ٻين امتن تي به فرض هو. مگر انهن جي روزن جي صورت اسانجي روزن کان مختلف هئي. مختلف روايتن مان معلوم ٿئي ٿو، ته حضرت سيدنا آدم صفي الله على نبينا و عليه الصلوٰة والسلام هر مهيني جي 13، 14 ۽ 15 جو روزو رکندا هئا. حضرت سيدنا نوح نجي الله على نبينا و عليه الصلوٰة والسلام هميشه روزيدار رهندا هئا. حضرت سيدنا داؤد على نبينا و عليه الصلوٰة والسلام هڪ ڏينهن ڇڏي ڪري هڪ ڏينهن جو روزو رکندا هئا. حضرت سيدنا عيسى روح الله على نبينا و عليه الصلوٰة والسلام هڪ ڏينهن روزو رکندا هئا ۽ ٻه ڏينهن روزو نه رکندا هئا.
روزو ڪنهن تي فرض آهي؟
توحيد ۽ رسالت تي ايمان آڻڻ ۽ تمام ضرورياتِ دين تي ايمان آڻڻ کان پوءِ جهڙي طرح هر مسلمان تي نماز فرض آهي، اهڙيءَ طرح رمضان شريف جا روزا به هر مسلمان مرد ۽ عورت، عاقل ۽ بالغ تي فرض آهن. تفسير خازن ۾ آهي، ته ”نماز معراج جي رات فرض ٿي ۽ روزا 10 شوال المڪرم سن 4 هجري ۾ فرض ٿيا.“حضور اڪرمﷺ جن فرمايو، ته ”هر شيءِ جي زڪوٰة هوندي آهي ۽ بدن جي زڪوٰة روزو آهي.“ حضرت عبدالله بن عمر رضي الله عنه کان روايت آهي، ته رسول الله ﷺ جن فرمايو، ته ”روزو ۽ قرآن ٻانهي جي شفاعت ڪندا. روزو عرض ڪندو، ته يا الله! مان هن کي ڏينهن جو کائڻ ۽ شهوت کان روڪيو ان ڪري تون انجي لاءِ منهنجي شفاعت قبول فرماءِ. قرآن عرض ڪندو، ته مان ان کي رات جو سمهڻ کان روڪيولهٰذا ان جي حق ۾ منهنجي شفاعت قبول فرماءِ. پوءِ ٻنهي جي شفاعت قبول ٿيندي.“
شب قدر: الله تعالى ارشاد فرمايو:
|
بيشڪ اسان قرآن شب قدر ۾ لاٿو ۽ ڪنهن سمجھايئي ته شب قدر ڇا آهي؟ شب قدر هزار مهينن کان ڀلي آهي منجھس ملائڪ ۽ روح پنهنجي پالڻهار جي حڪم سان سڀ ڪنهن جي (پورائي) لاءِ لهندا آهن انهيءَ رات پره ڦٽڻ تائين سلامتي آهي.
مفسر حضرات فرمائين ٿا، ته ان رات ۾ الله تبارڪ و تعالى قرآن مجيد کي لوح محفوظ کان پهرين آسمان تي نازل فرمايو ۽ پوءِ تقريباً ٽيويھ سالن جي عرصي ۾ پنهنجي پياري حبيبﷺ تي بتدريج نازل ڪيو. تفسيرِ عزيزي وغيرھ ۾ آهي، ته جڏهن اسان جي آقاﷺ اڳين امتن جي ڊگھين عمرن ۽ پنهنجي امت جي ٿورڙين عمرن کي ملاحظه فرمايو، ته غمخوارِ امت، تاجدارِ رسالتﷺجي دل شفقت سان ڀرجي آئي، پاڻﷺ رنجيدھ ٿيا، ته پنهنجي امت گھڻي کان گھڻيون نيڪيون ڪري تڏهن به انهن جي برابر نٿي ٿي سگھي. الله تعالى جي رحمت کي جوش آيو ۽ ان پنهنجي پياري حبيبﷺ کي ليلة القدر عطا فرمائي. مؤمنن جي ماءُ حضرت عائشه صديقه رضي الله عنها فرمائي ٿي، ته حضور اڪرمﷺ جن ارشاد فرمايو، ته ”شبِ قدر کي رمضان المبارڪ جي آخري تاڪ راتين 21، 23، 25، 27، ۽ 29 راتين ۾ تلاش ڪيو.“ (بخاري و مسلم)
شب قدر جي دعا: حضرت علي ڪرم الله وجهه الڪريم فرمائين ٿا، ته جيڪو شب قدر جو سورة قدر (انا انزلنٰہ) ست دفعا پڙهندو آهي، الله تعالى ان کي هر بلا (مصيبت) کان محفوظ فرمائيندو آهي ۽ ستر هزار ملائڪ ان جي لاءِ جنت جي دعا ڪندا آهن. (نزهة المجالس)
حضرت عائشه صديقه رضي الله عنها فرمائي ٿي، ته مان حضـور اڪرم رحمتِ دوعالمﷺجن جي خدمت ۾ عرض ڪيو، ته يارسول اللهﷺجيڪڏهن مون کي شب قدر جو علم ٿي وڃي، ته ڇا پڙهان؟ پاڻ فرمايائون، ته ”هن طرح دعا گهر: اللٰهم انک عفو تحب العفو فاعف عني (مشڪوٰة شريف)
0 comments:
Post a Comment