728x90 AdSpace

Latest News

Ads 468x60px

01 August, 2011

ملفوظات شريف
حضرت پير سائين سيدمحمد راشد روضي ڌڻي رضي الله عنه

ملفوظات شريف
حضرت پير سائين سيدمحمد راشد روضي ڌڻي رضي الله عنه
وعظ ۽ نصيحت بابت

نقل: (50): هيڪر پاڻ فرمايائون، ته طالب کي جيتري قدر به ڪماليت ۽ فيض حاصل ٿئي ۽ حال نصيب ٿئيس ته انهيءَ کي الله جل شانہ ڏي سونپي، يعني ائين سمجھي ته اوڏهون جي مهرباني شاملِ حال ٿي آهي. پر جي انهيءَ مرتبي کي نه ٿو پهچي سگهي، ته پوءِ پنهنجي مرشد کي سونپي ته اهو به افضل اٿس پر جيڪڏهن نفس جي حوالي ڪيائين يعني پنهنجن ڪوششن ۽ لياقت حقداري جو نتيجو ڄاتائين ته پوءِ نفس ته اصل کان خيانتي آهي اهو سڀ فائدو برباد ڪري ڇڏيندس.  
نقل: (51): هيڪر پاڻ فرمايائون، ته حديث شريف ۾ آيل آهي، ته حضرت نبي ڪريمﷺ جن اصحابن سڳورن رضوان الله عليهم اجمعين کي الله تعالى جل شانہٗ جي واٽ بابت مثال طرح هي دائرو ۽ ليڪا ڪڍي ڏيکاريائون ۽ فرمايائون، ته ”هدايت جو رستو هن طرح آهي جو ان جي چوڌاري نفس ۽ شيطان ويٺل آهن.“

 پوءِ پاڻ اهو بيان ڪري فرمايائون، ته جڏهن طالب الله تعالى جل شانہٗ جي واٽ ۾ پير ٿو رکي، ته نفس ۽ شيطان جيڪي واٽ تي ويٺا آهن، سي کيس هيڏي يا هوڏي اڇلائي ٿا ڇڏين ۽ منزل جي آخر تائين سندن ڪوشش ۽ جھيڙو جاري رهي ٿو، تان ته طالب وڃي امن جي دائري ۾ داخل ٿئي ٿو، ته پوءِ نفس ۽ شيطان جي مڪرن کان ڇٽي ٿو پوي ۽ آزاد رهي ٿو. باقي جيسيتائين واٽ ۾ آهي تيسيتائين نفس ۽ شيطان جي گمراهيءَ واري ڪن ۾ پوڻ جو هميشه ڊپ اٿس. انهيءَ هنڌ خليفو محمود فقير رحمة الله عليہ لکي ٿو، ته رستي مان مراد لاالٰہ الا الله واري منزل آهي ۽ دائري امن جي مان مقصود الا الله جو مقام آهي. پوءِ جڏهن طالب لا الٰہ جي واديءَ کان منزل هڻي الا الله جي منزل وٽ اچي پهچي ٿو، ته پوءِ هو امن جي دائري ۾ پهچي ويو. جيئن حديث شريف قدسي ۾ وارد ٿيل آهي، تهلا الٰہ الا اللھ حصني فمن دخل حصني امن من عذابي يعني الله تعالى جل شانہٗ فرمائي ٿو، ته لا الٰہ الا الله منهنجو ڪوٽ ۽ قلعو آهي، پوءِ جيڪو شخص منهنجي قلعي ۾ داخل ٿيو، اهو منهنجي عذاب کان ڇٽو. هيءَ ڳالھ به اهلِ معنى وٽ پڌري آهي، الله تعالى جل شانہٗ ساري مخلوقات ۽ موجودات يعني خلقيل شين تي قادر آهي. مگر پنهنجي ذات تي قادر نه آهي. پوءِ جيڪو شخص سندس ذات ۾ پاڻ کي گم ڪري ڇڏيندو، ته اهو سندس عذاب کان امن لهندو. ويچار ڪري ڏسو، ته لوڻ جي کاڻ ۾ جيڪڏهن ڪابه شيءِ وڃي ڪري، ڏسو ته اها شيءَ پنهنجي حقيقت کان مٽجي لوڻ جي صورت وٺي ويندي آهي. پوءِ الله تعالى جل شانہٗ جي ذات پاڪ ته لوڻ کان بي حد گھڻي قادر، قوي ۽ محيط الڪل آهي. تنهنڪري سندس ذات پاڪ ۾ محو ٿيندڙ ڪيئن نه پنهنجي حقيقت کان مٽجي سندس صفتن سان متصف ٿي سگھندا. جڏهن اهو کاڻ وارو مثال سمجھيو ويو، ته ”کنت کنزا مخفيا“ واري کاڻ جو راز به معلوم ڪرڻ گھرجي جو الله تعالى جل شانہٗ فرمائي ٿو، ته ”آءٌ هڪ ڳجھي مخفي کاڻ هوس جو پوءِ ظهوريءَ جي حب ۾ عالمِ شهود ۾ جلوو ڪيم.“ انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو، ته هيءَ ساري موجودات ۽ اظلال، اسم ۽ صفتون وغيرھ سڀ انهيءَ خزاني ۾ موجود ۽ مخفي هئا جو پوءِ خلقت الخلق جي اشاري سان عالمِ شهود ۾ آيل آهن ڇو، ته هت خلقت بمعنى اظهار جي آهي. پر جيڪڏهن هي شيون انهيءَ خزاني ۾ موجود نه هجن ها، ته هن جهان جي ميدان ۾ سندن ظهورو ڪهڙيءَ طرح ٿي سگھي ها؟! عدم محض عدم ئي آهي. باقي جيڪو موجود هو، تنهن جو وجود نه موجود هو. انهيءَ مان معلوم ٿيو، ته هن وجود ۽ بود (هجڻ) جڏهن وري پنهنجي اصل ڏي رجوع ڪري کاڻ مخفيءَ ۾ فناء اختيار ڪيائين، ته ” کنت کنزا مخفيا“ سان ڳنڍجي ويندو ۽ اضافت وارو پدو ساقط ٿي ويندو، پوءِ امن حاصل ٿي پوندس. مثنوي شريف ۾ ڪهڙو نه چڱو چيل آهي:
چونکہ بیرنگی اسیر رنگ شد، موسیٰ با موسیٰ در جنگ شد۔
يعني جڏهن بيرنگي اچي رنگ جي قيد ۾ گرفتار ٿي، ته موسى، موسى سان مخالف ٿي پيو، يعني وحدت جو مظاهرن ۾ جلوو، متفق الحقيقت اشياء جو نماءُ مختلف ظاهر ڪري ٿو.
چوں بہ بے رنگی رسی کان داشتی، موسیٰ و فرعون دارند آشتی۔
پر جڏهن انهيءَ بي رنگيءَ کي پهچندين جا اصلي حقيقت هئي، ته پوءِ موسى ۽ فرعون به پاڻ ۾ دوست نظر ايندءِ. مختلف نماءَ واريون شيون به هڪ حقيقت نظر اينديون ۽ اختلاف نه رهندو.
نقل: (52): خليفو ميان لقمان عليہ الرحمة نقل ڪري ٿ، ته هيڪر پاڻ ظاهري سبق جي وٺڻ ۾ دير ڪرڻ سبب صاحبزادي والا تبار ميان محمد ياسين قدس سرھ تي جوش فرمايو هئائون ۽ فرمايائونس، ته ”اي بابا! توهان جا جيڪي اسان تي حق هئا سي اسان سڀ ادا ڪيا آهن. هينئر اسان کي ڇڏيو ۽ پنهنجو پاڻ ڄاڻو. باقي اسان جا حق اوهان تي ايترا آهن، جنهن جي حد ڪانه آهي.“ پوءِ فرمايائون، ته اولاد جا پيءُ تي چار حق آهن. هڪ مٿس نالو چڱو رکي، ٻيو علم پڙهائيس، ٽيون طهر ڪرائيس، چوٿون پرڻائيس، اسان اهي چارئي حق ادا ڪري ڇڏيا آهن. هينئر پاڻ ڄاڻو ۽ پنهنجو خيال وٺو. 
  • Blogger Comments
  • Facebook Comments

0 comments:

Post a Comment

Item Reviewed:
ملفوظات شريف
حضرت پير سائين سيدمحمد راشد روضي ڌڻي رضي الله عنه
Description: Rating: 5 Reviewed By: سکندری
Scroll to Top