728x90 AdSpace

Latest News

Ads 468x60px

01 August, 2011

 روزي جا مسئلا


 روزي جا مسئلا
فقيرعبدالمصطفى مفتي فيض محمد سڪندري


نيت: نيت فقط دل جي ارادي جو نالو آهي. زبان سان چوڻ شرط نه آهي. مگر زبان سان چوڻ مستحب آهي، جيئن زبان ۽ دل ۾ موافقت رهي. هر عمل جي واسطي نيت جو هجڻ شرط آهي. بلڪل ائين روزي جي واسطي به لازمي ۽ ضروري آهي.
روزي جي نيت جا لفظ: جيڪڏهن رات جو نيت ڪري ته هن طرح چوي نويت ان اصوم غذاللھ تعالی من فرض رمضان ۽ عام طور مشهور و معروف لفظ هي آهن. وبصوم غدا نويت: ڏينهن جو نيت ڪري ته هن طرح چوي. نويت ان اصوم هٰذا اليوم اللھ تعالی من فرض رمضان. نيت ڪرڻ جي آخر ۾ انشاء الله ملايو وڃي، ته ڪو حرج ڪونهي.
مسئلو: ڏينهن واري نيت ۾ هي ضروري آهي، ته نيت ڪري، ته صبح صادق کان روزيدار آهيان ۽ جيڪڏهن اها نيت ڪيائين، ته هاڻي کان روزيدار آهيان صبح کان نه، ته روزيدار نه ٿيندو.
مسئلو: رات واري نيت ۾ رات جو ئي نيت ڪرڻ کان پوءِ جيڪڏهن ڪجھ به کاڌائين يا پيتائين، ته ڪيل نيت ختم ڪانه ٿيندي پهرين ڪيل نيت ڪافي آهي. نئين سر نيت ڪرڻ جي ضرورت نه آهي.
مسئلو: جيڪڏهن رات جو روزي رکڻ جي نيت ڪيائين ۽ پوءِ وري پڪو ارادو ڪيائين، ته روزو نه رکندس، ته هاڻي پهرين نيت ختم. روزو رکڻو هجيس ته ان لاءِ ٻيهر نيت ڪرڻي پوندس ۽ جيڪڏهن نئين نيت نه ڪيائين ۽ سڄو ڏينهن روزيدار وانگر بک اڃ ۾ گذاريائين، ته اهو روزو ڪو
نه ٿيندس.
مسئلو: سحريءَ جو کائڻ به نيت آهي، پر سحري جي کائڻ وقت نيت ضروري آهي.
مسئلو: رمضان شريف جي هر روزي جي لاءِ نئين نيت جي ضرورت آهي، تنهنڪري هر روزي جي لاءِ جدا جدا نيت ڪئي ويندي. ڪنهن به هڪڙي تاريخ تي سمورن روزن جي نيت ڪرڻ سان سمورن روزن جي نيت ڪانه ٿيندي. بلڪه هر روزي لاءِ نئين سر نيت ڪئي ويندي.
مسئلو: رمضان جي ادا روزي جي نيت جو وقت سج له کان وٺي ايسيتائين آهي، جو سج آسمان تي نه پهچي. وچ آسمان تي پهتو، ته هاڻي نيت جو وقت ختم.
انهن شين جو بيان جن سان روزو نه ٿو ڀڄي

مسئلو: ڀل ۾ کائڻ پيئڻ ۽ جماع ڪرڻ سان روزو نه ڀڄندو پوءِ اهو روزو فرض هجي خواه نفل.
مسئلو: ڪنهن به شخص روزيدار کي کائيندي پيئندي ڏٺو، ته ان صورت ۾ ڏسندڙ تي واجب آهي، ته ان کي روزو ياد ڏياري. ياد نه ڏيارڻ واري صورت ۾ ڏسندڙ گنهگار ٿيندو. پر جيڪڏهن اهو روزيدار ڀل ۾ کائيندڙ يا پيئندڙ ڪمزور آهي، ته ان کي يادگيرو نه ڏيارڻ بهتر آهي.
مسئلو: نڙيءَ ۾ مک يا دونهين وڃڻ سان روزو نه ڀڄندو. ائين ئي غبار يا دز جي وڃڻ سان روزو نه ڀڄندو. پوءِ اهو غبار چڪيءَ ۾ اٽي جي پيسجڻ جي ڪري هجي يا اٽي ڇاڻڻ جي ڪري يا گاڏين، سوارين جي آمدورفت جي ڪري. پر روزي جي يادگيري هوندي قصداً دونهون نڙيءَ ۾ پهچايائين، ته روزو ڀڄــــــــــــــي پوندو. پوءِ اهـــــــــــــو دونهون کــــــــڻي ڪهڙي به شيءِ جو هجي
مثال اگربتي ٻاري ان جي خوشبوء سنگھڻ لاءِ پنهنجي ويجهو ڪندو آيو نڪ
 سان دونهين کي ڇڪيائين دونهون اندر ويو، ته روزو ڀڄي پوندو.
مسئلو: سڱي لڳرائڻ، تيل مکڻ ۽ سرمو پائڻ سان روزو نه ڀڄندو.
مسئلو: گرڙي ڪيائين پاڻي بلڪل ٻاهر ڪڍي ڇڏيائين صرف آلاڻ باقي
 رهي ان کي ٿڪ سان گڏ اندر ڳهي ويو يا دوا ڪٽيائين ۽ ان جو مزو محسوس ٿيو يا ڪن ۾ پاڻي هليو ويو يا صفائيءَ جي خيال سان ائين ڪن ۾ ڪا ڪاٺي وغيرھ جهڙي شيءِ وڌائين ٻاهر ڪڍيائين ته ان کي مر لڳل هئي اها ساڳي مر لڳل وري ٻيهر ڪن ۾ وڌائين، ته انهن سمورين صورتن ۾ روزو ڪونه ڀڄندو.
مسئلو: ڳالهين ڪندي ڏند ٿڪ سان تر (آلا) ٿي ويا. ان ٿڪ کي ڳهي ويو، ان سان روزو نه ڀڄندو. يا وري کنگھارو آيو ۽ ان کي ڳهي ويو، ته به روزو نه ويندو. پر انهن کان احتياط ڪرڻ گھرجي.
مسئلو: گھرواريءَ کان چمي ورتائين مگر انزال نه ٿيو، ته روزو نه ڀڄندو.
مسئلو: ڀل ۾ جماع ڪري رهيو هو ياد ايندي ئي جدا ٿي ويو يا وري صبح صادق ٿيڻ کان پهريائين جماع ۾ مشغول هو، صبح ٿيڻ سان ئي جدا ٿي ويو، ته روزو نه ڀڄندو. جيتوڻيڪ ٻنهي صورتن ۾ جدا ٿيڻ کان پوءِ انزال ٿي ويو هجيس ۽ جيڪڏهن ياد اچڻ ۽ صبح صادق ٿيڻ کان پوءِ فوراً جدا نه ٿيو، پوءِ جيتوڻيڪ هڪ جاءِ بيٺو رهيو چر پر نه ڪيائين، ته روزو ڀڄي پوندو.
مسئلو: اکين جا ڳوڙها ۽ پگھر اگر قطرھ قطرھ ٿي ڪري وات ۾ ايندو ويو ۽ ان جي نمڪيني به محسوس ڪانه ٿي، ته روزو نه ڀڄندو. پر جيڪڏهن قطرھ قطرھ جي بجاءِ گھڻا ٿي آيا۽ وات ۾ نمڪيني به محسوس ٿي، ته روزو ڀڄي پوندو.
مسئلو: ٻئي جي گلا غيبت ڪرڻ جيتوڻيڪ سخت ۽ ڪبيرو گناه آهي
تنهن هوندي به روزو ان سان ڪونه ڀڄندو. پر اها روزي واري نورانيت هلي ويندي.
مسئلو: روزيدار تڙ جي حالت ۾ صبح ڪئي بلڪه سڄو ڏينهن تڙ ۾ گذاريائين روزو ڪونه ڀڄندو. مگر عذر کان سواءِ ايتري دير ڪرڻ جو ان صورت ۾ نمازون به قضا ٿي وڃن ٿيون، ان ڪري گناه ۽ حرام آهي.
انهن شين جو بيان جن سان روزو ڀڄي پوي ٿو
مسئلو: روزو ياد هوندي کائڻ پيئڻ يا جماع ڪرڻ سان روزو ڀڄي پوندو.
مسئلو: حقي، سگار، سگريٽ، ٻيڙي ۽ چرس وغيرھ جي پيئڻ سان روزو ڀڄي پوندو.
مسئلو: لوڻ، کنڊ يا اهڙي شيءِ جيڪا وات ۾ رکڻ سان ڳري ويندي هجي، رکيائين ۽ ٿڪ ڳهي ويو، ته روزو ڀڄي پوندو.
مسئلو: پان يا صرف تماڪ جي کائڻ سان روزو ڀڄي پوندو.
مسئلو: قصداً مک کي ڳهي وڃڻ سان روزو ڀڄي پوندو.
مسئلو: وات ۾ رنگين ڏوري رکيائين، جنهن سان ٿڪ رنگين ٿي وئي ۽ ان رنگين ٿڪ کي ڳهي ويو، ته روزو ڀڄي پوندو.
مسئلو: ٻئي جي ٿڪ ڳهڻ سان يا پنهنجي ٿڪ هٿ تي رکي ڳهڻ سان روزو ڀڄي پوندو.
مسئلو: عورت کي چمي ڏنائين، هٿ لاٿائين يا ڀاڪر پاتائين ۽ انزال ٿي ويو، ته روزو ڀڄي پوندو.
مسئلو:ڪن ۾ تيل وڌائين، يا اتفاقاً پئجي ويو يادوا وڌائين، ته روزو ڀڄي پوندو.
مسئلو: چڻي جيتري ڪابه شيءِ ڏندن جي درميان هئي يا ان کان وڌيڪ ان کي کاڌائين، ته روزو ڀڄي پيو ۽ گھٽ هئي، ته پوءِ نه. پر جيڪڏهن ان گھٽ کي ٻاهر ڪڍو پوءِ وري کاڌائين، ته روزو ڀڄي پوندو. ۽گھٽ هئي، ته پوءِ نه.
مسئلو: گاه، پٿر، ڪاغذ ۽ مٽي وغيرھ جي کائڻ سان روزو ڀڄي پوندو.
مسئلو: الٽي ڪنهن به ڪئي ان سان روزو ڀڄي ٿو يا نه ان جون ٻه صورتون آهن. ارادي سان يا بغير ارادي جي، هر هڪ ۾ وات ڀريل آهي يا نه.
1.       قصداً ۽ ارادي سان الٽي ڪيائين ۽ روزو به ياد هيس. هر حال ۾ روزو ڀڄي پوندو چاهي اندر موٽائي يا نه.
2.       قصداً ۽ ارادي سان ڪيائين پر وات ڀريل نه آهي، ته روزو نه ڀڄندو.
3.       بغير ارادي ۽ اختيار جي الٽي ڪيائين ۽ وات ڀريل آهي وري ان کي واپس پوئتي موٽايائين پوءِ کڻي چڻي جيتري موٽايائين، نڙيءَ کان هيٺ ٿي ته، روزو ڀڄي پوندو.
4.       بغير ارادي ۽ اختيار جي الٽي آئي، وات به ڀريل نه آهي ۽ واپس خود به خود نڙيءَ ۾ هلي وئي يا ڪنهن پاڻ موٽائي يا پاڻ نڙيءَ ۾ موٽي وئي، ته روزو نه ڀڄندو.
مسئلو: الٽيءَ جو اهو حڪم تڏهن آهي، جڏهن ان ۾ کاڌو، پيتو يا رت اچي باقي بلغم واري الٽي روزي کي ڪڏهن به نه ڀڃندي.
انهن صورتن جو بيان جن ۾ فقط قضا لازم آهي
مسئلو: ڪو شخص هن گمان ۾ هو، ته صبح اڃا ڪونه ٿيو آهي ۽ کائيندو ۽ پيئندو رهيو يا جماع ڪندو رهيو بعد ۾ معلوم ٿيس ته صبح ٿي ويو، ته ان صورت ۾ فقط قضا لازم آهي يعني ان روزي جي بدلي ۾ ٻيو روزو رکندو ڪفارو لازم ڪونه ٿيندو.
مسئلو: ڀل ۾ کاڌائين، پيتائين يا جماع ڪيائين يا نظر ڪرڻ سان انزال ٿي ويس يا احتلام (تڙ) پئجي ويس يا الٽي ڪيائين انهن صورتن ۾ اهو گمان ڪـــــــــيائين،
ته شايد روزو ڀڄي پيو، پوءِ قصداً (ارادي سان) کاڌائين پيتائين، ته ان صورت ۾
رڳو ان روزي جي قضا فرض آهي.
مسئلو: ڪنهن شيءِ جي کائڻ يا پيئڻ تي مجبور ڪيو ويو پوءِ جيتوڻيڪ پنهنجي هٿ سان کاڌائين پيتائن، ان صورت ۾ به فقط قضا لازم آهي.
مسئلو: ڪن ۾ تيل وجھڻ، پيٽ يا دماغ ۾ اهڙو زخم جنهن ۾ دوا وجھڻ سان دوا پيٽ يا دماغ ۾ پهچي وئي يا نڪ ۾ دوا وڌي وئي، پٿر، مٽي ۽ ڪاغذ ۽ گاه وغيرھ جي کائڻ سان فقط قضا لازم آهي ڪفارو نه.
مسئلو: هن گمان ۾ افطار ڪيائين، ته شايد سج لهي ويو آهي. حالانڪه سج اڃا ڪونه لٿو هو يا ٻن شخصن شاهدي ڏني، ته سج لهي ويو آهي ۽ ٻن شاهدي ڏني، ته ڪونه لٿو آهي، ته هن افطار ڪري ڇڏيو. بعد ۾ خبر پئي، ته سج واقعي ڪونه لٿو هو، ته انهن صورتن ۾ به صرف قضا لازم آهي.
مسئلو: مسافر هو اقامت ڪيائين، حيض يا نفاس واري عورت هئي، پاڪ ٿي وئي، مجنون (چريو) هو هوش اچي ويس. مريض هو، تندرست ٿي ويو. ڪافر هو مسلمان ٿي ويو، نابالغ هو بالغ ٿي ويو. رات سمجھي ڪري سحري کاڌائين، حالانڪه صبح ٿي چڪو هو. غروب (سج لٿو) سمجھي افطار ڪيائين، حالانڪه ڏينهن اڃا باقي هو، انهن سمورين صورتن ۾ ڏينهن جو جيڪو باقي حصو آهي، سو روزائت وانگر گذارڻ واجب ۽ لازم آهي. نابالغ جيڪو بالغ ٿيو، ڪافر جيڪو مسلمان ٿيو، انهن تي انهيءَ ڏينهن جي قضا واجب نه آهي، باقي ٻين مٿين صورتن تي قضا واجب آهي.
مسئلو: ٻار ڏهن سالن جو آهي ۽ ان ۾ روزو رکڻ جي طاقت به آهي، ته ان کي روزو رکايو ويندو. جيڪڏهن ان ۾ روزو رکڻ جي پوري طاقت موجود آهي، ته مار ڏئي به ان کي روزو رکايو ويندو. روزو رکي ڀڃي وڌائين، ته قضا جو حڪم نه لڳايو ويندو.
مسئلو: نڙيءَ ۾ مينهن جون بوندون يا اکين جا گھڻا ڳوڙها يا پگھر ڳهي ويو، ته
روزو ختم ۽ قضا لازم ٿي ويندي.
انهن صورتن جو بيان جن ۾ ڪفارو به لازم آهي
مسئلو: رمضان ۾ مڪلف مقيم رمضان جي روزي جي ادا ڪرڻ جي نيت سان روزو رکيو ۽ پوءِ ڪنهن ماڻهوءَ سان ان جي اڳيان ۽ پٺيان (اگر عورت آهي) ۽ فقط پٺيان جيڪڏهن مرد آهي، جماع ڪيائين، جيڪو قابلِ شهوت به آهي. انزال ٿي يا نه فقط عضوي جي داخل ڪرڻ سان روزو ختم قضا ۽ ڪفارو لازم ٿي ويندو.
مسئلو: روزي ۾ کائڻ ۽ پيئڻ سان قضا ۽ ڪفارو لازم.
مسئلو: ڪفاري جي واجب ٿيڻ واسطي پيٽ ڀري کائڻ ضروري نه آهي، ٿورڙي کائڻ سان به ڪفارو واجب ٿي ويندو.
مسئلو: تيل لڳايائين پوءِ ڪنهن جي گلا ڪيائين پوءِ گمان ڪيائين، ته شايد روزو ڀڄي پيو پوءِ کائڻ لڳو يا ڪنهن عالم کان فتوى پڇيائين، ان روزي جي ڀڄي پوڻ جي فتوى ڏنس، پوءِ کائڻ شروع ڪيائين، ٻنهي صورتن ۾ ڪفارو واجب آهي.
مسئلو: جن صورتن ۾ روزي ڀڄڻ سان ڪفارو لازم ٿئي ٿو، ان ۾ اهو شرط آهي، ته هڪڙو ڀيرو ائين ٿيو هجي ۽ نافرمانيءَ جو به ارادو نه هجيس ورنه ان ۾ ڪفارو لازم ٿيندو.
مسئلو: عورت مرد کي مجبور ڪري جماع ڪرايو يا مرد عورت کي مجبور ڪري جماع ڪيو، پوءِ وچ ۾ خوشيءَ سان ان ڪم ۾ مشغول رهيو يا رهي، ته ڪفارو ان صورت ۾ لازم نه ٿيندو، ڇو ته روزو ته پهريائين ختم ٿي چڪو آهي.
نوٽ: مجبوريءَ مان مراد شرعي اڪراھ (زبردستي)جنهن قتل ياعضوي ڪٽڻ
 يا سخت مار جي ڌمڪي ڏني وئي هجي، ان کان سواءِ روزيدار به سمجھي ته جيڪڏهن ان جو چيو نه مڃيندس، ته جيئن چوي ٿو ائين ڪندو.
مسئلو: جنهن مٽيءَ جي کائڻ جي عادت اٿس اها کاڌائين يا ٿورڙو لوڻ کاڌائين، ته ٻنهي صورتن ۾ ڪفارو لازم ٿيندو.
مسئلو: جنهن وڻ جا پن کاڌا ويندا آهن، انهن جي کائڻ سان ڪفارو لازم ٿيندو.
مسئلو: عورت نابالغ کان يا چريي کان جماع ڪرايو يا مرد کي جماع ڪرڻ تي مجبور ڪيائين، ته ڪفارو عورت تي لازم ٿيندو مرد تي نه.
مسئلو: مشڪ، زعفران، ڪافور، سرڪو کاڌو يا گدرو، هنداڻو، کيرو، راهان کاڌا، ته سمورين صورتن ۾ ڪفارو واجب ٿيندو.
مسئلو: رمضان ۾ روزيدار کي قتل جي واسطي آندو ويو، ان پاڻي گھريو، ان کي پاڻي پياريو ويو پوءِ وري ان کي ڇڏي ڏنو ويو، ته ان صورت ۾ ان تي ڪفارو واجب آهي.
مسئلو: روزي ڀڃڻ جو ڪفارو هي آهي.
1. ٻانهو آزاد ڪرڻ پر اڄڪلھ اسان جي ملڪ ۾ اهو رواج نه آهي، تنهنڪري سندس متعلق بحث جي ضرورت به نه آهي.
 2. لڳولڳ سٺ روزا رکڻ، هڪڙي ڏينهن جو به فرق نه هجي. جيڪڏهن وچ روزن ۾ هڪڙو روزو به ڇڏيائين، هاڻي وري اتان نئين سر ڳڻپ شروع ڪري، پهريان رکيل حساب ۾ شمار نه ڪيا ويندا. جيتوڻيڪ ڪنهن عذر يا بيماريءَ جي ڪري اهو روزو ڇڏيو ويو آهي، پر جيڪڏهن عورت آهي، ان کي ڪفاري وارن ڏينهن ۾حيض اچي ويو ۽ حيض جي ڪري ڏينهن ڇڏي ڏنائين، ته ان جي ڳڻپ  ۾ پهريان ۽ پويان ملائي شمار ڪيا ويندا.
3. سٺ مسڪينن کي طعام کارائڻ.
مسئلو: انهن کي ٻه وقت صبح ۽ شام ڍؤ ڪري کارايو ويندو.
مسئلو: ٻو روزا ٻن رمضانن جا آهن، ته هر لاءِ ڪفارو جدا جدا آهي.
مسئلو: پر جيڪڏهن هڪ ئي رمضان جا ٻه روزا آهن ۽ پهرين لاءِ ڪفارو ادا نه ڪيا اٿائين، ته هڪڙو ئي ڪفارو ٻنهين لاءِ ڪافي ٿي ويندو.
اهي شيون جن سان روزو مڪروه ٿئي ٿو

مسئلو: ڪوڙ، چغلي، گاريون ڏيڻ، بيهودھ ڳالهيون ڪرڻ، ڪنهن کي تڪليف ڏيڻ اهي روزي کان سواءِ به ناجائز ۽ حرام آهن. روزي جي حالت ۾ ته وڌيڪ حرام آهن، انهن جي ڪري روزي ۾ ڪراهت ايندي آهي.
مسئلو: عذر کانسواءِ روزيدار لاءِ ڪنهن شيءِ جو چکڻ چٻائڻ مڪروه آهي. عذر هي آهي، ته ڪنهن عورت جو مڙس کاڌي ۾ لوڻ جي گھٽ وڌ ٿيڻ تي ناراض ٿيندو آهي، ته ان وجهه جي ڪري لوڻ چکڻ ۾ ڪو حرج ڪونهي. چٻائڻ جي لاءِ عذر هي آهي، ته ٻار ايترو ننڍڙو آهي، جو ماني نه ٿو کائي سگهي، ڪا نرم غذا به ڪانهي، حيض نفاس واري عورت به نه آهي، اهڙيءَ صورت ۾ ٻار کي کارائڻ جي لاءِ چٻائڻ ۾ ڪا ڪراهت نه آهي. چکڻ جي معنى اها نه آهي، جيڪا عام محاوري ۾ آهي، ته ڪنهن شيءِ جو مزو معلوم ڪرڻ لاءِ ٿورڙو کائڻ اهڙي صورت ۾ روزو هليو ويندو. ڪنهن صورت ۾ ته ڪفارو به لازم ٿي ويندو. بلڪه چکڻ مان مراد هي آهي، ته زبان تي شيءِ رکي مزو معلوم ڪري، فوراً ٿڪ اڇلائي زبان کي ڌوئڻ ته جيئن نڙيءَ ۾ ڪابه شيءِ هلي نه وڃي.
مسئلو: روزي جــــــــــــي حالت ۾ عورت کان چمي وٺڻ ۽ ان جــــــــــــــي بدن کي
 هٿ لڳائڻ مڪروه آهي. جڏهن اهو انديشو هجي، ته انزال ٿي ويندو يا جماع ۾ مبتلا ٿي ويندو ۽ عورت جي زبان کي روزي جي حالت ۾ چوسڻ مطلقاً مڪروه آهي.
مسئلو: گلاب يا مشڪ وغيرھ سنگھڻ، ڏاڙهي يا مڇن کي تيل لڳائڻ ۽ سرمو پائڻ مڪروه نه آهن. پر جيڪڏهن زنيت جي ارادي سان سرمو پاتائين ۽ تيل ان ڪري لڳايائين، ته جيئن ڏاڙهي وڌي حالانڪه سندس ڏاڙهي هڪ مٺ جي قدر آهي، ته اهي ٻئي شيءَ روزي کان سواءِ به مڪروه روزي ۾ ته بدرجه اولى.
مسئلو: روزي جي حالت ۾ ڏندڻ ڏيڻ مڪروه نه آهي. آلو، هجي يا خشڪ، زوال کان اڳ هجي يا پوءِ ڪنهن به وقت مڪروه نه آهي.
مسئلو: گرڙي ڪرڻ وقت يا نڪ کي پاڻي ڏيڻ وقت يا استنجا ڪرڻ وقت مبالغي کان ڪم وٺڻ مڪروه آهي.
مسئلو: وات ۾ ٿڪ گڏ ڪري ڳهڻ روزي کان سواءِ به ناپسند آهي، ته روزي ۾ به مڪروه آهي.
مسئلو: افطار جلديءَ ۾ ڪرڻ مستحب آهي. پر افطار ان وقت ڪيو وڃي جڏهن سج لهڻ جو غالب گمان ٿي وڃي. جيسيتائين غالب گمان نه ٿي وڃي تيسيتائين افطار نه ڪرڻ گھرجي. جھڙ جي ڏينهن ۾ افطار ۾ جلدي نه ڪرڻ گھرجي.
اهي صورتون جن ۾ روزي نه رکڻ جي اجازت آهي

مسئلو: سفر تي وڃڻ واري صورت ۾ روزو نه رکڻ جي اجازت آهي، سفر مان مراد سفر شرعي جيڪو ٽن ڏينهن جو هجي، يعني منزل تي ٽن ڏينهن ۾ پهچي.
مسئلو: هڪ شخص جي طرفان ٻيو شخص روزو نه ٿو رکي سگهي.
مسئلو: حامله عورت يا ٻار کي کير پياريندڙ جيڪڏهن پاڻ تي پنهنجي ٻار تي صبح انديشو ڪندي هجي، ته ان کي روزو نه رکڻ جي اجازت آهي.
مسئلو: روزو رکڻ سان مريض جو مرض وڌي ٿو، ته ان کي روزو نه رکڻ جي اجازت آهي.
مسئلو: حيض ۽ نفاس واري عورت جي لاءِ لڪي ڪري کائڻ ۽ ظاهر کائڻ اختيار آهي. روزي وانگر رهڻ ان لاءِ ضروري نه آهي. خصوصاً حيض واري عورت لاءِ لڪي کائڻ پيئڻ اولى آهي.
مسئلو: جنهن شخص ڪنهن عذر جي ڪري روزو ڀڳو، ته وري ان جي قضا ان تي لازم آهي. ان لاءِ بهتر هي آهي، ته عذر ختم ٿيڻ کان پوءِ ٻي رمضان اچڻ کان پهرين قضا ادا ڪري ڇڏڻ گھرجي.
مسئلو: اهڙو پوڙهو جيڪو گرمين ۾ روزو نه ٿو رکي سگھي، ۽ سياري ۾ رکي سگهي ٿو، ته اهو گرمين ۾ افطار ڪري، سردين ۾ انهن رزون جي قضا لازم آهي.
مسئلو: شيخ فاني اهڙو پوڙهو جو، جيڪو ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندو وڃي، جڏهن روزو نه ٿو رکي سگھي ۽ نه ئي وري ان ۾ طاقت اچڻ جي ڪا اميد آهي، ته ان کي روزي نه رکڻ جي اجازت آهي ۽ اهو هر روزي جي بدلي  فديو ڏي. يعني ٻنهي وقتن ۾ هڪ مسڪين کي ڍؤ ڪري کارائي يا هر روزي جي بدلي ۾ صدقه فطر جي مقدار مسڪين کي خيرات ڏي.نوٽ: مريض جيڪي روزا نه رکي سگهيا. مسافر، سفر جي ڪري، حيض ۽ نفاس واري عورت حيض ۽ نفاس جي ڪري، مقصد، ته ڪنهن شرعي عذر جي ڪــــــــري روزا نه رکــــــي ســـــــگھيا، ته ان عــــذر جي ختم
 ٿيڻ کان پوءِ انهن روزن کي قضا ڪرڻ لازمي آهي. 
  • Blogger Comments
  • Facebook Comments

0 comments:

Post a Comment

Item Reviewed:
 روزي جا مسئلا
Description: Rating: 5 Reviewed By: سکندری
Scroll to Top