رياض الصالحين
رسول اللهﷺ جن جي حديثن جو ترجمو
اطاعت ۽ وچولي روش اختيار ڪرڻ جو بيان
مترجم: مولاناغلا عباس قادري سڪندري
(151) حضرت حنظله بن ربيع اسيدي ڪاتب، جيڪو رسول اللهﷺ جي ڪاتبن مان هو، کان روايت آهي، ته مون کي حضرت ابو بڪر صديق رضي الله عنه مليو. پڇيائين، ته اي حنظله! تنهنجو ڪهڙو حال آهي؟ مون چيو، ته حنظله ته منافق ٿي ويو آهي. ابوبڪر رضي الله عنه فرمايو: سبحان الله! ڇا ٿو چوين اي حنظله؟ مون چيو جڏهن اسين حضور پاڪﷺ جي خدمت ۾ هوندا آهيون ۽ پاڻ اسان کي جنت ۽ دوزخ جو حال ٻڌائيندا آهن، ته اسين ائين هوندا آهيون، ڄڻ ته اکين سان ڏسون پيا. پر جڏهن اسان رسول الله ﷺ جن جي خدمت کان ٻاهر ايندا آهيون ۽ ٻارن، ٻچن، زمين ۽ دنيا جي ڪمن ۾ مشغول ٿيندا آهيون، تڏهن گھڻيون ڳالهيون ڀلجي ويندا آهيون. حضرت ابوبڪر رضي الله عنه فرمايو، ته الله جو قسم! اسان جي به ساڳي ڪيفيت آهي، پوءِ مان ۽ ابوبڪر رضي الله عنه حضورﷺ جن جي خدمت ۾ حاضر ٿياسين. مون عرض ڪيو، ته يا رسول اللهﷺ حنظله ته منافق ٿي ويو آهي. پاڻ سڳورنﷺ جن فرمايو، ته اهو وري ڪيئن؟ مون عرض ڪيو، ته يا رسول اللهﷺ اسان توهان وٽ حاضر هوندا آهيون ۽ توهان اسان کي جنت ۽ جهنم جو ذڪر ٻڌائيندا آهيو. (انهيءَ مهل) ڄڻ ته اسين سمورو احوال اکين سان ڏسي رهيا هوندا آهيون. پوءِ جڏهن ٻارن، ٻچن ۽ پنهنجن ڪمن ڪارين ۾ مشغول ٿي ويندا آهيون، تڏهن اسان گھڻو ڪجھ ڀلجي ويندا آهيون. پاڻ ڪريمنﷺ فرمايو، ته مون کي ان ذات جو قسم! جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي. جيڪڏهن اوهان هميشه ان حالت ۾ رهو جيڪا حالت توهان جي مون وٽ هوندي آهي ۽ هر وقت الله جي ذڪر ۾ مشغول رهو، ته ملائڪ توهان جي بسترن تي ۽ توهان جي رستن تي اچي توهان سان هٿ ملائين، مگر اي حنظله! ڪو وقت ڪهڙو ۽ ڪا
گھڙي ڪهڙي (يعني ڪجھ وقت عبادت لاءِ نه وري ڪجھ وقت دنيا جي ڪمن ڪارين لاءِ به ضروري آهي.) ان ڳالھ کي پاڻ ڪريمنﷺ جن ٽي ڀيرا فرمايو. (مسلم)
لفظ ”ربعي“ را جي زير سان، اسيدي همزي جي پيش ۽ سين جي زبر سان ۽ ان کان پوءِ يا مشدد زير سان آهي. ”عاسفنا“ هيءُ لفظ عين ۽ سين مهملي سان گڏ آهي. يعني اسان مشغول ٿياسيون يا کيڏياسون. الضيعات گذران جي ذريعن کي چئبو آهي.
(152) حضرت عبدالله بن عباس رضي الله عنهما کان روايت آهي، ته نبي ڪريم ﷺ جن خطبو ڏئي رهيا هئا، ته هڪڙي ماڻهوءَ کي بيٺي ڏٺائون. پاڻ ڪريمنﷺ ان بابت پڇا ڪئي. ماڻهن چيو، ته ان کي ابو اسرائيل چوندا آهن، هن نذر مڃيو آهي، ته اس ۾ بيٺو رهندو نه ويهندو ۽ نه ڇانو ۾ ايندو نه ڪنهن سان ڳالهائيندو ۽ هميشه روزا رکندو رهندو. نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو، ته ”ان کي چئو، ته ڳالهائي، ڇانو ۾ ويهي ۽ پنهنجو روزو پورو ڪري.“ (بخاري)
0 comments:
Post a Comment