728x90 AdSpace

Latest News

Ads 468x60px

01 August, 2011

آيو برڪت وارو ماه آهي.

آيو برڪت وارو ماه آهي.
سگھڙ فقير ارباب علي ڪيريو

رکو مؤمن روزا رمضان آيو برڪت وارو ماه آهي،
در دوزخ جا سڀ بند ٿيا کليو رحمت وارو را آهي.

پهريون ڏهاڪو رحمت رب جي ڪري خوب وسڪارو،
ڀاڳن وارا راتيون جاڳي ڀرين جهول ڀلارا.
پرهيزگاري ۽ تقوى لاءِ آئي موسم هي واه واه آهي.

ٻيو ڏهاڪو مغفرت وارو مؤمن ڪريو زاري،
سڀئي خطائون ٻانهي سنديون بخشيندو آ باري،
آب اکين جي سان سرد ٿيندي دوزخ واري باه آهي.

ٽيون ڏهاڪو، نجات وارو مؤمن خوب ڇٽن ٿا،
تراويحون ويھ ئي پڙهي روزا جيڪي رکن ٿا،
ويا دوزخ کان سي ناجي ٿي ٿيو راضي تن کان الله آهي.

رات قدر جي اعلى ارباب پيارا خوب ڪمايو،
پياري خدا جو پيارو ڪتاب قرآن جنهن ۾ آيو،
تنهن لئه قرآن ڪافي شافي جنهن قرآن جنهن قرآن سان رکيو چاه آ.
 
  • Blogger Comments
  • Facebook Comments

0 comments:

Post a Comment

Item Reviewed:
آيو برڪت وارو ماه آهي.
Description: Rating: 5 Reviewed By: سکندری
Scroll to Top