ملفوظات شريف حضرت محمد راشد روضي ڌڻي رضي الله عنه
وعظ ۽ نصيحت بابت
نقل: (48): خليفو ميان لقمان رحمة الله عليہ نقل ڪري ٿو ته هيڪر پاڻ نقل فرمايائون ته هڪڙو شخص الله تعالى جو طالب مڪاشفي وارن مان هو تنهن جو پيءَ گذاري ويو. پوءِ اهو شخص پنهنجي پيءُ جي قبر تي سندس احوال ۽ خير معلوم ڪرڻ لاءِ مراقبي ۾ ويٺو. مراقبي منجھ کيس ڏسڻ ۾ آيو، ته قبير منجھ اندر هڪڙو ڪوئو وتي گھمندو ڦرندو ٽي ڏينهن لڳو لڳ مراقبو ڪيائين ٽئي ڏهاڙا اهو ڪوئو اندر گھمندو نظر آيس ٽئين ڏينهن قبر تي ويٺو هو، ته ان ڪوئي کانئس پڇيو ته هت ڇا ٿو ڏسين جواب ڏنائين ته پنهنجي پيءُ کي ٿو نهاريان. ڪوئي چيس ته آءٌ تنهنجو پيءُ آهيان. دنيا ۾ آءٌ حريص هوندو هوس. جنهن ڪري مون کي قبر ۾ ڪوئي جي شڪل ۾ بدلائي ڇڏيو اٿن. ساهو بيان ٻڌائي پاڻ فرمايائون ته سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جي شڪل محمديﷺ صورت تي آهي ۽ انهيءَ صورت تي ڪو به حساب ۽ گرفت جو قلم ڪونه آهي. پر انهيءَ صورت جو قائم رهڻ تيسيتائين مشڪل آهي جيسيتائين ڪه تخلق بااخلاق محمديﷺ حاصل نه ڪيو وڃي. يعني سندن مطابعت ۾ سقدم به قدم عمل ڪيو وڃي. پوءِ جنهن شخص کي محمديﷺ اخلاق حاصل آهي، ته ان کي صورت جي مٽجڻ جو ڪوبه خوف نه آهي. حساب عذاب کان به آزاد رهندو. باقي بڇڙين عادتن ۽ بد ڪمن جي ڪري ماڻهوءَ جي صورت انهن ڪمن جي موافق ڪنهن نه ڪنهن حيوان سان مٽجي ويندي. پوءِ جنهن کي حسد ۽ جھيڙي جي عادت هوندي ۽ ٻئي کي پاڻ جھڙو نه سمجھندو هوندو، ته ان کي ڪتي جي شڪل ۾ مٽايو ويندو ۽ جنهن کي شهوت جو غلبو هوندو ۽ ناجائز شهواتراني ڪندو، ته مرڻ بعد ان جي شڪل گڏه جھڙي ٿي ويندي. اهڙيءَ طرح بيون به بد عادتون سمجھڻ گھرجن. انهيءَ تي مثنوي شريف مان هي بيت شاهد آندائون.
ہر خیالی کو کند در دل وطن، سروز محشر صورتی خواہد شدن۔
يعني جيڪو به خيال انسان جي دل ۾ خيال ڪندو، ته اهو خيال قيامت جي ڏينهن صورت وٺي ظاهر ٿيندو.
نقل: (49): خليفو ميان لقمان رهمة الله عليہ نقل ڪري ٿو، ته هيڪر سندن حضور پرنور ۾ هڪڙي شخص عرض ڪيو ته حضرتا! سائين جن جون فرمايل ڳالهيون هوند ماڻهن کي ٻڌائجن ته کين ڏاڍو فائدو حاصل ٿيندو. پاڻ فرمايائون ته اي يار! سنصيحت جي ڳالهين ٻڌڻ مان مطلب اهي، ته سن تي عمل ڪجي اهو غرض نه آهي، ته سبين کي ٻڌائجي ۽ پاڻ ٺلهو رهجي وڃجي. جيئن الله تعالى جل شانہٗ اهڙن ماڻهن جي حق ۾ فرمايو آهي، ته اتامرون الناس با البر وتنسون انفسڪم. ”يعني آياڪه ماڻهن کي نيڪي جو حڪم ڪريو ٿا باقي پنهنجن جندن کي وساري ٿا ڇڏيو؟“

0 comments:
Post a Comment