728x90 AdSpace

Latest News

Ads 468x60px

26 June, 2011

معراج جا منظر

معراج جا منظر
سيد محمد بن علوي مالڪي حسين
مولانا محمد اسماعيل سڪندري


هجرت کان هڪ سال اڳ رجب مهيني جي ستاويهين تاريخ الله تعالى جي حبيب، سرورِ ڪائنات، فخرِ موجودات، حضور پرنورﷺجن رات جي ٿوري حصي ۾ بيت الله شريف کان بيت المقدس ۽ اتان کان ستين آسمان، سدرة المتهى ۽ اتان کان مٿي ”جنهن جو علم الله عزوجل ڄاڻي يا ان جو رسول ڪريمﷺ.“ پنهنجي پاڪ جسم ۽ روح مبارڪ سميت سير فرمايو، عام طرح هن پوري سفر کي معراج چئجي ٿو، پر درحقيقت اصل معراج بيت المقدس کان پوءِ وارو واقعو آهي ۽ بيت الله شريف کان بيت المقدس تائين وارو سفر ”اسراء“ سڏجي ٿو. ٻنهي جو بيان قرآن ڪريم ۾ سورة اسرى (15 پارھ) ۽ سورة نجم (26 پارھ) ۾ ذڪر ڪيل آهي. پهرين حصي ۾ جنهن کي ”اسراء“ چئجي ٿو جو بيان سورة اسرى جي آيت 1 پهرين ۾ هن طرح فرمايل آهي: سُبْحَانَ الَّذِيْ اَسْری بِعَبْدِهِ لَيْلاً مِّنَ الْمَسْجِدِ الْحَرَامِ  اِلَی الْمَسْجِدِ الْاَقْصَی الَّذِي بَارَكْنَا حَوْلَه۫ لِنُرِيَهُ مِنْ آيَاتِنَا اِنَّه۫ هُوَ السَّمِيْعُ الْبَصِيْرُ
پاڪ آهي اها ذات جنهن پنهنجي ٻانهي کي رات جي ٿوري حصي ۾ مسجدِ حرام کان مسجدِ اقصى (بيت المقدس) تائين سير ڪرايو ٻانهي کي پنهنجي قدرت جون نشانيون ڏيکاريون بيشڪ اهو ئي سڀ ڪجھ ٻڌڻ وارو ۽ سڀ ڪجھ ڏسڻ وارو آهي. سيد محمد بن علوي مالڪي حسني انوار بهيہ ۾ معراج شريف جو تفصيل هن طرح بيان ڪيو آهي، پهريون حصو ”اسراء“ يعني ”بيت الله شريف کان بيت المقدس شريف تائين“ راويءَ جو بيان آهي، ته حضرت حبيب ڪريمﷺ جن ميزاب ڪعبه جي هيٺان صطيم شريف پنهنجي چاچي حضرت حمزھ ۽ سؤٽ حضرت جعفر بن ابي طالب رضي الله عنہما جي وچ ۾ پاسي ڀر آرامي هئا، ته حضرت جبرائيل، حضرت ميڪائيل ۽ ٽيون ملائڪ حضرت اسرافيل عليهم السلام آيا پاڻ ڪريمﷺ جن کي نهايت آرام سان کڻي آبِ زم زم وٽ سمهاريو. ٻي روايت ۾ آهي، ته پاڻ ڪريمﷺ فرمائن ٿا، ته منهنجي گھر جي ڇت کُلي ۽ اتان جبرائيل نازل ٿيو، بهر حال ٻنهي روايتن تي کين آبِ زم زم وٽ سمهاري ۽ سينو مبارڪ لُڪيءَ کان پيٽ جي ڇيڙي تائين چاڪ ڪيو ۽ جبرائيل آبِ زم زم سان دل مبارڪ کي ڪڍي ٽي ڀيرا ڌوئي پاڪ صاف ڪيو ۽ هڪ قسم جو ڪارو ۽ ڍڳ ڦٽو ڪيو، پوءِ وري ميڪائيل عليہ السلام ٽي ڀيرا آبِ زم زم هاريو ۽ آخر ۾ هڪ ايمان ۽ حڪمت سان ڀريل سونو ٿالھ آڻي سندن دل ۾ پرٽيائون ۽ پوءِ حلم ــ علم، يقين ۽ اسلام سان قلب شريف کي ڀري وري ملائي ڇڏيائون ۽ ٻنهي ڪلهن جي وچ تي مهرِ نبوت لڳايائون، پوءِ هَني  لغام سان سينگاريل سنواريل هڪ براق پيش ٿيو. براق گڏه کان وڏو ۽ خچر کان ڪجھ ننڍو هڪ قسم جو وهٽ آهي جنهن جا ڪن ڊگھا، رانن وٽان ٻه پر، جت نظر ٿي پيس اتي ٿي وک رکيائين، جڏهن ڪو جبل ٿي آيو، ته سندس پويون ٽنگون ڊگھيون ٿي ٿيون ۽ جڏهن هيٺائين تي ٿي لٿو، ته اڳيون ٽنگون وڏيون پئي ٿيون. سوار ٿيڻ مهل جڏهن مستي ڪيائين، ته جبرائيل عليہ السلام جھڻڪ ڏئي ڪنڌ ۾ هٿ وجھي چيائينس: ”فواللھ ما رکبک خلق اکرم علی اللھ منھ الله جو قسم توتي سوري ڪرڻ وارو الله تعالى وٽ سموري مخلوق کان وڌ عزت وارو آهي. ان تي براق حياء ۾ ٻڌي ويو ۽ جان پگھرجي پيس، پاڻ ڪريمﷺ مٿس سوار ٿيا. اهو براق اڳ به ٻين نبين سڳورن جي سوار ٿيڻ جو اعزاز حاصل ڪري چڪو هو ۽ هاڻي وري نبين جي سردارﷺ جي سواري ٿيڻ جو تاج مليس. حضرت سعيد بن مسيب جو چوڻ آهي، ته ”اهو حضرت ابراهيم عليہ السلام جي سواريءَ جو جانور هو ۽ جڏهن بيت الله شريف ۾ ايندا هئا، ته ان تي سوار ٿي ايندا هئا.“ پوءِ جڏهن روانا ٿيا، ته جبرائيل سندن ساڄي ۽ ميڪائيل سندن کاٻي طرف کان ٿي هليو پر ابن سعد جي روايت ۾ آهي، ته ”جبرائيل سندن رڪاب کي جھليو ٿي هليو ۽ ميڪائيل جي هٿ ۾ وري واڳ هئي.“ پوءِ هڪ جاءِ تي کجيءَ جا باغ تمام گھڻا هئا. جبرائيل عرض ڪيو، ته هت لهڻ فرمايو ۽ نماز پڙهو. پاڻﷺ لٿا ۽ ٻه رڪعتون ادا ڪيائون پوءِ وري سوار ٿي اڳتي وڌيا، جبرائيل عرض ڪيو، ته توهان کي خبر آهي، ته توهان ڪٿي نماز پڙهي آهي؟ فرمايائون تون ئي ٻڌاءِ، اوهان طيبہ ۾ نماز پڙهي آهي ۽ اها اوهان جي هجرت جي جاءِ آهي. براق هوا وانگر تمام تيز هلي رهيو هو ۽ جبرائيل وري لهڻ لاءِ عرض ڪيو. پاڻﷺ لٿا ٻه رڪعتون نماز پڙهي وري سوار ٿيا. اوهان کي خبر آهي، ته ڪٿي نماز پڙهي اٿو؟ فرمايائون تون ئي ٻڌاءِ، عرض ڪيائين، ته هي مدين آهي، هتي اهو وڻ آهي، جنهن ۾ حضرت موسى عليہ السلام الله ﷻ جي نور جو جلوو پسيو هو. هلندي وري جبرائيل لهڻ لاءِ عرض ڪيو پاڻ ﷺ لٿا ۽ ٻه رڪعتون ادا ڪيائون، جبرائيل کين ٻڌايو، ته اها جاءِ طور سينا آهي، جتي الله تعالى حضرت موسى عليہ السلام سان ڳالهايو هو. اڳتا هلندا رهيا، ته شام ملڪ جون ماڙيون نظر اچڻ لڳيون، جبرائيل وري لهڻ لاءِ عرض ڪيو، پاڻ سڳوراﷺ لهي ٻه رڪعتون ادا ڪري وري چڙهيا، جبرائيل کين ٻڌايو، ته هي بيت لحم آهي يعني حضرت عيسى ابن مريم عليہ السلام جي ڄمڻ جي جاءِ. . . . . سفر جاري هو، ته ان وچ ۾ پاڻ ڪريمﷺ جن ڏٺو، ته جنن مان هڪ عفريت جن باه جي اماڙي سان سندن پٺيان پٺيان ڀڄندو ٿي آيو، حضرت جبرائيل عليہ السلام عرض ڪيو، ته ڇا! مان اوهان کي اهڙي دعا نه ٻڌايان، جو اوهان جڏهن اها پڙهو، ته ان جي اها باه وسامي وڃي ۽ پاڻهي اونڌي منهن ڪري مري وڃي. پاڻﷺ فرمايائون، ته ها ضرور ٻڌاءِ، جبرائيل عليہ السلام هي دعا ٻڌائي. اعوذ بوجھ اللھ الکریم وبکلمات اللھ التامات لایجاوزھن بر ولا فاجر من شر ما ینزل من السما ومن شرما یعرج فیھا ومن شر ماذ رافی الارض ومن شر مایخرج منھا ومن فتن اللیل والنھار  ومن طوارق اللیل والنھار الا طارقا یطرق بخیریارحمٰن۔ اهڙيءَ طرح پاڻ ڪريمﷺ جڏهن اها دعا پڙهي، ته اهو جن اونڌي منهن ڪري مري ويو ۽ باه جو شعلو وسامي ويو.
وري سفت دؤران پاڻ هڪ منظر ڏٺائون، ته هڪ قوم آهي، جيڪا هڪ ڏينهن فصل پوکي ٿي، ته ٻئي ڏينهن تي اهو فصل تيار ٿي وڃي ٿو ۽ ان ۾ لابارو پيا وجھن ۽ جڏهن لڻن پيا، ته پٺيان اهو فصل تيار بيٺو هو. پاڻ ڪريمﷺ جن حضرت جبرائيل کان پڇيو، ته هي ڇا آهي؟ پاڻ عرض ڪيائين، ته الله تعالى جي راه ۾ مجاد آهن جن جي نيڪين کي ست سؤڻ تائين ٻيڻو چؤڻو ڪيو وڃي ٿو ۽ هي جيڪي به خرچ ڪن ٿا، کين بروقت ڏنو وڃي ٿو. وري پاڻ ڪريمﷺ جن هڪ عجيب بهترين خوشبوء محسوس ڪئي. پڇڻ فرمايائون، ته هي ڇا جي خوشبوء آهي؟ جبرائيل عرض ڪيو، ته هيءَ خوشبوءِ فرعون جي ڌيءَ کي هار سينگار ڪرائيندڙ عورت ۽ ان جي اولاد جي آهي. جو هڪ ڏينهن اها عورت فرعون جي ان ڌيءَ کي ڦڻي ڪري رهي هئي، ته سندس هٿ مان ڪنگي ڪري پئي ۽ مائي صاحبه جي وات مان نڪتو ”بسم اللھ تعس فرعون“ الله جي نالي سان ٿي کڻان جيڪو فرعون کي تباه ڪندو. ڇوڪريءَ اهو ٻڌي چيو، ڇا! بابي کان سواءِ ٻيو به ڪو ربُّ آهي؟ مائيءَ چيو ها ضرور آهي. ڇوڪريءَ وڃي پنهنجي پيءُ فرعون کي ٻڌايو. ان عورت جو مڙس ۽ ٻه پٽ هئا. فرعون انهن سڀني کي گھرايو ۽ گھڻو زور بار ڏنو، ته پنهنجو دين ڇڏي وڃن، انهن جي انڪار تي کين قتل جي ڌمڪي ڏنائين. انهن فرعون کي چيو، ته اسان کي موت قبول آهي پر جيڪڏهن اسان کي هڪ ئي قبر ۾ وجھين، ته اها تنهنجي مهرباني ٿيندي. فرعون اهو شرط مڃيو ۽ ٽامي جي هڪ وڏي تئي ۾ تيل ۽ پاڻي وجھي تچڪايو ويو ۽ سڀن کي هڪ هڪ ڪري ان ۾ اڇلايو ويو. آخر ۾ هڪ ٿڃ پياڪ ٻار جو وارو آيو، جنهن وڏي آواز سان چيو، ته اي امان! جلد ڪر پوئتي نه هٽ بيشڪ تون حق تي آهين.“ هيءَ خوشبوء انهن جي آهي. راويءَ جو قول آهي، ته ٻنڌڻن ۾ چئن ٻارن ڳالهايو آهي، هڪ هي ٻار، ٻيو جنهن ٻار حضرت يوسف عليہ السلام جي شاهدي ڏني، ٽيون جريج جو ساٿي ۽ چوٿون حضرت عيسى ابن مريم عليہ السلام.
ان کان پوءِ سندن گذر اهڙي قوم وٽان ٿيو، جن جا مٿا وڏن پٿرن ۽ لوهي وڏاڻن سان چٿيا پئي ويا، جڏهن چٿجي ٿي ويا، ته ساڳي حالت ۾ ٿي ٿيا. اهڙيءَ طرح اهو عذاب مٿن مسلسل هلي رهيو هو. هي اهي شخص آهن، جيڪي فرض نماز کان لاپرواهي ڪندا هئا. اهڙيءَ طرح هڪ ٻي جماعت کي ڏٺائون، جن کي اوگھڙن تي اڳيان ۽ پٺيان رڳو ڪپڙي جا چٿر رکيل هئا ۽ اٺن ۽ ٻڪرين وانگر چري رهيا هئا. ضريع ڪنڊن وارو گاه، ٿوهر ۽ زقوم جيڪو سخت زهريلو گاه آهي، (دنيا ۾ ان جو ڪو سلو نه آهي.) جهنم جا ٽانڊا ۽ پٿر کائي رهيا هئا. پاڻ ڪريمﷺ جي پڇڻ تي حضرت جبرائيل عليہ السلام ٻڌايو، ته اهي زڪوٰة ۽ صدقات نه ڏيندا هئا ۽ الله تعالى هنن تي ڪو ظلم نه ڪيو آهي. وري هڪ جماعت ڏٺائون جن جي اڳيان  سٺو لذيذ پڪل گوشت هنڊين ۾ ڍڪيل آهي ۽ ٻيو ڪچو بدبودار خراب گوشت به رکيل آهي، پوءِ اهي ان بهترين گوشت کي ڇڏي ان ڪچي ۽ بدبودار گوشت مان کائي رهيا هئا. پاڻ ڪريمﷺ جي پڇڻ تي جبرائيل ٻڌايو، ته هي اوهان جي امت مان اهي شخص آهي، جيڪي پنهنجون پاڪ حلال زالون ڇڏي ڪنهن بدڪار عورت سان رات گذاريندا آهن. اهڙيءَ طرح عورتن مان به جيڪا پنهنجو حلال بهترين مڙس ڇڏي ڪنهن ڪميني ماڻهوءَ سان رات گذاري ايندي آهي، وري هڪ ڪاٺي ڏٺائون، جيڪا رستي تي پيل هئي، ڪابه شيءِ ڪپڙو وغيرھ ان وٽان گذري پيو، ته ان کي فاڙيائين ٿي. پاڻ ڪريمﷺ جي پڇڻ تي حضرت جبرائيل عليہ السلام ٻڌايو، ته اهي اوهان جي امت مان انهن جو مثال آهي، جيڪي رستن تي ڪچهريون لڳائيندا ۽ ماڻهن جا رستا روڪيندا آهن. وري هڪ شخص ڏٺائون، جيڪو رت جي هڪ نهر ۾ تري رهيو هو ۽ ان جي وات ۾ پٿر ٿي وڌا ويا. جبرائيل ٻڌايو، ته هي وياج کائيندڙ جي صورت آهي. وري اهڙو شخص ڏٺائون، جنهن ڪاٺين جي ڀري گڏ ڪئي هئي، ان کي کڻي نه ٿي سگھيو، پر ويتر ان تي ٻيو ڪاٺيون به سٿي رهيو آهي. حضرت جبرائيل بڌايو، ته هي اوهان جي امت مان اهو شخص آهي، جيڪو ماڻهن جون امانتون رکندو هو پر ادا نه ڪري سگھندو هو ۽ اڃا وڌيڪ رکڻ چاهيندو هو. پوءِ اهڙي جماعت ڏٺائون جن جي زبانن ۽ چپن کي لوهي ڪئنچين سان ڪپيو ٿي ويو، هيڪر ڪٽجن ته ٻيهر اهڙيون ٿيو وڃن. حضرت جبرائيل ٻڌايو، ته اهي اوهان جي امت جي خطيبن مان فتني باز واعظي آهن، جو ٻين کي چوندا آهن ۽ پاڻ ان تي عمل نه ڪندا آهن. سندن گذر هڪ جماعت وٽان ٿيو. جن کي ٽامي جا وڏا نهن هئا جن سان پنهنجا منهن ۽ سينا رهڙي رهيا هئا، پاڻﷺ پڇڻ فريائون، ته اي جبرائيل! هي ڪير آهن؟ عرض ڪيائين، ته هي اهي ماڻهو آهن، جيڪي ماڻهن جا گوشت کائيندا آهن. يعني گلائون ڪندا آهن ۽ انهن تي تهمتون هڻي انهن کي بي عزتو ڪندا آهن.
پاڻﷺ هڪ ننڍي سوراخ وٽ پهتا، جنهن مان هڪ تمام وڏو نانگ نڪتو ٿي پوءِ وري ان نانگ ان ۾ وڃڻ ٿي چاهيو، پر وڃي نه ٿي سگھيو. جبرائيل بڌايو، ته هي اوهان جي امت مان هڪ شخص آهي، جيڪو وڏي ڳالھ ڪري ويهي رهندو آهي، پوءِ ان تي پشيمان ٿي ان کي لڪائڻ چاهيندو آهي، پر ائين نه ڪري سگھندو آهي. پاڻﷺ هلي رهيا هئا، ته ساڄي طرف کان هڪ سڏ ٿيو، ”یا محمد انظرنی اسألک اي محمدﷺ! مون ڏانهن نظر فرمايو، اوهان کان ڪجھ سوال آهي. پاڻﷺ ڪو توجهه نه فرمايائون، جبرائيل عرض ڪيو، ته اهو سڏ يهودين ڪيو، توهان انهن ڏانهن توجهه ڪيو ها، ته توهان جي امت يهودين جي پٺيان لڳي پوي ها. ان دؤران کاٻي کان هڪ ٻيو اهڙو سڏ ٿيو، پاڻ وري به توجهه نه فرمايائون. جبرائيل عليہ السلام عرض ڪيو، ته هيءَ عسائين جي دعوت آهي، اوهان جواب ڏيو ها، ته اوهان جي امت عيسائي ٿي وڃي ها. پاڻ ڪريمﷺ سفر ڪري رهيا هئا، ته هڪ عورت ظاهر ٿي، جنهن جون ٻانهون ڪلهن تائين اگهاڙيون هيون ۽ هر سينگار جيڪو الله تعالى خلقيو آهي، ان عورت کي ڪيل هو، چيائين ” یا محمد انظرنی اسألکاي محمدﷺ! مون ڏانهن نظر فرمايو، اوهان کي هڪ درخواست آهي. پاڻ ڪريمﷺ ان ڏانهن ڪوبه توجهه نه فرمايائون. جبرائيل عرض ڪيو، ته اها دنيا هئي ۽ ان کي جواب ڏيو ها، ته اوهان جي امت دنيا کي آخرت تي ترجيح ڏئي ها.
سير دؤران هڪ پوڙهو، جو رستي کان هيٺ بيٺل هو، کين سڏ ڪري رهيو هو، ته هيڏي اچ اي محمدﷺ! جبرائيل عليہ السلام عرض ڪيو يا محمدﷺ اڳتي هلو، پاڻﷺ دريافت ڪيائون، ته هي ڪير آهي؟ جبرائيل عرض ڪيو، ته هي الله جو دشمن ابليس هو. اوهان کي پاڻ ڏانهن مائل ٿي ڪرڻ چاهيائين. رستي تي هڪ طرف کين هڪ جھور پوڙهي سڏ ڪيو، پاڻ توجهه نه فرمائي، جبرائيل عرض ڪيو، ته دنيا جي عمر هاڻي وڃي ايتري بچي آهي، جيتري هن پوڙهي جي عمر بچي آهي. سير دؤران الله تعالى جي هڪڙن ٻانهن سان سندن ملاقات ٿي، جن مٿن هن طرح سلام ورايو. السلام علیک یا حاشر، السلام علیک یا آخر ۔  جبرائيل جواب لاءِ چيو، پاڻﷺ کين سلام جو جواب ڏنائون. پوءِ هڪ ٻي جماعت ملي انهن به ائين سلام پيش ڪيو. وري ٽئين جماعت به اهڙيءَ طرح سلام پيش ڪيو. جبرائيل سندن پڇڻ تي ٻڌايو، ته اهي حضرت ابراهيم، حضرت موسى ۽ حضرت عيسى عليهم السلام هئا. پاڻ وري حضرت موسى عليہ السلام جي قبر وٽان گذريا، حضرت موسى عليہ السلام هڪ ڳاڙهي پٿر تي نماز پڙهي، قد جو ڊگهو ۽ وار تمام سهڻا ڊگھا ڄڻ ته قبيله شنوعة جي مردن مان هجي. بلند آواز سان چئي رهيو هو.اکرمھ و فضیلة، پاڻ ڪريمﷺ مٿس سلام وراڻيو. جواب وراڻي جبرائيل کان تعارف پڇيائين، جبرائيل ٻڌايو، ته هي محمدﷺ آه. خوشيءَ ۾ چيائين، مرحبا ڀلي آئيو، اي عربي! اي الله جا نبي! پنهني امت جا ناصح. پوءِ برڪت جي دعا ڪيائين ۽ عرض ڪيائين، ته پنهنجي امت لاءِ آساني ۽ هلڪڙائيءَ جو سوال ڪجو. جبرائيل ٻڌايو، ته موسى عليہ السلام آهي. پاڻ فرمايائون اهو ايترو سخت لهجي ۾ ڪنهن سان پئي ڳالهايائين، چيائين پنهنجي رب سان پئي ڳالهايائين. فرمايائون پنهنجي رب اڳيان ايترو وڏي آواز سان؟! جبرائيل چيو، ته الله تعالى سندن طبع جي تيزيءَ سان ئي سندس سڃاڻپ ڪئي آهي. پاڻ هڪ وڻ وٽان گذريا. جنهن جو ڦر هڪ وڻ جيترو هجي. ان جي هيٺان هڪ پيرسن بزرگ ۽ سندس اهل و عيال هجن پاڻ گھڻي روشنائي ڏٺائون. فرمايائون اي جبرائيل! هي بزرگ ڪير آهي؟ جبرائيل عرض ڪيو، ته اوهان جو والد ابراهيم عليہ السلام. پاڻ ڪريم ﷺ مٿس سلام ورايو، سلام جو جواب ڏئي پڇيائين اي جبرائيل! توسان گڏ هي ڪير آهن؟ چيائين هي توهان جو فرزند احمد عليہ السلام آهن. فوراً چيائين اي امي عربي نبي! جنهن پنهنجي ربب تعالى جو پيغام پهچائي ڇڏيو ۽ پنهنجي امت کي نصيحت ڪيائين. اي پٽ! رات پنهنجي رب سان ملندين. تنهنجي امت آخري امت ۽ سڀن کان ڪمزور آهي. جيڪڏهن پنهنجي حاجت يا پنهنجي امت جي ڪا وڏي حاجت اوهان پيش ڪري سگھو، ته ضرور ڪجو. ۽ پوءِ پاڻ ڪريمﷺ جن لاءِ برڪت جي دعا گھريائون. پاڻ اڳتي روانا ٿيا، ته هلندي هڪ واديءَ تي پهتا، جيڪا بيت المقدس شهر وٽ هئي. اتي پاڻﷺ ڏٺائون ته جهنم هڪ وڇايل شيءِ وانگر کليل هو. ڪنهن صحابي سڳوري عرض ڪيو، ته يارسول اللهﷺ اوهان جهنم کي ڪيئن ڏٺو؟ جيئن ڇار هجي يا ڪوئلا هجن. پوءِ جڏهن بيت المقدس شهر ۾ پهتا، ته شهر ۾ ساڄي طرف واري دروازي کان داخل ٿيا، پوءِ براق تان هيٺ لهي مسجد جي دروازي جي ڪنڊ ۾ جتي ٻيا نبي سڳورا ان کي ٻڌندا هئا. پاڻ سڳورنﷺ به ٻڌو. ٻي روايت ۾ آهي، ته حضرت جبرائيل عليہ السلام پٿر تي آڱر رکي، ته ان ۾ سوراخ ٿي پيو، پوءِ ان سوراخ ۾ براق کي ٻڌائين، پوءِ پاڻ سڳوراﷺ مسجد شريف ۾ ان دروازي کان مسجد شريف ۾ داخل ٿيا، جيڪو سج ۽ چنڊ جي رخ تي آهي. پوءِ ٻه رڪعتون پاڻ به ادا ڪيائون ۽ جبرائيل به ادا ڪيون. ٿوري دير نه گذري، ته هڪ مجمعو گڏ ٿي ويو. پاڻ ڪريمﷺ سمورن نبي سڳورن کي قيام، رڪوع ۽ سجدي مان سڃاتو. ايتري ۾ آذان آئي ۽ نماز جي تياري ٿيڻ لڳي، صفون ٻڌجي ويون، سڀن کي امام جو انتظار هو. بس پوءِ حضرت جبرائيل عليہ السلام پاڻ ڪريم ص جي هٿ کان وٺي مصلي تي آندو، پاڻ ڪريمص ٻه رڪعتون نماز پڙهائي. حضرت ڪعب جي روايت آهي، ته جبرائيل آذان چئي، سمورا ملائڪ آسمانن کان هيٺ لٿا، الله تعالى سمورن نبين ۽ رسولن کي اتي گڏ ڪيو. پوءِ جڏهن نماز کان فارغ ٿيا، ته جبرائيل عرض ڪيو، يا محمدﷺ! توهان کي خبر آهي، ته اوهان جي پٺيان ڪنهن ڪنهن نماز پڙهي؟ فرمايائون تون ٻڌاءِ. عرض ڪيائين، ته جيڪي به نبي سڳورا الله تعالى دنيا تي موڪليا، انهن سمورن جي اوهان امامت ڪئي آهي. بيهقي ۽ حاڪم ۾ حضرت ابو هريرھ کان روايت آهي، ته نبين سڳورن جي ارواحن سان سندن اتي ملاقات ٿي. هر نبي سڳوري الله تعالى جي حمد و ثنا ڪئي ۽ انهن نعمتن جو ذڪر ڪيو، جيڪي الله تعالى ان تي فرمايون هيون. جڏهن سڀ نبي سڳورا حمد و ثنا ۽ نعمتن جو ذڪر ڪري ويٺا، پوءِ پاڻ ڪريمﷺ جن اٿيا ۽ هن طرح حمد و ثنا الله تعالى جي نعمتن ۽ فضيلتن جو ذڪر ڪيائون.
”سموري ساراه الله کي آهي. جنهن مون کي سڀ جهانن لاءِ رحمت بڻائي موڪليو ۽ تمام انسانن لاءِ خوشخبري ٻڌائيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو. مون تي قرآن نازل فرمايائين، جنهن ۾ هر شيءِ جو بيان آهي. منهنجي امت کي تمام امتن کان بهتر امت ڪيائين ۽ منهنجي امت کي عادل امت جو لقب ڏنائين ۽ منهنجي امت کي اول ۽ آخر امت ڪيائين. منهنجي واسطي منهنجو سينو ڪشادو ڪيائين، مون تا منهنجا بار لاٿائين. منهنجو ذڪر بلند ڪيائين، مون کي فاتح ۽ مون تي رسالت ۽ نبوت کي ختم ڪيائين.“ جڏهن پاڻ سڳوراﷺ حمد و ثنا کان فارغ ٿيا، ته حضرت ابراهيم عليہ السلام سڀن نبين سڳورن ڏانهن متوجهه ٿي فرمايائون، ته بھٰذا افضلکم محمد يقيناً انهن شرفن ۽ فضيلتن جي بدولت محمدﷺ توهان سمورن کان مٿاهون مقام حاصل ڪيو آهي.
ان کان پوءِ ستن آسمانن جو سير ۽ هر آسمانن جي عجائب ۽ اتي رهندڙ ملائڪ ۽ نيڪن جي ارواحن سان ملاقات ۽ مناظر  پوءِ سدرة المنتهى تي رسڻ ۽ جبرائيل جو اڳتي وڌڻ کان معذوري ظاهر ڪرڻ ۽ پوءِ پنهنجي رب قدوس جل شانہٗ جي قرب، انعام و اڪرام جو بيان اهو سڀ معراج  ۾ بيان ٿيندو. بيت المقدس تائين ان سير ان جي واقعات کي ”اسراء“چئجي ٿو، جيڪو ات پورو ٿيو، بي قسط ۾ ان کان مٿي جي واقعات جو بيان ٿيندو.   
                       


  • Blogger Comments
  • Facebook Comments

0 comments:

Post a Comment

Item Reviewed: معراج جا منظر Description: Rating: 5 Reviewed By: سکندری
Scroll to Top