رياض الصالحين
مترجم: مولانا غلام عباس قادري سڪندري
(150) حضرت عبدالله بن عمرو بن العاص رضي الله عنہ کان روايت آهي، ته نبي ڪريمﷺ کي (منهنجي باري ۾) خبر پئي، ته مان چوان ٿو، ته مان جيسيتائين زندھ رهندس ڏينهن جو روزو رکندس ۽ رات ۾ نماز لاءِ قيام ڪندس. رسول اللهﷺ جن فرمايو تو اها ڳالھ چئي آهي؟ مون چيو، ته هائو. منهنجا ماءُ پيءُ توهان تي قربان يارسول اللهﷺ. پاڻ سڳورنﷺ فرمايو تو ۾ ايتري طاقت نه آهي. تون روزو به رک ۽ افطار به ڪر.عــ1 ۽ سمهندو به ڪر ۽ (نماز) لاءِ قيام به ڪر ۽ مهيني ۾ ٽي رزا رک بيشڪ هڪ نيڪيءَ جو ثواب ڏهوڻو آهي ۽ اهو ڄڻ هميشه روزا رکڻ جي برابر آهي. مون عرض ڪيو، ته مون ۾ ان کان به وڌيڪ طاقت آهي. پاڻﷺ فرمايائون، ته هڪ ڏينهن روزو رک ۽ هڪ ڏينهن افطار ڪر. اهي دائود عليہ السلام جا روزا آهن ۽ اهي روزا بهتر آهن. هڪ روايت ۾ آهي، ته اهي افضل روزا آهن. مون عرض ڪيو، ته مون ۾ ان کان وڌيڪ طاقت آهي. نبي ڪريمﷺ فرمايو، ان کان وڌيڪ بهتر صورت نه آهي.
حضرت عبدالله بن العاص فرمائي ٿو، ته (ڪاش) مان ٽن ڏينهن جي روزن کي قبولي ڇڏيان ها. جيئن رسول اللهﷺ فرمايو هو، ته اهي مون کي پنهنجي مال ۽ گھر وارن کان به وڌيڪ محبوب هئا. هڪ روايت ۾ آهي، ته ڇا! مون کي اهو نه ٻڌايو ويو آهي، ته تون ڏينهن جو روزو رکين ٿو. مون عرض ڪيو، ته هائو يا رسول اللهﷺ پاڻ ڪريمنﷺ فرمايو، ته ائين نه ڪر. بيشڪ تنهنجي بدن جو توتي حق آهي. تنهنجي اکين جو ۽ تنهنجي زال جو تو تي حق آهي. تنهنجي مهمان جو توتي حق آهي. تنهنجي لاءِ اهو ڪافي آهي، تون هر مهيني ٽي روزا رکندو ڪر. پوءِ توکي نيڪيءَ جي عيوض ڏهوڻو ثواب ملندو. اهڙيءَ طرح اهي هميشه جا روزا ٿيا مگر مون سختيءَ کي اختيار ڪيو ۽ مون تي سختي ٿي وئي ۽ مون عرض ڪيو، يارسول اللهﷺ مون کي مزيد طاقت آهي، پاڻ ﷺ فرمايائون، ته الله جي نبي حضرت دائود عليہ السلام وانگر روزا رک ۽ ان کان زيادھ نه ڪر. مون عرض ڪيو، ته دائود نبي جا روزا ڪهڙا هئا. پاڻص فرمايائون، ته اڌ زمانو يعني هڪ ڏينهن روزو ۽ هڪ ڏينهن افطار. حضرت عبدالله بن عمرو بن العاص رضي الله عنہ پوڙهي ٿيڻ کان پوءِ چوندو هو، ته ڪاش مان نبي ڪريمﷺ جن جي رعايت ۽ اجازت قبول ڪيان ها! ۽ هڪ راويت ۾ آهي، ته تون هميشه روزا رکندو آهين. ۽ سڄي رات قرآن پڙهندو آهين. مون عرض ڪيو، ته هائو يارسول اللهﷺ مگر ان معاملي ۾ منهنجو ارادو نيڪ آهي. پاڻ ڪريمنﷺ فرمايو، ته پوءِ دائود عليہ السلام نبي وانگر روزا رک. بيشڪ اهو سڀن ماڻهن کان وڌيڪ عبادت گذار هو ۽ هر مهيني هڪ ڀيرو قرآن پڙهي ختم ڪندو ڪر. مون عرض ڪيو، ته يارسول اللهﷺ مون ۾ ان کان وڌيڪ طاقت آهي. پاڻﷺ فرمايائون، ته پوءِ ويهن ڏينهن ۾ قرآن ختم ڪر. مون عرض ڪيو، ته اي الله جا نبيﷺ! مان ان کان وڌيڪ جي طاقت رکان ٿو. پاڻ فرمايائون، ته ڏهن ڏينهن ۾ ختم ڪندو ڪر. مون عرض ڪيو، ته يارسول اللهﷺ مان ان کان به وڌيڪ جي طاقت رکان ٿو. پان فرمايائون، ته هر هفتي ۾ ختم ڪندو ڪر ۽ ان کان زيادھ نه ڪر مگر مون پاڻ تي سختي ڪئي ۽ مون تي سختي ڪئي وئي. عــ1 ۽ مون کي نبي ڪريمﷺ جن فرمايو، ته تون نه ٿو سمجھين شايد تنهنجي عمر وڏي ٿئي ۽ اهو ئي معاملو مون کي سامهون آيو، جيڪو حضورﷺ جن فرمايو هو. (يعني منهنجي عمر ڊگھي ٿي.) ۽ جڏهن مان پيرسن ٿي ويس، ته مان خواهش ڪرڻ لڳس ته جيڪر مان رسول اللهﷺ جن جي ڏنل رعايت قبول ڪريان ها. هڪ روايت ۾ آهي، ته توتي تنهنجي اولاد جو به حق آهي. ٻي روايت ۾ آهي، ته پاڻ سڳورنﷺ فرمايو، ته انهيءَ شخص جو ڪو به روزو نه آهي، جنهن هميشه روزا رکياٽي دفعا پاڻ ائين فرمايائون. هڪ روايت ۾ آهي، ته الله تعالى جي درٻار ۾ محبوب ۽ پسنديدھ روزا حضرت دائود عليه السلام جا روزا ۽ محبوب نماز دائود عليہ السلام جي نماز (تهجد) آهي. اڌ رات آرام ڪندو هو ۽ رات جي ٽئين حصي ۾ (نماز لاءِ) قيام ڪندو هو ۽ ڇهون حصو سمهندو هو. هڪ ڏينهن روزو کندو هو ۽ هڪ ڏينهن افطار ڪندو هو ۽ جڏهن دشمن سان مقابلو ٿيندو هو، ته فرار ڪونه ٿيندو هو. ڪڏهن به دشمن سان مقابلي وقت (پٺي ڏئي) نه ڀڄندو هو. عـــ1هڪ روايت ۾ آهي، ته حضرت عبدالله بن عمرو بن العاص رضي الله عنہ بيان ڪيو، ته منهنجي پيءُ هڪ شريف عورت سان منهنجو نڪاح ڪرايو. منهنجو پيءُ پنهنجي ننهن جو خيال رکندو هو ۽ ان کان سندس مس جو احوال پڇندو هو. اها عورت انهيءَ کي جواب ڏيندي هئي، ته عبدالله بن عمرو بن العاص تمام سٺو ماڻهو آهي پر هن منهنجي بستري تي ڪڏهن پير نه رکيو آهي ۽ جڏهن کان اسين ان وٽ آيا آهيون. اسان جي ضرورت جي خبر نه ورتي اٿس. جڏهن اها حالت والدين کي ڏکي لڳي، ته هن نبي ڪريمﷺ جي خدمت ۾ ان ڳالهه جو تذڪرو ڪيو. پاڻ ڪريمنﷺ فرمايو، ان جي مون سان ملاقات ڪرايو. عبدالله بن عمرو بن العاص بيان ڪري ٿو، ته ان کان پوءِ مان ساڻن مليس. پاڻﷺ فرمايائون، ته روزا ڪهڙيءَ طرح رکين ٿو؟ مون عرض ڪيو، ته روزانو. پاڻﷺ فرمايائون، ته قرآن ڪيئن ختم ڪندو آهين؟ مون عرض ڪيو، ته هر رات ۽ سمورو احوال ٻڌايائين، جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي ۽ جيڪو ستون حصو رات جو پڙهڻو هوندو هيس. اهو ڏينهن جو پنهنجي گھر جي ڪنهن فرد کي ٻڌائيندو هو، ته جيئن رات جو آساني ٿئي ۽ جڏهن پاڻ کي آرام ڏيڻ جو ارادو ڪندو هو، ته افطار ڪندو ۽ انهن ڏينهن جو حساب رکندو هو ۽ پوءِ انهن جي قضا ڪندو هو. ڇو، ته هو انهيءَ ڳالھ کي برو سمجھندو هو، ته جنهن حالت ۾ رسول اللهﷺ جن کان جدائي ٿي آهي. انهيءَ کي ڇڏي ڏيان. هي سڀئي روايتون صحيح آهن. انهن مان گھڻيو روايتون بخاري ۽ مسلم ۾ آهن ۽ ڪجھ روايتون رڳو بخاري يا رڳو مسلم ۾ آهن.
0 comments:
Post a Comment