ماهِ شعبان جون فضيلتون
موڪليندڙ: قاري محمد مٺل قاسمي، سکر
اسلامي سال جي مهينن مان هي اٺون مهينو آهي. هي مهينو وڏي برڪت ۽ فضيلت وارو آهي. هن مهيني ۾ نيڪين جا درواز کوليا وڃن ٿا. هن مبارڪ مهيني جي پندرهين رات شبِ برات آهي، جيڪا وڏي فضيلت ۽ برڪت واري آهي.
نالي جو سبب ۽ معنى:
1. شعبان باب تفعل آهي، جنهن جي معنى آهي، جدا ڪرڻ ۽ لڳولڳ ٿيڻ، هن مهيني جو نالو شعبان ان ڪري رکيو ويو. حضرت انس رضي الله عنہ کان روايت آهي، ته روزيدار جي نيڪين ۾ لڳولڳ اضافو ٿئي ٿو ۽ ان کي وڌڻ ۽ لڳولڳ واري خوبي ميسر ٿيندي آهي. تان جو روزيدار جنت ۾ وڃي داخل ٿيندو آهي.
2. شعبان جو نالو شعبان ان ڪري پيو جو هن مهيني ۾ عرب پاڻيءَ جي تلاش يا لوٽ مار لاءِ نڪرندا هئا. هيئن به چيو وڃي ٿو، ته ان کي شعبان چوڻ جو هي سبب به آهي، ته هي رجب ۽ رمضان شريف جي وچ ۾ آهي. ڇو ته شعب جي معنى وچ به آهي.
3. شعبان شعب کان مشتق آهي، جنهن جو مطلب آهي، شاخ يا ٽاري. جيئن ته هن مهيني ۾ ڪيل نيڪيون وڻ جي شاخ يا ٽاريءَ وانگر وڌن ٿيون. انهيءَ ڪري هن مبارڪ مهيني کي شعبان چيو وڃي ٿو.
شعبان جي چنڊ جي دعا:
پاڻ سڳوراﷺشعبان جو چنڊ ڏسي هيءَ دعا پڙهندا هئا. اللٰهم بارڪ لنا في رجب و شعبان وبلغنا رمضان. يعني اي الله رجب ۽ شعبان جي مهيني ۾ اسان جي لاءِ برڪت نازل فرماءِ ۽ ّيريت سان اسان کي رمضان تائين پهچاءِ. يعني رمضان جي استقبال ۽ احترام جي توفيق ڏي.
فضائلِ شعبان:
بيبي عائشه صديقه رضي الله عنها فرمائي ٿي، ته شعبان ۽ رمضان جي مهيني کان سواءِ ٻئي ڪنهن مهيني ۾ مون رسول اللهﷺ جن کي ڪثرت سان روزا رکندي مون ڪونه ڏٺو. پاڻ سڳورنﷺکي اها ڳالھ پسند هئي، ته شعبان جا روزا رکندي رکندي رمضان سان ملائي ڇڏين. هڪڙي دفعي حضرت اسامه رضي الله عنه عرض ڪيو، ته يارسول الله ﷺ آءٌ توهان کي شعبان ۾ روزا رکندي ڏسان ٿو. ان جو ڪهڙو سبب آهي؟ ان تي پاڻ سڳورنﷺ جن جواب ۾ فرمايو، ته هي اهڙو مهينو آهي، جيڪو رجب ۽ رمضان جي وچ ۾ آهي. ماڻهو هن جي فضيلت کان بي خبر آهن. هن مهيني ۾ الله رب العزت جي آڏو ماڻهن جا اعمال پيش ڪيا ويندا آهن. منهنجي خوهش آهي، ته جڏهن منهنجا اعمال پيش ڪيا وڃن، ته منهنجو شمار روزيدارن ۾ هجي.
هن حديث مان شعبان جي فضيلت جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو. هن مهيني جي روزن جو مثال ائين آهي، جيئن فرض نماز کان پهريون سنتون. انهن سنتن پڙهڻ مان اهو فائدو ٿئي ٿو، ته انسان جي دل فرض نمازن ڏانهن پوري طرح متوجهه ٿئي ٿي. اهڙيءَ طرح شعبان ۾ روزا رکڻ سان نفس کي رمضان جي روزي رکڻ سان منسبت ۽ تعلق پيدا ٿئي ٿو.
نبي ڪريمﷺ جن جو ارشادپاڪ آهي، ته ”شعبان منهنجو مهينو آهي ۽ رمضان الله تعالى جو مهينو آهي.“شعبان جي لفظ ۾ پنج حرف آهن. شعبان جو احترام ڪرڻ وارن کي الله تعالى هر حرف جي بدلي ۾ نيڪي عطا فرمائي ٿو. ”ش“ مان شرف ۽ شفاعت،”ع“ مان مان عزت ۽ ڪرامت، ”ب“ مان برڪت ۽ نيڪي، ”ا“ مان الفت ۽ محبت، ”ن“ مان مراد نور آهي.
شبِ برات جي فصيلت:
هن مهيني جي پندرهين تاريخ جي جيڪا فضيلت آهي، اها پوري مهيني جي نه آهي. قرآن پاڪ ۾ الله تعالى هن رات کي ”ليلة المبارڪة“ فرمايو آهي. ترجمو: ”هن پڌري ڪتاب جو قسم آهي بيشڪ اسان هن ڪتاب کي برڪت واري رات ۾ لاٿو بيشڪ اسين ڊيڄاريندڙ هئاسون (ان برڪت واري رات ۾) سڀ ڪو ڪم حڪمت وارو فيصل ڪبو آهي.“
يعني هن رات ۾ پوري سال جو هال قلم بند ٿيندو آهي. رزق، بيماري، تندرستي، تنگي، ڪشادگي، راحت، تڪليف ايتري قدر جو هر اهو شخص جيڪو هن سال پيدا ٿيڻ وارو آهي يا مرڻ وارو آهي ان جو وقت به هن رات ۾ لکيو ويندو آهي. هڪ راويت ۾ آهي، ته ”شعبان جي پندرهين تاريخ ملڪ الموت هڪ رجسٽر ڏنو ويندو آهي ۽ حڪم ڏنو ويندو آهي، ته هن سال ۾ مرڻ وارن ماڻهن جا نالا هن رجسٽر تان لاهي وٺ. ڪو ماڻهو ٻني ٻارو ڪري پيو، ڪو نڪاح ڪري پيو، ڪو بلڊنگ بنائڻ ۾ مشغول آهي پر ان کي اها خبر ڪونه آهي، ته ان جو نالو مُردن ۾ جي فهرست ۾ لکيو ويو آهي.“ هڪ ٻي روايت ۾ آهي، ته ”سڄي سال ۾ ٿيندڙ واقعا هن رات ۾ لکيا وڃن ٿا. پيدا ٿيڻ وارا، حج ڪرڻ وارا پوءِ انهن ۾ ڪمي ٿئي ٿي نه زيادتي.“
هڪ حديث شريف ۾ آهي، ته ”الله تعالى چئن راتين ۾ خصوصاً ٻانهن تي رحمت ۽ خير جا دروازا کوليندو آهي. ۽ اهو رحمت جو معاملو صبح تائين جاري رهندو آهي. اهي راتيون هي آهن. عيدالاضحى جي رات، عيدالفطر جي رات، شعبان جي پندرهين جي رات ۽ عرفہ جي رات.“ حضرت ابو بڪر صديق رضي الله عنه فرمائي ٿو، ته نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو، ته ”الله تعالى شعبان جي پندرهين جي رات زمين جي آسمان تي نزول فرمائيندو آهي. جيڪو گنهگار پنهنجي گناهن جي معافي گھري، ته ان جي مغفرت فرمائيندو آهي پر مشرڪ کي نه ٿو بخشي ۽ انهن ماڻهن کي نه ٿو بخشي جن جي دلين ۾ ڪينو، عداوت ۽ هڪٻئي سان دشمني رکن ٿا.“
حضرت علي ڪرم الله وجهه الڪريم فرمائي ٿو، ته نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو، ته ”جڏهن شعبان جي پندرهين رات هجي، ته ان رات ۾ عبادت ڪندا ڪريو ۽ پندرهين تاريخ ۾ روزا رکندا وڃو. هن رات الله تعالى سانجھيءَ وقت کان پنهنجي رحمت سان دنياوي آسمان تي نزول فرمائيندو آهي ۽ ارشاد فرمائيندو آهي، ته ”آهي ڪو بخشش جو طلبگار ته ان کي بخشيان! آهي ڪو روزيءَ جو طلبگار ان کي روزي ڏيان! آهي ڪو بيمار ته ان کي صحت ڏيان!“ مطلب ته ان سڄي رات ۾ پره ڦٽيءَ تائين اهڙي قسم جون صدائون لڳنديون رهنديون آهن.
حضرت علي ڪرم الله وجهه الڪريم هن رات ٻاهر نڪري آسمان ڏانهن ڏسندو هو ۽ فرمائيندو هو، ته حضرت دائود عليه السلام به هن رات ۾ اهڙيءَ طرح ٻاهر نڪرندو ۽ آسمان ڏانهن ڏسندو هو. ۽ فرمائيندو هو، ته هي اهڙو وقت ۽ گھڙي آهي، جو ان ۾ الله تعالا کان جيڪا به دعا گھرو، ته اها قبول ٿئي ٿي. بشرطيڪه گھرڻ وارو ٽيڪس (ظلم سان) وصول ڪرڻ وارو نه هجي، جادوگر نه هجي، نجومي ۽ غيب جون ڳالهيون ٻڌائڻ وارو نه هجي، جلاد، ظلم سان مال وصول ڪرڻ وارو نه هجي، جوا ۽ ڳائڻ وڄائڻ سان روزي ڪمائي کائيندو نه هجي.“ ام المؤمنين حضرت عائشه صديقه رضي الله عنها فرمائي ٿي، ته هڪ رات ۾ حضور نبي ڪريمﷺ جن کي گھر ۾ ڪونه ڏٺو، آءٌ ڳولڻ نڪتس، ته پاڻﷺ بقيع (مديني جي قبرستان) ۾ مليا. پاڻﷺفرمايائون، ته ”مون وٽ جبرئيل عليه السلام آيو هو ۽ چيائين، ته اڄ شعبان جي پندرهين رات آهي، هن رات ۾ الله تعالى ايترن گنهگارن کي جهنم مان ڇوٽڪارو ڏئي ٿو، جيترا ڪلب قبيلي جي ٻڪرين جا وار آهن.“ چون ٿا، ته عرب ۾ ٽي وڏا قبيله هئا. هڪ بني ڪلب، ٻيو ربيع ۽ ٽيون مضر. انهن مان هر هڪ قبيلي وٽ 20، 20 هزار ٻڪريون هونديون هيون. اندازو لڳايو، ته انهن ٻڪرين جا وار ڪيترا ٿيندا! پر چند بد نصيب ماڻهن ڏانهن ان رات به نظر ڪرم نه ٿيندي. يعني شرڪ ڪندڙ، ڪيني رکڻ وارو، مائتي ٽوڙڻ وارو، پاجامو، شلوار يا گوڏ ڀيڏين کان هيٺ لڪائڻ وارو، ماءُ پيءُ جي نافرماني ڪرڻ وارو ۽ شراب پيئڻ وارو.
حضرت عائشه صديقه رضي الله عنها جي هڪ ٻي روايت آهي، ته ”رسول اللهﷺ جن منهنجي هجري ۾ تشريف فرما ٿيا، ڪپڙا لاٿائون ٿي، اڃان پوري طرح ڪپڙا ڪونه لاٿا هئائون، ته ان وقت ٻيهر پائي هجري مان ٻاهر نڪري ويا. آءٌ وهم ۾ پاڻ سڳورنﷺ جي پويان ويس، ته شايد پاڻ سڳوراﷺڪنهن ٻي بيبي ڏانهن ويا آهن پر مون ڏٺو، ته پاڻ بقيع (مديني جو قبرستان) ۾ مردن لاءِ مغفرت جي دعا گھري رهيا آهن.ٿوري دير بيهي پنهنجي خيالن تي پنهنجي نفس کي ملامت ڪندي واپس ٿيس. ايتري جلديءَ ۾ منهنجو ساه ڀرجي ويو ايتري ۾ نبي ڪريمﷺ جن تشريف فرما ٿيا. پاڻ فرمايائون، ته اي عائشه! ڇو ساه مان ڀرجي پئي آهين؟ مون سڄو واقعو بيان ڪري ٻڌايو. اي عائشه توکي هي ڊپ هو، ته الله جو رسول زيادتي ڪندو، مون کي جبرئيل اچي ٻڌايو، ته اڄ شعبان جي وچين پندرهين رات آهي، هن رات قبيلي ڪلب جي ٻڪرين جي وارن جيترا گنهگار جهنم مان آزاد ڪيا وڃن ٿا. پر مشرڪ، ڪيني رکڻ وارو، رشتو ناتو ٽوڙڻ وارو، ماءُ پيءُ کي ستائڻ وارو، هميشه شراب پيئڻ وارو.(اهي ماڻهو ڪونه بخشيا ويندا.) بيبي عائشه صديقه فرمائي ٿي، ته پاڻ سڳورﷺ اهوارشاد فرمائي پنهنجي بدن تان ڪپڙا لاٿا ۽ پوءِ فرمايائون، ته اي عائشه صديقه رضي الله عنها! هن رات جي قيام (عبادت ۾ بيهڻ) جي موڪل ڏئين ٿي؟ مون عرض ڪيو، ته هائو. پاڻ سڳورنﷺ اتي ڪپڙا پاتا ۽ نماز پڙهڻ بيهي رهيا ۽ نماز ۾ ايترو سجدو ڪيائون جو مون سمجھيو، ته پاڻ سڳوراﷺ وفات ڪري ويا. مون ڏک واري حالت ۾ پاڻ سڳورنﷺ کي هٿ لاٿو، ته منهنجو هٿ سندن پيرن جي تريءَ تي لڳو، سندن پير مبارڪ چريو، تڏهن مون کي اطمينان ٿيو. پوءِ مون ڪن لڳائي ٻڌو، پاڻﷺ سجدي ۾ هيءَ دعا گھري رهيا هئا.
اعوذ بعفوک من عقابک واعوذ برضاک من سخطک اعوذبک منھ جل وجھک اللٰھم لا احصیٰ ثناءَ علیک کما اثنیت علیٰ نفسک
ترجمو: اي الله آءٌ تنهنجي معافيءَ جي پناه گھران ٿو. تنهنجي سزا کان ۽ تنهنجي رضا جي پناه گھران ٿو تنهنجي ڪاوڙ کان ۽ پناه گھران ٿو تنهنجي سختين کان. اي الله آءٌ تنهنجي تعريف ۽ واکاڻ جو ڳاڻيٽو نه ٿو ڪري سگهان. تنهنجي ذات اهڙي ئي بلند آهي، جهڙي تون بيان ڪئي آهي.
جڏهن صبح ٿيو، ته مون عرض ڪيو، ته اي الله جا رسول ﷺتوهين رات هيءَ دعا پڙهي رهيا هئا. پاڻ فرمايائون ته اهي ڪلمه سکي وٺ ۽ بين کي به سيکار. مون کي جبرئيل اهي ڪله سيکاري آهن ۽ مون کي چيو اٿس ته آءٌ انهن ڪلمن کي بار بار سجدي ۾ پڙهان.
حضرت عائشه صديقه رصي الله عنها جي ان مفصل روايت مان پندرهين رايت جي متعلق جيڪو معلوم ٿيو، ان جو خلاصو هي آهي.
1. پندرهين رات قبرستان ۾ وڃي مُردن جي لاءِ مغفرت جي دعا گھرڻ
2. نفل نماز ۾ وڏا وڏا سجدا ڪرڻ.
3. پندرهين تاريخ جو روزو رکڻ.
اهي ٽي ڪم هن مهيني ۾ مسنون آهن. ان کان سواءِ شريعت ۾ ٻي ڪنهن ڳالهه جو ثبوت ڪونه ٿو ملي.
وظيفه
شعبان المعظم جي چوڏهين تاريخ وچين (عصر) نماز کان پوءِ سج لهڻ مهل وضوءَ سان چاليھ دفعا هي ڪلما پڙهي. ”لاحول ولا قوة الا باللھ العلی العظیم“ الله تعالى ان دعا پڙهڻ واري جا چاليھ سالن جا گناه معاف فرمائيندو.
چوڏهن شعبان المعظم
شعبان جي چوڏهين تاريخ مغرب نماز کان پوءِ ٻه رڪعتون نماز پڙهي هر رڪعت ۾ سورة فاتحه کان پوءِ سورة حشر جو آخري آيتون، هڪ هڪ دفعو ۽ سورة اخلاص ٽي ٽي ڀيرا پڙهجي. انشاءالله هي نماز گناهن جي مغفرت واسطي تمام گھڻي افضل آهي.
وظائف
پندرهين رات سورة بقرھ جو آخري رڪوع ”آمن الرسول“ کان آخر تائين ايڪيھ دفعا پڙهڻ امن ۽ سلامتي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ پڙهڻ افضل آهي.
پندرهين رات جو سورة يٰس ٽي ڀيرا پڙهڻ سان هيٺيان فائدا حاصل ٿيندا آهن. رزق ۾ ترقي، ڊگھي عمر، ناگهاني مصيبتن کان محفوظ رهڻ. انشاءالله تعالى.
شعبان جي پندرهين رات سورة دخان ست ڀيرا پڙهي تمام گھڻي افضل آهي. انشاءالله تعالى پروردگارِعالم ستر حاجتون دنيا ۽ جون، ستر حاجتون آخرت جون پوريون فرمائيندو.
0 comments:
Post a Comment