728x90 AdSpace

Latest News

Ads 468x60px

26 June, 2011

شرح الصدور جي هڪ حڪايت

شرح الصدور جي هڪ حڪايت
پروفيسر مير محمد مقبول سومرو

دنيا ۾ ڪيترائي عالم ۽ فاضل ٿي گذريا آهن، جن پنهنجي پنهنجي دؤر ۾ تحقيق ۽ تاليف جي اعتبار کان خوب پاڻ ملهايو آهي. اهڙن ڪثيرالتاليف بزرگن ۾ حضرت علامه جلال الدين سيوطي رحمة الله عليہ خاص اهميت رکي ٿو. تفسيرِ جلالين اڄ به مدارسِ اسلاميه ۾ خصوصي طور پڙهايو وڃي ٿو. ان عظيم الشان تفسير جو نصف اول علامه سيوطي رحمة الله عليہ جي قلمي ڪاوش آهي جڏهن ته نصف ثاني مع سورة فاتحه علامه محلي رحمة الله عليہ جي تصنيف آهي. جيتري قدر شرح الصدور جو تعلق آهي اهو به علامه سيوطي رحمة الله عليہ جو معرڪة الآراء ڪتاب آهي. ان ڪتاب کي بين الاقوامي شهرت ملي چڪي آهي. موضوع جي لحاظ کان مذڪوره ڪتاب جامع ۽ مستند  تصوّر ڪيو وڃي ٿو. شرح الصدور ڪتاب جي خصوصيت اها به آهي، ته ضروري هنڌن تي توضيح ۽ تشريح طور فاضل مصنف حڪايتون به آنديون ويون آهن. ياد رهي، ته حڪايت يا تاريخ ساز احوالُ ماڻهن جي اخلاق ۽ انداز تي وڏو اثر انداز ٿئي ٿو.  ان کان سواءِ هرڪو حڪايتن ۽ قصن ڏانهن توجهه ڏئي ٿو. قرآن پاڪ ۾ به انبياء ڪرام جا قصا بيان ٿيل آهن. حضرت يوسف عليہ السلام جي قصي کي به ”احسن القصص“ جو اعزاز حاصل آهي. قرآن ڪريم ۾ اهي قصا ڇو بيان ٿيا؟ ان سوال جو تسلّي بخش جواب سورة هود  جي آيت نمبر 120 ۾ آيو آهي؛ جيئن ارشادِ ربّاني آهي،  وَكُلاِّ نَقُصُّ عَلَيْكَ مِنْ أَنْبَاءِ الرُّسُلِ مَا نُثَبِّتُ بِهِ فُؤَادَكَ.   هن آيتِ ڪريمه جي ترجمي ۾ علامه پير عبدالوحيد جان سرهندي فاروقي دارالارشاد ٽنڊي سائينداد وارا آڻين ٿا، ته ”۽ اهي سمورن نبين جا قصا اسين توهان تي (انهيءَ لاءِ) بيان ڪريون ٿا ته توهان جي دل تي اهي ثابت ٿي بيهن.“
مٿي ذڪر ڪيل آيت سڳوري مان واضح ٿي چڪو، ته الله تعالى انبياء ڪرام جا قصا بيان فرمائي نبي آخر زمان حضور انور شافع محشرﷺ جن جي قلب اطهر کي محفوظ ۽ مسحڪم فرمايو ۽ سندن طفيل اها تسڪين ۽ اطمينان واري بي بها دولت اسان غلامن کي به نصيب ٿي. ان ڳالھ کي سامهون رکي عالمن قصص الانبياء ۽ حڪايتن جا ٻيا ڪتاب لکيا. علامه يافعي رحمة الله عليہ  اولياء ڪرام  جا قصا به گڏ ڪري انهن کي ڪتابي صورت ۾ منظر عام تي آندو. جيئن ته سلف صالحين وٽ حڪايتن کي پسند ڪيو ويندو هو. ان ڪري علامه سيوطي رحمة الله عليہ به انهن جي نقشِ قدم تي هلي قصن ۽ نصيحت  آميز آکاڻين  کان ڪم ورتو ۽ اڄ  اهي اسلامي آکاڻيون پڙهندڙن لاءِ نصيحت ۽ موعظت جو مؤثر مواد آهن.
آمدم برسر مطلب! علامه سيوطي رحمة الله عليہ عيون الحڪايات جي حوالي سان رقمطراز آهي، ته قيساريه نالي شهر ۾ هڪڙي عورت  لاڏاڻو ڪري وئي. سندس ڌيءَ خواب ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، ان پنهنجي نياڻيءَ کي ٻڌايو، ته توهان مون کي ڪفن سٺو نه ڏنو آهي. ان ڪري آءٌ عالم برزخ ۾ ٻين جا سهڻا ۽ عمدا ڪفن ڏسي شرمسار ٿي ٿيان. آءٌ توکي ٻڌايان ٿي، ته گھر ۾ فلاڻي هنڌ تي منهنجا دينار رکيل آهن. تون اهي دينار کڻي انهن مان سهڻو ڪفن خريد ڪري اهو نئون ڪفن فلاڻي عورت جي معرفت مون ڏانهن ڏياري موڪل. اها عورت عنقريب وفات ڪرڻ واري آهي. اهو انوکو خواب ڏسي اها ڇوڪري حيرت ۾ پئجي ويئي. صبح ٿيڻ شرط اها ان ڪم سان لڳي ويئي. هن ان عورت جي گھر جي تلاش شروع ڪئي ۽ آخرڪار هن کي اهو گھر لڀي ويو ۽ هن ان عورت سان روبروملاقات ڪئي. هن گهر وارن کي آگاھ ڪيو ته مون خواب ڏٺو آهي ۽ مون کي معلوم ٿي ويو آهي، ته  اها عورت جلد هن فاني دنيا مان موڪلائڻ واري آهي. اوهان کي منهنجي استدعا آهي، ته مون کي ان جي وفات جو اطلاع ڏجو ڇاڪاڻ ته مون کي پنهنجي امڙ جيجل لاءِ سوکڙي پاکڙي موڪلڻي آهي. خدا جي قدرت! اها عورت وصال ڪري ويئي. هن ڇوڪريءَ ڏانهن اهڙو اطلاع آيو. هن به دير ڪانه ڪئي ۽ اها ٻڌايل دينار کڻي نئون عمدو ڪفن خريد ڪري آئي. پوءِ ان فوت ٿيل عورت جي گھر ويئي ۽ ان کي جڏهن وارثن سينگاري تيار ڪيو، ته هن به ان جي ڪفن ۾ اندر پنهنجو آندل ڪفن وجهي ڇڏيو. رات ٿي ته کيس ٻيهر سندس والده ماجده خواب ۾ نظر آئي ۽ هن کيس ٻڌايو، ته مونکي الله تعالى جي طرفان ان عورت جي ذريعي موڪليل ڪفن موصول ٿيو آهي ۽ هاڻي آءٌ ڏاڍي خوش ۽ خرم آهيان. ياد رهي ته اها حڪايت هڪ روايت جي تشريح ۾ آئي آهي. اها روايت شرح الصدور جي مترجم مولانا محمد عيسى اله آبادي جي الفاظن ۾ هن طرح آهي. روایت ہے جابر رضی اللہ عنہ سے کہ فرمایا رسول  اللہﷺ نے میت کو اچھا کفن پہناؤ اس لئے کہ وہی کفن پہنے ہوئے آپس میں ملاقات کرتے ہیں۔ ایسی روایت ابوہریرہ  اور انس رضی اللہ عنہما سے بھی ہے۔ ﴿نور الصدور فی شرح القبور ۔ اردو ۔ صفحہ 108مطبوعہ دارالاشاعت کراچی
آخر ۾ اهو ضروري ٿو سمجان، ته شرح الصدور جي باري ۾ ڪجھ عرض ڪريان، ته صحت جي اعتبارکان اهو ڪيتري قدر معتبر۽ مفيد ڪتاب آهي. اهڙو تبصرو ڪتاب جي سرورق تي اردو زبان ۾ هن طرح آيل آهي:
 "اس میں موت، قبر، عالمِ برزخ اور آخرت میں پیش آنے والےانتہائی سبق آموز اور عبرت انگیز واقعات صحیح اور معتبر احادیث کی روشنی میں بیان کئے گئے ہیں۔"
احب الصالحین ولست منھم ،
لعل اللہ یرزقنی صلاحا
        

  • Blogger Comments
  • Facebook Comments

0 comments:

Post a Comment

Item Reviewed: شرح الصدور جي هڪ حڪايت Description: Rating: 5 Reviewed By: سکندری
Scroll to Top