728x90 AdSpace

Latest News

Ads 468x60px

26 June, 2011

حضرت محمد راشد روضي ڌڻي قدس سرھ جو احوال

حضرت محمد راشد روضي ڌڻي قدس سرھ جو احوال

نالو ۽ نسب: سندن نالو سيد محمد راشد بن محمد بقا شاه لقب روضي ڌڻي ۽ ڪنيت ابو ياسين آهي. سندن جدِ اعلى سيد علي مڪي هاشمي﷥ چوٿين صدي هجريءَ ۾ اسلام جي دعوت خاطر عرب ملڪ کان سنڌ ۾ آيا هئا. سندن سڪونت سنڌ درياءَ جي ڪناري سيوهڻ ويجھو جبلن جي دامن ۾ هئي، جيڪو بعد ۾ لڪِ علي / لڪِ علوي جي نالي سان سڏجڻ لڳو. سندس پشت ۾ هڪ عارف، ڪامل ولي، وقت جو غوث ڇهين، ستين هجريءَ ڌاري پيدا ٿيو، جنهن جو نالو سيد محمد احمد هو. هيءُ ئي اهو بزرگ آهي جنهن جو لقب صدرالدين عرف شاه صدر آهي ۽ هن الله تعالى جي پياري ٻانهي جو اهو مقام آهي، جو چشتي سلسلي جو اڳواڻ حضرت خواجه معين الدين اجميري ﷥  جڏهن پنهنجي مرشد خواجه عثمان هاروني ﷥ سان گڏ سيوستان جي سفر دؤران وٽن لڪِ عليءَ ۾ آيو آهي، ته سندن مقام ۽ مرتبت کي ڏسي اتي ئي ڪجھ ڏهاڙا سندن صحبت، خدمت ۾ گذاري فيض ۽ برڪت جو ڀاڱو وٺي پوءِ اڳتي روانو ٿيو آهي. ان بزرگ هستيءَ سان سترهين واسطي تي حضرت پير سائين قدس سرھ جن جو سلسلهء نسب ملي ٿو ۽ ويهين واسطي سان سيد علي مڪي قدس سرھ سان ۽ اوڻٽيهين واسطي سان امام علي رضا بن امام موسى ڪاظم بن امام جعفر صادق بن امام محمد باقر بن امام علي زين العابدين بن امام حسين ابنِ سيدھ فاطمة الزهراء رضوان الله تعالى عليهم بنتِ سيدنا ونبينا محمدنِ المصطفىﷺ سان وڃي ملي ٿو.
ولادت: سلسلي قادريه راشديه جو سالار هدايت ۽ حقيقت جو چمڪندڙ سج پهرين شعبان/ رمضان سنه 1171 هجريءَ ۾ هن سرزمين تي جلوھ افروز ٿيو. سندن ولادت ڳوٺ رحيم ڏني ڪلهوڙي ۾ ٿي. روايت آهي، ته پاڻ اڃا هڪ مهيني جا هئا، ته ماهِ رمضان آيو، يا ماهِ رمضان ۾ ئي سندن ولادت ٿي، ته رمضان شريف ۾ سڄو ڏينهن امڙ سانئڻ جو کير ڪونه پيئندا هئا. غالباً انهيءَ ئي سندن ٻارائپ جي ڪرامت سبب کين ”روزي ڌڻيءَ“ جو لقب مليو، جيڪو اڳتي هلي سندن مزار مبارڪ تي نئين روضي تعمير ٿيڻ سان ”روضي ڌڻيءَ“ جي لقب ۾ مشهور ٿيو.
        سندن ولادت جي حوالي سان هڪ ٻي روايت ۾ آهي، ته جڏهن پاڻ ڄاوا ته سندن والد گرامي حضرت سيد محمد بقا شاه شهيد﷥ پنهنجي مرشد حضرت مخدوم محمداسماعيل پريان لوئي﷥ جن کي دعوت ڪري پنهنجي ڳوٺ وٺي آيا. جڏهن مخدوم سائينءَ جن وٽ ننڍڙي صاحبزادي کي دعا طلبيءَ واسطي پيش ڪيو ويو، ته مخدوم سائينءَ جن نظر پوڻ سان ئي ڏاڍا سرها ٿيا ۽ خوشيءَ مان فرمايائون، ته ”هي اهو يار آهي، جنهن کان دنيا جو هڪ وڏو حصو فيضياب ٿيندو.“ يقيناً حضرت مخدوم سائين جن جي اها پيش گوئي حرف به حرف سچي ثابت ٿي.
تعيلم ۽ تربيت:      جڏهن پاڻ تعليم پرائڻ جھڙا ٿيا، ته پنهنجي شفيق ۽ مهربان والد بزرگوار جي حڪم جي تعميل ڪندي، پوري شوق ۽ دلچسپيءَ سان علم جي حصول ۾ لڳي ويا. پاڻ ابتدائي تعليم حضرت حافظ زين الدين مهيسر﷥ ۽ حضرت ميان محمد اڪرم گھمرو﷥ وٽ حاصل ڪيائون، بعد ۾ وقت جي نامور عالم، ڪامل ولي، عارف بالله، حضرت حاجي فقيرالله علوي﷥ وٽ شڪارپور ۾ پڙهيا. اتان پوءِ ڪوٽڙي ڪبير ضلعو نوشهرو فيروز ۾ مخدوم العلماء حضرت مخدوم ميان يار محمد ﷥ وٽ علم جي تحصيل ڪيائون. مقرر نساب جي تڪميل کان پوءِ لاڙڪاڻي لڳ آريجن ۾ ان زماني جي محدثِ اعظم حضرت مخدوم محمد آريجوي ﷥ جن وٽ حديث پاڪ جا مٿيان ڪتاب مڪمل ڪري دستاربندي ڪيائون.
طريقت ۾ قدم:      پاڻ جڏهن اڃا ڪوٽڙي ڪبير ۾ حضرت مخدوم ميان يارمحمد وٽ (ظاهري علم) جي تحصيل ۾ مشغول هئا، ته هڪ دفعي سندن والد حضرت سيد محمد بقا شاه شهيد ﷥ ملاقات لاءِ اتي آيو. هن ڀيري سندن ٿعليمي حال احوال کان آگاهي وٺڻ بعد سلسلي نقشبنديه جي ذڪر جي تلقين ڪري کين طريقت جو سبق ڏئي ويا. پوءِ جڏهن ٻئي ڀيري پاڻ آيا، ته ذڪر جي مشغولي ۽ ڪنهن ڪيفيت حاصل ٿيڻ بابت پڇا ڪيائون ان تي کين عرض ڪيائون، ته مون تي ڪا اهڙي ڪيفيت يا اثر ظاهر ڪونه ٿيو آهي، البته سندن ڀاءُ سيد علي مرتضى شاه، جيڪو ساڻن گڏ پڙهندو هو، تنهن تي خاصو اثر ۽ ڪيفيت تاري ٿي هئي. ان تي حضرت محمد بقا ﷥ کين وري سلسلي قادريءَ جو ذڪر ڏئي ويا، پاڻ فرمائين ٿا، ته ان ذڪر کان طبيعت تي اهڙو اثر ٿيو، جو مٿي کان پيرن تائين وار وار ذڪر سان معمور ٿي ويو. انوارِ الٰهي ۽ تجلياتِ قدسي سان ظاهر ۽ باطن روشن ٿي پئي.
خاص مهرباني: حضرت سيد محمد بقا شاه شهيد ﷥ کي سدائين اهو اونو رهندو هو، ته ظاهري علم جي تحصيل ۾ ڪا ڪسر نه رهجي وڃي ۽ غالباً انهيءَ خيال سان پڙهڻ دؤران وٽن پيا ايندا هئا. ۽ سندن علمي صلاحيتن کي پيا جانچيندا هئا، پر هاڻي جيئن ته طريقت جي راه گامزن ڪيو هيائون، تنهن ڪري انهن سبقن تي به خاص توجھ ٿي ڏنائون. آخر انهن ڏهاڙن ۾ جڏهن سندن ظاهري علم سان گڏ باطني عرفان جي حصول ۾ محويت، شوق کي ڏٺائون، ته هڪ ڏينهن مٿن ڏاڍا راضي ٿيا ۽ خاص خلوت ۾ کين گھرائي فرمايائون: بابا! اسان جي سلسلي ۾ ”قدم رکڻ“ جي روايت آهي، جيڪا حضرت غوث الاعظم محي الدين سيد عبدالقادر جيلاني قدس سرھ الاقدس کان هلندي آئي آهي، جو پنهنجن مريدن مان جنهن کان گھڻو خوش ۽ راضي ٿيندا آهن، ته سلسلي جي فيض ۽ برڪت جو قدم سندس مٿا رکندا آهن ۽ جيئن ته اهو قدم پنهنجي مرشدن حضرت سيد عبدالقادر آخرين (پير ڪوٽ سڌانا، ضلع جھنگ) چناه وارن﷥ کان اسان تي آيل هو، هاڻي اسان جي دل جو لاڙو وري اوهان ڏانهن سرس آهي، تنهنڪري پنهنجي گردن ڏيو، ته اها امانت اوهان جي حوالي ڪيون. پوءِ پير سائين حضرت روضي ڌڻي قدس سرھ سندن آڏو پنهنجو ڪنڌ جھڪايو، ته پاڻ﷥ مٿن قدم رکي، خدائي امانت جو اهو بار سندن سپرد ڪيو.
فيض جي پالوٽ: حضرت پير سائين قدس سرھ جن جڏهن ظاهري ۽ باطني عرفان جون منزلون طي ڪري، رشد و هدايت جي مسند تي رونق افروز ٿيا، ته شريعت ۽ طريقت، حقيقت ۽ معرفت جي ان روشن شمع جي قدمن ۾ هزارين پروانن ۽ پتنگن اچي سر جھڪايا. فيض ۽ فضل جو هڪ اهڙو آبِ حيات ڦُٽو، جنهن لکين اڃايلن کي ابدي زندگي بخشي ڇڏي.سعادت ۽ سيادت جي هڪ اهڙي مکڙي ٽڙي، جنهن جي هٻڪار کان هر هنڌ واسجي ويو. بلا شبه نه صرف سرزمينِ سنڌ، بلڪه ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ کان قلات ۽ قندار تائين، جيسلمير ۽ گجرات، ملتان ۽ مڪران سميت ملڪان ملڪ سندن عقيدت ۽ ارادتمنديءَ ۾ بي حساب خلق جو پنهنجي خالقِ حقيقيءَ سان ناتو جڙي ويو ۽ پوءِ اها علم و عرفان جي آبياري رڳو پاڻ تائين محدود نه رکيائون، بلڪه سوين اهڙا ڪامل اڪمل، عارف عالم بڻايائون، جن سندن تعيلم ۽ فيض جون اهي درسگاهون ۽ خانقاهون آباد ڪيون، جيڪي اڄ سوڌو هزارين ڀٽڪيلن لاءِ روشنيءَ جو مينار آهن.
        روايت آهي، ته سندن اهڙن ڪامل خليفن جو تعداد تيرهن سَوَنِ کان به مٿي آهي، جيڪي سڀ ارشاد ۽ تلقين جا صاحب هئا.جن ۾ سندن مسند نشين صاحبزادن حضرت سيد صبغت الله پير سائين تجر ڌڻي قدس سرھ جيڪي خليفة الله جي لقب سان مشهور آهن، حضرت سيد محمد ياسين شاه قدس سرھ درگاه ٺلاه شريف، صاحبزادا حضرت سيد حسن شاه درگاه بکري شريف، خليفو حضرت سيد محمد حسن شاه درگاه سوئي شريف، جتان وري درگاه ڀرچونڊي شريف آباد ٿي. خليفو حضرت محمود فقير نظاماڻي (جامع ملفوظات شريف)، خليفو محمد حسين مهيسر جامع ملفوظات صغير، حضرت خليفو سارنگ ڪلهوڙو، حضرت خليفو ميا الهرکيو ڪلهوڙو، حضرت خليفو اميد علي آمري وارو، حضرت خليفو محمد پناه، حضرت خليفو محمد لقمان ٽالپر، حضرت خليفو سيد خان ماباڻ وارو، خليفو نبي بخش لغاري عليه رحمة الباري سرِ فهرست آهن.
وصال مبارڪ: سندن وصال مبارڪ ٽيهٺ سالن جي عمر ۾ پهرين شعبان سنه 1234 هجري اڳوڻي درگاه رحيم ڏنو ڪلهوڙو ۾ ٿيو ۽ اتي ئي سندن روضو مبارڪ هو، پر پوءِ حضرت سيد علي گوهر شاھ اول پير سائين بنگلي ڌڻي قدس سرھ وصال کان تقريباً ٻاونجاه سال پوءِ اتان هجرت ڪرائي نئين درگاه شريف تي آندو. روايت آهي، ته حضور ﷺ جن جي طرفان خواب ۾ کين اهو حڪم مليو هو. ملفوظات شريف ۾ آيل آهي، ته حضرت پير سائين روضي ڌڻي ﷦ جن جي وصال وقت حاويليءِ جا صاحب ۽ صاحبزادوميان محمد صادق شاه بيهوش ٿي ويا. حاضرين کي اها پڪ ٿي ويئي، ته شايد اهي به رحلت ڪري ويا، گھڻي دير کان پوءِ جڏهن هوش ۾ آيا، تڏهن ظاهر ڪيائون، ته اسان جو روح پير سائينءَ جن سان الله ﷻ جي درٻار تائين گڏ ويو هو، اسان ڏٺوسين ته حضرت مرشد مربي اللهﷻ جي درٻار ۾ سجدو ڪيو. درٻارِ خداوندي مان آواز آيو، ته اسان بي ادب ۽ ناشڪر دنيا وران وٽ اوهان جو وڌيڪ رهائڻ پسند نه ڪيو ۽ پاڻ وٽ گھرايو. پير سائينءَ جن جي روح مبارڪ اللهﷻ جو حمد ۽ ثناء ڪئي ۽ پوءِ عرض رکيو، ته مولاڪريم! ٽي عرض قبول پون، پهريون ته زمين وارن تي ڏڪر جي تڪليف دور ڪرڻ لاءِ برسات جي عنايت ٿيندي رهي. ٻيو ته منهنجي مسند تي ويهندڙ منهنجي اولاد حضورﷺ جن جي سنت جي متابعت سان گڏ فيض واري هجي. ٽيون ته منهنجي ابن ڏاڏن ۽ حق جي واٽ جي طالبن جا روح مون سان گڏجن، پوءِ اللهﷻ پنهنجي خاص مهربانيءَ سان ساڻن سندن عرض قبول ڪرڻ جو واعدو فرمايو.
تصنيف ۽ تاليف
        پاڻ بيشڪ وعظ، نصيحت، تعليم و تربيت، عبادت و رياضت پنهنجي فياض توجھ ۽ نظر سان ارادت ۽ عقيدت وارن سچن طالبن، مريدن جي ضرور رهبري ڪئي اٿن. نه صرف درگاه شريف، بلڪه سموري زندگي مسلسل سال جا نو مهينا سفر ڪري دور دراز انتهائي مشڪل ماڳن تي پهچي حضرت حبيب ڪريمﷺ جن جي امت کي نيڪي ۽ خير جي دعوت ڏيندا رهيا آهن ۽ اهو فيض جنهن محبت ۽ شفقت، جذبي ۽ جهد سان پاڻ نڀايو اٿن، اهو سندن ذات سان ئي خصوصيت رکي ٿو. پر وري جڏهن سندن تصنيف ۽ تاليف ٿي ڏسجي، ته ان ميدان ۾ پاڻ سڀني کان اڳتي ۽ يڪتا نظر ايندا. پاڻ﷥ ڪيترو لکيو اٿن، ان جو صحيح اندازو ته ڪونهي، جو حضرت پير سائين تجر ڌڻي قدس سرھ جي عظيم ڪتب خاني ۾ روايت موجب موجود چاليھ هزار ناياب ۽ قيمتي ڪتاب انگريزن نابڪارن جي ڦرلٽ ۾ ضائع ٿي ويا. ان هوندي به جيڪي ڪجھ هن وقت تائين معلوم ٿي سگھيو آهي، ان (ملفوظات شريف) آڌار ست ڪتاب سندن يادگار مليا آهن: مجمع الفيوضات، صحبت نامه، مڪتوبات شريف، آداب المريدين، شرح اسماءُالله الحسنى، جمع الجوامع ۽ جامع سنڌي ڪلام


               
               
                       
  • Blogger Comments
  • Facebook Comments

0 comments:

Post a Comment

Item Reviewed: حضرت محمد راشد روضي ڌڻي قدس سرھ جو احوال Description: Rating: 5 Reviewed By: سکندری
Scroll to Top