عظمتِ مدينة الرسولﷺ
مولانا معراج احمد جتوئي سڪندري
مدينہ طيبہ کي ٻين ڳوٺن ۽ شهرن تي هونءَ ته بيشمار خوبين جي ڪري فضيلت ۽ برتري حاصل آهي، پر ان جي عظمت ۽ عزت جو سڀ کان وڏو ۽ اهم سبب هي آهي، جو هيءُ مدينة الرسولﷺ، هجرت گاهِ سرورِ ڪونينﷺ آهي ۽ ان کي حضورﷺ سان نسبت حاصل آهي. هن مقدس شهر ۾ ٻنهي جهانن جا تاجدار آرامي آهن. اهو خطهء عرض جيڪو سرڪارﷺ جي روضهء اطهر سان مسّ آهي، عرش کان به اعلى، ارفع ۽ آرزوءِ جنت آهي.
مدينو پاڪ ئي اسلام ۽ مسلمانانِ عالم جي عقيدت جو مرڪز ۽ هڪ عاشقِ رسولﷺ جي تمنائن جو محور آهي. اهو ڪهڙو اهڙو عاشقِ رسول ﷺ هوندو جنهن جي دل ۾ مدينة الرسولﷺ جي الفت ۽ تڙپ نه هوندي. هڪ عاشق جي نظر ۾ محبوب جي شهر کان وڌيڪ ڪوئي شهر ۽ آستانو پيارو ۽ حسين نه هوندو آهي. هي شهر حضورﷺ جي عظمت، محبت ۽ عشقِ رسولﷺ جي ڪشش جو ئي نتيجو آهي، جو عاشقانِ مصطفى شب و روز هن ديار پاڪ جا حاضري جون تمنائون پيا ڪندا آهن ۽ انهن جي هميشه جي لاءِ هيءَ آرزو هوندي آهي، ته جيڪر انهيءَ شهر ۾ کين موت اچي ۽ مدينة الرسولﷺ ئي سندن مدفن بڻجي ۽ اهي پنهنجي نجات ۽ مغفرت جي لاءِ بهترين سرمايو تصور ڪندا آهن. هيءَ آهي اها مقدس سرزمين آهي، جتي غلامان مصطفىﷺ اکين سان هلڻ کي به بي ادبي سمجھندا آهن ۽ محبوب جي ڳلين ۾ هيئن چوندي ٻڌبا آهن.
حرم کی زمین اور قدم رکھ کے چلنا، ارے سر کا موقع ہے او جانے والے۔
بيشڪ مدينہ پاڪ کي هي مقام ۽ شرف حضورﷺ جن جي هن سرزمين تي جلوھ افروز ٿيڻ کان بعد ئي حاصل ٿيو آهي. حضورﷺ جي قدم پاڪ جي برڪت سان سرزمينِ مدينہ گلِ گلزار، رشڪِ هشت بهشت بڻي. اهو مدينو جنهن جي فضا رسول اللهﷺ جي تشريف آوري کان اڳ معتدل نه هئي. جيڪا سرزمين قسم قسم جي وبائي بيمارين جو مرڪز هئي. مدينو شريف اهڙي جڳھ تي واقع آهي، جتي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ بيماريون ظاهر ٿينديون هيون. ان جو نالو ئي ان وقت يثرب هو. جنهن جي معنى آهي، بيمارين جو مرڪز.
امرت بقریة تاکل القری یقولون یثرب وھی المدینة حضورﷺ جن فرمايو، ”مونکي اهڙي ڳوٺ ۾ رهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جيڪو تمام ڳوٺن تي غالب ايندو، ماڻهو ان کي يثرب چوندا آهن، هالانڪه اهو مدينو آهي.“ مديني شريف کي هاڻي يثرب چوڻ گناه آهي.
مدينو جنهن جي غير معتدل فضا شروع ۾ مهاجرين صحابه رضوان الله عليهم اجمعين کي پريشان ڪيو هو جو سندن دليون مڪي لاءِ تانگھڻ لڳيون. ايسيتائين جو حضرت ابو بڪر صديق ۽ حضرت بلال رضي الله عنهما جهڙا جليل القدر صحابه به ان فضا جي ضد ۾ اچي سخت بخار ۾ مبتلا ٿي ويا هئا. ان موقعي تي حضورﷺ جن هي دعا گھري. ”اللٰھم حبب الینا المدینة کحبنا مکة او اشد وصححھا لنا وبارک لنا فی صاعھا و مدھاو نقل حماھا الجحفة “ اي منهنجا رب اسان لاءِ مديني کي به اهڙو پيارو ڪر، جهڙو اسان کي مڪي سان پيار آهي، يا ان کان به وڌيڪ، ان کي اسان لاءِ صحت بخش بڻاءِ. ان جي صاع ۽ مد ۾ برڪت ڏي ۽ هتان جي بخار کي ٽار جحفہ ڏانهن. (صاع ۽ مد، ماپ ۽ تورجا نالا آهن) الله تعالى نبي ڪريمﷺ جن جي اها دعا قبول فرمائي، جنهن جي نتيجي ۾ بخار ۽ وبا مديني شريف کان ٽري جحفہ ۾ پيا. جحفہ ۾ ان رستي تي يهودي رهندا هئا، جتان مسلمان هجرت ڪري مڪي کان مديني ايندا هئا. اهي يهودي انهن مهاجرن کي ستائيندا هئا. الله تعالى انهن يهودين کي ان بخار ۽ وبا جي ذريعي تباه ڪري ڇڏيو ۽ سندن ڳوٺ اهڙو ته اجڙي ويو جو وري اڄ سوڌو آباد ٿي نه سگھيو آهي. چيو وڃي، ٿو ته اڄ به جيڪو ماڻهو جحفہ ۾ داخل ٿئي، ٿو، پوءِ مسلمان ئي ڇو نه هجي، پر کيس بخار ٿي پوندو. اهو الله تعالى جي محبوبﷺ جن جي ان دعا جو ئي اثر آهي.
حضور ﷺ جي ورودِ مسعود ۽ دعائن جي برڪت سان اها سرزمين هاڻي دارالشفاء ۽ ان جي مٽي خاڪِ شفاء بڻجي وئي.
والذی نفسی بیدہ ان فی غبارھا شفاءً من کل داء حضورﷺ جن فرمايو، ته ”مونکي ان ذات جو قسم آهي، جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي، بيشڪ مديني شريف جي دز ۾ هر بيماريءَ کان شفاء آهي.“
غبار المدینة یطفی الجذام حضورﷺ جن فرمايو، ته ”مديني شريف جي مٽي ڪوڙه جي بيماريءَ کي ختم ڪندي آهي.“
اهي مهاجرين صحابه رضوان الله عليهم اجمعين جيڪي مڪي جي جبلن جي فراق ۾ شعر پڙهندا هئا، الله تعالى انهن جي دلين ۾ مدينة الرسولﷺ جي اهڙي محبت وڌي، جو انهن وري وڏين تڪليفن ۽ مشڪلاتن وقت به پنهنجي وطن مڪي ۽ اتان جي عيش و عشرت کي ياد نه ڪيو ۽ هميشه لاءِ هتان جا ٿي ڪري رهي پيا. حضورﷺ جي قدمن جي برڪت سان مديني جي پيداوار ۾ به پهريان جي بنسبت تمام گھڻو اضافو ٿيو ۽ هي شهر مدينہ قلبِ مؤمن جي آرزو ۽ ڪونين جي آبرو ۽ عزت جو شهر بڻجي ويو. حضور انورﷺ پنهنجي روزي اطهر جي زيارت ڪرڻ وارن ۽ مديني ۾ ايندڙ مصيبتن تي صبر ڪرڻ وارن جي متعلق هيئن ارشاد فرمايو آهي، ته قيامت جي ڏينهن رب جي حضور ۾ آءُ اهڙن ماڻهن جي شاهدي ڏيندس ۽ انهن جي شفاعت ڪندس ۽ جنت ۾ هي ماڻهو منهنجي پاڙي ۾ هوندا. حرمين شريفين ۾ مرڻ وارن جي باري ۾ حضور ﷺ جن فرمايو، ته انهن جو حشر ان مقدس جماعت سان گڏ ٿيندو، جيڪي قيامت جو هولناڪين ۽ ان جي گھبراهٽ کان بي خوف هوندا.“ مذڪورھ حدث پاڪ مان مدينة الرسولﷺجي عظمت سان گڏو گڏ روضهء اطهر جي زيارت ڪرڻ وارن، مديني ۾نزولِ بلاء جي وقت صبر ڪرڻ وارن ۽ حرمين شريفين ۾ مرڻ وارن جي فضيلت جي خبر ملي ٿي، ته اهڙن خوش نصيبن جي حضورﷺ جن الله تعالى وٽ خاص شفاعت فرمائيندا. جنت ۾ به اهي خوشنصيب حضورﷺ جي جوار رحمت ۾ رهندا. حضرت ابنِ عباس رضي الله عنهما جن کان روايت آهي، ته حضورﷺ جن فرمايو، ”جنهن حج ڪيو، پوءِ مون سان ملڻ منهنجي مسجد ۾ ارادتاً آيو، ته ان لاءِ ٻه مقبول حج لکيا ويندا.“ حضرت ابو هريرھ رضي الله عنہ کان روايت آهي، ته نبي ڪريم ﷺ فرمايو، ”جنهن منهنجي وصال کان بعد منهنجي زيارت ڪئي، ڄڻ ان زندگيءَ ۾ منهنجي زيارت ڪئي.“ هڪ ٻي حديث مبارڪ ۾ آهي، پاڻﷺ فرمايائون، ”جنهن وسعت ۽ طاقت هوندي منهنجي بارگاه جي حاضري نه ڏني ان جي معافي نه ٿيندي.“ حضرت عبدالله بن عمر رضي الله عنمهاکان روايت آهي، حضورﷺ جن فرمايو، ته ”جيڪو صرف منهنجي زيارت لاءِ مون وٽ آيو، ته منهنجي مٿان لازم آهي، جو مان ان جي شفاعت ڪريان.“ هڪ ٻي جڳھ تي فرمايائون، ته ”ايمان مديني منورھ ۾ پناه وٺندو جيئن نانگ پنهنجي ٻر ۾ پناه وٺندو آهي.“
جنهن شهر جي هيءَ عظمت هجي ماڻهو ان در جي حاضري ۽ اتي دفن ٿيڻ جي تمنا ڇو نه ڪندو! جيڪڏهن اسان پنهنجي بزرگن جي سوانح حيات جو مطالعو ڪريون، ته انهن جي طرزِ عمل مان به اسان کي مدينة الرسولﷺ جي عظمت ۽ تقدس ۽ ان سان سندن عظيم محبت ۽ عقيدت جو اندازو ٿي ويندو.
جليل القدر صحابي حضرت عمرِ فاروق رضي الله عنہ سڄي عمر هي دعا گھرندا رهيا. اللٰھم ارزقنا شھادة فی سبیلک ووفاةفی بلد رسولک۔ اي الله! مون کي پنهنجي راه ۾ شهادت جو موت عطا ڪر ۽ رسول اللهﷺ جي شهر ۾ مرڻ نصيب ڪر.
صحابه حيران هئا، ته جهاد ته ميدان ۾ ٿيندو آهي، پاڻ شهادت جو موت به گھرن ٿا ۽ وري سو به مديني شهر ۾! پر هي راز ان وقت کليو جڏهن سندن دعا قبول ٿي وئي ۽ مسجد نبوي ۾ رسول اللهﷺ جي مصلي تي هڪ مجوسيءَ شهيد ڪيو.
فقيہ العصر امام احمد بن حنبل رحمة الله عليہ مديني شريف وڃن ٿا ۽ مديني پاڪ جي خاڪ جي ذرڙن ۽ دز کي چمن ٿا ۽ فرمائين ٿا، ته مون کي هن پاڪ مٽيءَ مان محبوب جي قدمن جي خوشبوء اچي رهي آهي. حضرت مالڪ بن انس رحمة الله عليہ جي حياتيءَ ۾ ڪجھ اهڙا پريشان ڪن لمحات به آيا، جنهن ۾ پاڻ ۽ سندس گھروارن لاءِ مدينة الرسولﷺڇڏڻ تائين ڳالھ آئي، پاڻ صبر ۽ استقلال سان حالات جو مقابلو ڪيائون. زماني جون حوادث پاء ثبات ۾ تزلزل پيدا نه ڪري سگھيون، ڇو ته جتي هڪ طرف حضورﷺ جو فرمانِ عاليشان ”والمدینة خیرلھم لو کانوا یعلمون۔“ يعني ”مدينو انهن جي حق ۾ بهتر آهي، جيڪڏهن اهي ڄاڻن.“ کي پنهنجي سيني سان لڳائي ويٺو هو، اتي ٻئي طرف حضرت عبدالله بن عمر رضي الله عنهما جي روايت ڪيل اها حديث پاڪ به ان جي سامهون هئي، جنهن ۾ رسول الله ﷺ جن فرمايو آهي، ته ” فانی اشفع لمن یموت بھا۔“ يعني ”جيڪو مديني مري سگھي ٿو، ان کي مديني شريف ۾ ئي مرڻ گهرجي، ڇو ته هتي مرڻ وارن جي مان شفاعت ڪندس.“
جنهن شخص جي سامهون مديني شريف جي فضيلت متعلق احاديثِ ڪريمه جو هي سلسلو هجي، اهو ڀلا ڪيئن ٿو ان جي جدائي برداشت ڪري سگھي؟!. اهو ئي سبب آهي، جو امام مالڪ رحمة الله عليہ وڏين وڏين مصيبتن جي وقت اتان کان ٻاهر قدم نه رکيو. ٿورڙو هاڻي شهرِ رسولﷺ ۾ دفن ٿيڻ لاءِ ان جي بيقراري کي به نظر آڏو آڻيو، جو مديني شريف کان ٻاهر تشريف نه وٺي ويندو هو، ته ڪٿي ٻي جاءِ تي موت نه اچي وڃي ۽ پوءِ هن پاڪ شهر ۾ دفن نه ٿي سگھان. حضرت امام مالڪ رحمة الله عليہ جي حياتي مبارڪه ۾ اهي سنگين لمحات به آيا، جن ۾ سندن ڪٽنب فاقه ڪشي جو شڪار ٿي ويو، ان وقت ڪجھ اصحابِ ثروت حضرت امام صاحب کي اشارو ڪيو هو، ته مدينو شريف ڇڏي اچو، ته سمورا اقتصادي مسئلا حل ٿي ويندا ۽ فاقه ڪشي کان ڇوٽڪارو ملي ويندو. آساني سان ۽ عيش و عشرت سان زندگي گذرندي. انهن اصحابِ ثروت منجھان خليفو هارون رشيد به آهي. جنهن هڪ دفعي امام صاحب کان پڇيو، ته توهان وٽ گھر آهي؟ جواب ڏنائين، ته ڪونهي. تنهن تي هارون رشيد امام صاحب کي ٽي هزار اشرفيون پيش ڪيون ۽ چيو، ته گھر خريد ڪيو. امام صاحب رحمة الله عليہ اهي ورتيون. هارون رشيد جڏهن مجلس کان اٿيو، ته ان وقت امام صاحب رحمة الله عليہ کي چيائين، ته مون سان گڏ هلو، ته ڏاڍو ڀلو ٿيندو. ڇو، ته مان پختو ارادو ڪيو آهي، ته جيئن حضرت عثمان رضي الله عنہ ماڻهن کي حاملِ قرآن بڻايو هو. مان به ماڻهن کي وري توهان جي ڪتاب مؤطا جو حامل بڻايان. حضرت امام صاحب وراڻيو، ته ان جي ڪا صورت ڪونهي. ڇو، ته حضورﷺ جن جي وصال بعد صحابه ڪرام رضوان الله عليهم اجمعين مختلف مقامات تي اقامت پذير ٿيا ۽ هر اهل شهر وٽ علم آهي، رهيو منهنجو توسان گڏ هلڻ، هي به نه ٿي سگهندو ڇو، ته حضورﷺ جن جو ارشاد پاڪ آهي ”والمدینة خیرلھم لو کانوا یعلمون۔“رهيون اشرفيون سو هي موجود آهن تون چاهين ته واپس وٺي سگهين ٿو. يعني تون جيڪو هي احسان ڪري مدينو شريف
ڇڏرائڻ چاهين ٿو، اهو نه ٿي سگهندو.
امام شافعي رحمة الله عليہ فرمائي ٿو، ته هڪ ڀيري مان امام مالڪ جي دروازي تي خراساني گھوڙا ۽ مصري خچر ڏٺا ته مان امام صاحب کي چيو ڏاڍا سٺا آهن ان تي امام صاحب وراڻيو مان هي سڀ توهان کي هديو ڪري ڇڏيم. امام شافعي چوي ٿو، مان چيم سواري لاءِ توهان به رکو. فرمايائين مون کي شرم ٿو اچي جو جنهن ارض مقدس ۾ محبوب ڪريمﷺ تشريف رکندا هجن، ان مٽي کي سواري جي کرن سان رهڙيان. پاڻ هڪ فرضي حج لاءِ مڪي شريف ويا ۽ باقي سموري عمرمديني پاڪ ۾ گزاريائون. مديني پاڪ جي گھٽين ۾ ڪڏهن به پيرن ۾جتي نه پاتائون. ڪمزوري ۽ پوڙهائپ جي باوجود مديني شريف ۾ ڪڏهن سواري تي نه چڙهيا. جنهن مبارڪ شهر ۾ حضورﷺ جن آرامي آهن ان ۾ سوار ٿي هلڻ بي ادبي سمجهندا هئا. ديوارن کي چمندا هئا، جو انهن تي محبوب ڪريمﷺجن جون نوراني نگاهون پيون. حضورﷺ جن جي ذات مبارڪ سان گڏوگڏ مديني شريف سان اسان جي بزرگن جي عقيدت ۽ محبت جو اهو عالم هو جو پاڻ به مديني شريف جي مٽي کي پنهنجي مٿي جو تاج سمجهي سر تي سجائيندا هئا ۽ ٻين کي به ان پاڪ شهر سان بيحدمحبت ۽ احترام جي تلقين فرمائيندا هئا. هي مٽي جو اهو ڪافرانه فلسفو نه هو، ته زمين انسان جي ماءُ آهي اسان جا بزرگ جنهن مٽي جي ڳالھ ڪندا هئا، اها اهڙي آهي جيڪا هر طاغوتي زهر لاءِ ترياق جو درجو رکندي آهي. ان مٽي تي الله تعالى جي نهايت ئي جليل القدر پيغمبر احمد مجتبى، محمد مصطفىﷺ ۽ سڀ کان مقرب فرشتي حضرت جبريل امين جي قدمن جا نشان چٽيل آهن. ان زمين تي رهڻ واري هڪ عظيم هستي جاهليت واري زماني جي تقسيم ڪيل سڀني مٽين کي هم رنگ بڻايو. ايستائين جو زمين جا ڪارا ۽گورا پٽ، اعلي نسب ۽ حقير نسلي فرزند هڪ ئي صف ۾ ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺا ۽ پوءِ هيءَ مٽي بيمارانسانيت لاءِ اڪسير اعظم بڻجي وئي. اسان جا بزرگ به انهيءَ ڪري ئي هن پاڪ سرزمين جاثناء خوان بڻيا. رب ڪريم مدينة الرسولﷺ سان اسان جي وابستگي قائم رکي، اسان جي دلين ۾ ان جي شاندار محبت ۽ عقيدت جي توفيق عطا فرمائي، ۽ ديارِحبيب جي باربار حاضريءَ جي سعادت سان سرفراز فرمائي ۽ مدينة الرسولﷺ ئي کي اسان جومدفن بڻائي.
آمين بجاہ حبيبڪ الڪريمﷺ
آمديني جي زمين، بهترين بهترين
جت رهي عربي امين، بهترين بهترين
جت رهي عربي امين، بهترين بهترين
0 comments:
Post a Comment