728x90 AdSpace

Latest News

Ads 468x60px

26 June, 2011

ماهِ رجب المرجب جي فضيلت

ماهِ رجب المرجب جي فضيلت
حافظ محمد بن عبدالله رڏ

رجب جو مهينو اسلامي سال جي مهينن مان ستون مهينو آهي. احاديث مبارڪن ۾ هن مهيني جون تمام گھڻيون فضيلتون بيان ڪيون ويون آهن.
پاڻ ڪريمن ﷺ جن فرمايو ”رجب الله جو مهينو ۽ شعبان منهنجو مهينو ۽ رمضان منهنجي امت جو مهينو آهي.“
ڪتاب نزهة المجالس ۾ حضرت سيدنا علامہ صفوري رحمة الله عليہ فرمائين ٿا، ”رجب ٻج ڇٽڻ جو، شعبان پاڻي ڏيڻ جو ۽ رمضان المبارڪ فصل لڻڻ جو مهينو آهي، تنهنڪري جيڪو رجب المرجب ۾ عبادت جو ٻج نه ٿو ڇٽي ۽ شعبان المعظم ۾ ڳوڙهن سان سيراب نه ٿو ڪري، ته اهو رمضان المبارڪ ۾ فصل ڪيئن لڻي سگھندو؟!“ وڌيڪ فرمائين ٿا، ته ”رجب المرجب جسم کي شعبان المعظم دل کي ۽ رمضان المبارڪ روح کي پاڪ ڪندو آهي.“
طبراني ۾ حضرت سيدنا عثمان بن مطر رحمة الله عليہ کان روايت آهي، ته ”محبوب ڪريم ﷺ جن فرمايو ”رجب وڏي عظمت وارو مهينو آهي. الله تعالى هن مهيني ۾ نيڪيون ٻيڻيون ڪري ڇڏيندو آهي، جنهن رجب جو هڪ روزو رکيو ۽ جنهن ست روزا رکيا، ته دوزخ جا ست ئي دروازا ان تي بند ڪيا ويندا. جيڪڏهن ڪنهن اٺ روزا رکيا، ته ان لاءِ جنت جا اٺ ئي دروازا کوليا ويندا ۽ جيڪو ڏھ روزا رکي، ته الله تعالى کان جهڙي به شيءِ گھرندو اهو کيس عطا ڪندو ۽ جيڪو پندرهن روزا رکندو، ته آسمان مان هڪ منادي آواز ڏيندو، ته تنهنجا پويان گناھ بخشيا ويا، هاڻي پنهنجا عمل ٻيهر شروع ڪر ۽ جيڪو ان کان وڌيڪ روزا رکي، ته الله تعالى ان تي وڌيڪ ڪرم فرمائيندو ۽ رجب جي ئي مهيني ۾ الله تعالى حضرت نوح عليہ السلام کي ٻيڙيءَ سوار ڪرايو، ته حضرت نوح عليہ السلام پاڻ به روزو رکيو ۽ پنهنجن ساٿين کي به روزو رکڻ جو حڪم ڏنائين.“
رجب المرجب حرمت وارن مهينن مان پهريون مهينو آهي يعني ٽي مهينا لاڳيتا ذوالقعد، ذوالحج، محرم ۽ چوٿون رجب آهي. انهن حرمت وارن مهينن جو ذڪر قرآن مجيد ۾ سورة توبه ۾ هيئن آيو آهي. . .
اِنَّ عِدَّةَ الشُّھُوْرِ عِنْدَاللھِ اِثْنَا عَشَرَ شَھْراً فِیْ کِتَابِ اللھِ یَوْم خَلَقَ السَّمٰواتِ وَالْاَرْضَ مِنْھَا اَرْبَعُةٌ حُرُمٌ ۞
ترجمو: بيشڪ مهينن جو تعداد الله وٽ ٻارهن مهينا آهن الله جي ڪتاب ۾ جڏهن کان انهي آسمانن ۽ زمين پيدا ڪيو انهن (ٻارهن مهينن) منجھان چار مهينا حرمت وارا آهن.
مٿين آية ۾ اسلامي مهينن جو ذڪر ۽ انهن جو تعداد بيان ڪيل آهي جن جو حساب چنڊ سان ٿيندو آهي. شرعي احڪام جو بنياد به اسلامي مهينن تي آهي. مثال طور؛ رمضان المبارڪ جا روزا، زڪوٰة، حج شريعت جا مناسڪ وغيره ۽ ان سان گڏو گڏ اسلامي تقريبن جا ڏينهن مثال طور: شبِ معراج، شبِ برات، يارهين شريف، بزرگانِ دين رحمهم الله تعالى جا عرس غيره به اسلامي مهينن جي حساب سان ملهايا ويندا آهن.
افسوس! اڄڪلهه جتي مسلمان بيشمار سنتن کان پري وڃي پيو آهي اتي اسلامي تاريخن کان به اڻ واقف ٿيندو پيو وڃي. جيڪڏهن هڪ لک مسلمانن جي اجتماع ۾ هي سوال ڪيو وڃي، ته ”اڄ ڪهڙي هجري سنه جي ڪهڙي مهيني جي ڪهڙي تاريخ آهي؟“ شايد مشڪل سان سؤ مسلمان اهڙا هوندا جيڪي صحيح جواب ڏئي سگھندا. عربستان جا ماڻهو جاهليت واري زماني ۾ به حرمت وارن مهينن ۾ جنگ ڪرڻ حرام سمجھندا هئا.
حضرت شيخ عبدالحق محدث دهلوي رحمة الله عليہ نقل ڪري ٿو، ته پاڻ ڪريمن ﷺ جن جو فرمان آهي، ته ”رجب جو مهينو حرمت وارن مهينن مان آهي ۽ آسمان جي دروازي تي هن مهيني جا ڏينهن لکيل آهن. جيڪڏهن رجب ۾ ڪو شخص هڪ روزو رکي ۽ ان کي پرهيزگاريءَ سان پورو ڪري، ته اهو دروازو ۽ اهو ڏينهن (روزي وارو) ان ٻانهي جي لاءِ الله تعالى کان مغفرت گھرندا ۽ عرض ڪندا، ته يا الله هن ٻانهي کي بخش فرماءِ ۽ جيڪڏهن اهو شخص بنا پرهيزگاريءَ جي روزو گذاري ٿو، ته پوءِ اهو دروازو ۽ اهو ڏينهن ان جي بخشش جي درخواست نه ڪندا ۽ ان شخص کي چوندا ”اي ٻانها! تنهنجي نفس توکي دوکو ڏنو.“ معلوم ٿيو، ته روزي جو مقصد فقط اڃ ۽ بک ناهي بلڪه سڀني عضون کي گناهن کان بچائڻ به ضروري آهي. جيڪڏهن روزو رکڻ جي باوجود به گناهن جو سلسلو جاري رهيو، ته پوءِ سخت محرومي آهي.
رجب المرجب جي مهيني کي الاصمَّ يعني سڀ کان وڌيڪ ٻوڙو به چوندا آهن. ڇو، ته هن مهيني ۾ ڪنهن به قوم تي الله تعالى جي عذاب نازل ٿيڻ جي باري ۾ نه ٻڌو ويو، مطلب ته الله تعالى گذريل امتن کي هر مهيني ۾ عذاب ڏنو ۽ رجب جي مهيني ۾ ڪنهن به قوم کي عذاب نه ڏنو. هن مهيني کي رجب به چيو ويندو آهي جو جنت جي هڪ نهر جو نالو آهي. ان نهر جو پاڻي کير کان وڌيڪ اڇو، ماکيءَ کان وڌيڪ مٺو ۽ برف کان وڌيڪ ٿڌو آهي ۽ هن نهر مان اهو ئي پيئندو جيڪو رجب مهيني ۾ روزا رکندو.
”شعب الايمان“ ۾ حضرت انس بن مالڪ رضي الله عنہ کان روايت آهي، ته الله جي رسول ﷺ جن فرمايو، ته ”رجب ۾ هڪ رات آهي جو ان ۾ نيڪ عمل ڪرڻ واري جي لاءِ سؤ سال جي نيڪين جو ثواب لکيو ويندو آهي ۽ اها رجب جي ستاويهينءَ جي رات آهي. اهڙيءَ طرح جيڪو ان ۾ ٻارهن رڪعتون پڙهي هر رڪعت ۾ سورة الفاتحه ۽ هڪ سورة ۽ هر ٻن رڪعتن تي التحيات ۽ آخر ۾ سلام ورائڻ کان پوءِ سؤ ڀيرا سبحان الله والحمدلله و لا الہ الا الله والله اڪبر، سؤ ڀيرا استغفار ۽ سؤ ڀيرا درود شريف پڙهي پوءِ پنهنجي دنيا ۽ آخرت مان جنهن شيءِ جي چاهي دعا گھري ۽ صبح جو روزو رکي، ته الله تعالى ان جون سڀ دعائون قبول فرمائيندو؛ سواءِ ان دعا جي جيڪا گناھ لاءِ هجي.“
اهڙيءَ طرح حضرت انس بن مالڪ رضي الله عنہ جي هڪ ٻي روايت آهي، ته نبي ڪريم، رئوف رحيمﷺ ارشاد فرمايو، ته ”ستاويهين رجب تي مونکي نُبوّت عطا ٿي، جيڪو ان ڏينهن جو روزو رکندو ۽ افطار جي وقت دعا گھرندو، ته ڏهن ورهين جي گناهن جو ڪفارو ٿي ويندو.“ اڪثر روايتن مطابق محبوب ڪريمﷺ کي الله تعالى معراج به رجب شريف جي مهيني جي ستاويهين جي رات عنايت فرمايو.   
رجب شريف جي فضيلت ۽ برڪت لاءِ ان کان وڌيڪ بيو ڇا هجي، جو سيدِ دو جهانﷺان جي ستاويهين رات رب ڪريم سان سان ملاقات ڪئي ۽ ان جاءِ تي پهچي به پنهنجي گنهگار امت کي نه وساريو.

گنہگارو نہ گھبراؤ، سیہ کارو نہ شرماؤ،
کہ تم کو ڈھونڈتی ہوگی، وہاں رحمت محمد کی،
گنہگاروں کو جنت سے کوئی روکے تو کیوں روکے،
کہ یہ امت محمد کی، تو وہ جنت محمد کی۔
  • Blogger Comments
  • Facebook Comments

0 comments:

Post a Comment

Item Reviewed: ماهِ رجب المرجب جي فضيلت Description: Rating: 5 Reviewed By: سکندری
Scroll to Top