با ادب با نصيب
مختار احمد چانگ
الله تعالى انسان ذات کي اشرف المخلوقات جو شرف بخشيو آهي. ان شرف کي پاڻ ۾ محفوظ رکڻ لاءِ ادب جي ضرورت آهي. انسان لاءِ اها ڳالھ ضروري آهي، ته هو دنيا ۾ پنهنجي ڪردار ۽ اخلاق کي سهڻاين سان سينگاري. ڇو، ته سهڻا اخلاق ئي انسان کي حقيقي انسان بڻائين ٿا. سهڻا اخلاق اپنائڻ جي نه صرف انسان پاڻ ڪوشش ڪري بلڪه پنهنجي اولاد کي به سهڻا اخلاق سيکاري ۽ انهن کي هر غلط ڳالھ کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪري، ته جيئن معاشرو براين ۽ بدڪارين کان پاڪ صاف رهي. الله سبحانہٗ وتعالى جو فرمان آهي، ته قوا انفسکم واھلیکم ناراً۔ يعني پاڻ کي ۽ پنهنجي اولاد کي جهنم جي باه کان بچايو.
پاڻ سان گڏ پنهنجي اولاد ۽ اهل کي اسلامي تعليم ۽ سهڻي تربيت ڏيئي دوزخ جي ڀڙڪندڙ باه کان بچي سگھجي ٿو. تربيت ۾ ابتدا جو سهڻُ طريقو الله جي حبيب ﷺ ٻڌايو. پهريائين ان کي پنهنجي خالق ۽ حقيقي مالڪ آڏو جھڪڻ سيکاريو. پنهنجي اولاد کي ستن سالن جي عمر ۾ نماز جو حڪم ڪيو ۽ ڏهن سالن جي عمر ۾ سختيءَ سان نماز پڙهايو. (ترمذي ۽ سنن ابي داؤد)
ڪنهن عارف جو فرمان آهي، ته ”مان حرم شريف ۾ هڪڙي ڀيري پير ڊگھا ڪري ويٺس، ته هڪڙي ٻانهي چيو، ته الله جي درٻار ۾ ادب سان ويهندا ڪريو؛ نه ته مقربين جي فهرست مان اوهان جو نالو خارج ڪيو ويندو.“ بعض عالم فرمائين ٿا، ته ادب جو ڇڏڻ ئي خارج ڪرڻ جو سبب آهي. اهڙي طرح جيڪو فرش تي بي ادبي ڪندو، ته اهو دروازي کان ڪڍيو ويندو آهي ۽ جيڪو دروازي تي ابي ادبي ڪندو آهي، اهو مردود ٿي ويندو آهي.
حضرت عبدالله ابن مبارڪ رضي الله عنه فرمائين ٿا، ته جيڪو آداب ۾ سستي ڪندو آهي، اهو سنتن کان محروم ٿي ويندو آهي. اهڙي طرح وري جيڪو سنتن ۾ سستي ڪندو آهي، ان کي اها سزا ملندي آهي، جو فرائض کان محروم ڪيو ويندو آهي. جيڪو فرائض ۾ سستي ڪندو آهي، ته اهو معرفتِ الٰهيہ حاصل ٿيڻ کان محروم رهندو آهي.
رسول اللهﷺ جن جو فرمانِ عاليشان آهي، ته ”صدقي ۽ خيرات کان اعلى ۽ افضل عمل آهي، جو پنهنجي اولاد کي ادب سيکاريو وڃي.“ (شرح بخاري)
صدقي ۽ خيرات جي بلاشڪ وڏي فضيلت آهي، پر ان کان وڌيڪ فضيلت ادب جي آهي. اسان کي گھرجي، ته اسان پاڻ ادب سکون ۽ ٻين کي سيکاريون، ته جيئن اسان جي دنيا ۽ آخرت سنوارجي وڃي.
حضرت پيرسائين سيد محمد راشد روضي ڌڻي رضي الله عنہ جي ملفوظات شريف ۾ نقل آهي، ته حضرت بايزيد بسطامي رحمة الله عليہ جي والدھ جڏهن وصال فرمائي ويئي، ته الله تعالى وٽان حضرت بسطامي رحمة الله عليہ کي الهام ٿيو، ته ”اي بايزيد! هاڻي منهنجي درٻار ۾ ادب سان اچجانءِ؛ ڇو، ته اڳ ۾ جيڪڏهن توکان ڪا ڪوتاهي ٿيندي هئي، ته تنهنجي والدھ دعا گھرندي هئي، هاڻي تنهنجي والدھ ناهي، تون خيال سان اچجانءِ.“
ملفوظات شريف ۾ آهي، ته پاڻ رضي الله عنہ فرمايو، ته هڪڙي ڀيري حضرت امام حسن ۽ امام حسين رضي الله عنهما. پاڻ ۾ ڪنهن ڳالھ تي ناراض ٿي پيا. پوءِ ڪجھ دير بعد ٻنهي کي خيال آيو، ته پاڻ ۾ راضي ٿجي. حضرت حسن رضي الله عنہ اڳرائي ڪري، حضرت حسين سهڻي رضي الله تعالى عنہ کي راضي ڪيو. حضرت حسين رضي الله عنہ فرمايو، ته ”مون تي لازم هو، ته مان توهان کي راضي ڪيان، پر ادب ۽ بين ٽن ڳالهين مو کي اجازت نه ڏني. جيڪڏهن ٻن ڄڻن کي پاڻ ۾ رنجش ٿي، پوي، ته جيڪو انهن مان اڳرائي ڪندو راضي ڪرڻ ۾، ته الله تعالى ان کي اڳواڻ بڻائيندو ۽ ٻيو ان کي ستر نيڪيون ملنديون ۽ ٽيون راضي ڪرڻ جو ثواب به ملندو. ان ڪري آءٌ نه آيس متان! بي ادبي ٿي پوي.“
عناياتِ الٰهيہ مان عقل ۽ ادب کان سواءِ افضل بي ڪا شيءِ نه آهي. انسان لاءِ اهي ٻئي سونهن آهن. ان وٽ جيڪڏهن اهي ٻئي نعمتون نه آهن، ته زندھ رهڻ کان مري وڃڻ بهتر آهي.
هڪڙي بادشاه جي ڳالھ ملفوظات شريف ۾ آهي، ته ان جو وزير دربار ۾ ويٺو هو. تنهن جي ڪوٽ جي ٻيڙي کلي ويئي، ته وزير ٻيڙي بند ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويو. ان تي بادشاه چيس آهين، ته تون قتل جي لائق، پر ڇڏيانءِ ٿو. بادشاه جي درٻار ۾ ائين بيهبو آهي؟ اسان کي به گھرجي، ته اسان الله تعالى جي درٻار ۾ ائين بيهون، جو ڪابه گھڙي الله تعالا کان غفلت ۾ نه رهجي ۽ الله تعالا جي عنايت کان محروم نه رهجي وڃون. الله تعالى کان دعا آهي، ته الله تعالا اسان کي ادب جي دولت سان مالا مال فرمائي. آمين.
0 comments:
Post a Comment