728x90 AdSpace

Latest News

Ads 468x60px

26 June, 2011

اداريو


اداريو
آرمي چيف جون حصلو ڏياريندڙ گالهيون

آرمي چيف اشفاق پرويز قياني پنجين صوبيدار ميجر ڪانفرس کي خطاب ڪندي چيو آهي، ته پاڪ فوج جي آپريشنل صلاحيتن ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن ۽ پاڪ فوج ملڪي بچاءَ تي ڏکيو ڏينهن اچڻ نه ڏيندي. آرمي چيف اها ڳالھ به چئي ته فوج عوام جي مدد سان دهشتگرديءَ خلاف جنگ وڙهي رهي آهي ۽ انهيءَ عزم جو اظهار ڪيو، ته دهشتگرديءَ تي جلد ضابطو آندو ويندو. آرمي چيف جي اها ڳالھ انتهائي حوصلي مند آهي، ته پاڪ فوج ملڪي بچاءَ تي ڏکيو ڏينهن نه اچڻ ڏيندي. آرمي چيف جي هن ڳالھ ملڪ جي عوام ۾ هڪ نئون حوصلو ۽ عزم پيدا ڪيو آهي، هونءَ به قوم کي پنهنجي بهادر، جرئت مند ۽ دلير فوج تي فخر ۽ ناز آهي. ڇو، ته پاڪ فوج، جڏهن ڪڏهن به ملڪ تي ڪو ڏکيو ڏينهن آيو آهي، يا ڪڏهن ڪنهن دشمن ملڪ پاڪستان کي اڳرائيءَ جو شڪار بڻايو آهي، ته پاڪ فوج جي جوانن پنهنجي جانين جا نذرانه پيش ڪري ملڪي سلامتيءَ جي حفاظت ڪندي دشمن کي پوئتي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو آهي. جيتري قدر آرمي چيف طرفان فوج جي آپريشنل صلاحيتن ۾ بهتري آڻن جو تعلق آهي، ته اسين سمجھون ٿا، ته ملڪ کي هر خطري کان محفوظ رکڻ ۽ ملڪي سلامتيءَ کي ناقابلِ تسخير بڻائڻ لاءِ پاڪ فوج کي وڌ کان وڌ مضبوط بڻائڻ ضروري آهي. اسان جو شروع کان ئي اهو مؤقف رهيو آهي، ته پاڪ فوج کي مضبوط کان مضبوط تر بڻايو وڃي، نه صرف ايترو پر پاڪ فوج کي جديد هٿيارن سان هٿياربند پڻ ڪيو وڃي. پوءِ ڀل ان مقصد لاءِ جيڪڏهن دفاعي بجيٽ ۾ اضافو اڻٽر هجي، ته بنا ڪنهن هٻڪ جي اضافو ڪيو وڃي. ڇو، ته ملڪي سلامتي سڀ وڌيڪ اهميت رکندي آهي.
اها حقيقت آهي، ته دهشتگرديءَ جي وڌندڙ واقعن ملڪ ۾ ڏهڪاءَ واري صورت اختيار ڪري ورتي آهي. ٿوري ٿوري وقفي سان ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ٿيندڙ دهشتگردي سبب قيمتي انساني جانيون صايع ٿي رهيون آهن پر وڏو مالي نقصان پڻ ٿي رهيو آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي، ته پاڪ فوج ڪيترن ئي هنڌن تي ڪاميابون حاصل ڪندي ۽ دهشتگردن کي ناس ڪندي اتي حڪومتي رٽ بحال ڪئي آهي ۽ جنهن جوان مرديءَ سان پاڪ فوج دهشتگردن خلاف جنگ وڙهي رهي آهي. ان مان اميد جو اهو ڪرڻو ضرور پيدا ٿي ويو آهي، ته دهشتگرديءَ جي ناسور تي جلد ضابطو آندو ويندو.     
  • Blogger Comments
  • Facebook Comments

0 comments:

Post a Comment

Item Reviewed: اداريو Description: Rating: 5 Reviewed By: سکندری
Scroll to Top