امربالمعروف ونهي عن المنڪر
ڊاڪٽر حافظ شبير احمد
سڀني مسلمان ڀائرن کي واضح رهي، ته ربّ تعالى شانہٗ پنهنجي محبوب محمد ڪريمﷺ جي امت جو شان سڀني انسان ذات کان اشرف ۽ اعلى ڪيو آهي، جنهن بابت الله تعالى پنهنجي پاڪ ڪلام قرآن مجيد ۾ صاف فرمائي ٿو ته كُنْتُمْ خَيْرَ أُمَّةٍ أُخْرِجَتْ لِلنَّاسِ تَأْمُرُونَ بِالْمَعْرُوفِ وَتَنْهَوْنَ عَنِ الْمُنْكَرِ وَتُؤْمِنُونَ بِا للّٰهِ : آل عمران آية 110
هن آيت ۾ صاف فرمايو ويو آهي، ته اي محمدي جماعت! توهان اڳين سڀني امتن کان ڀلي ۾ ڀلي امت آهيو. ان ڀلائيءَ جو سبب هڪ هي آهي ته توهان ماڻهن کي نيڪ ڪمن جي تبليغ ڪريو ٿا ۽ برائيءَ کان روڪيو ٿا ۽ ٻيو الله تعالى تي ايمان آڻيو ٿا.
ايمان سڀني عملن کان وڌيڪ آهي، پر هت امر باالمعروف و نھی عن المنکر کان بعد ۾ بيان ڪيو ويو آهي. مفسر صاحبان لکن ٿا، ته ان جو سبب هي آهي، ته هت اصل مقصد امتِ محمديءَ جو شان ٻڌائڻو هو جو اڳ ۾ ٻڌايو ويو، ته هُو تبليغ ڪن ٿا جو حضرات انبياء عليهم السلام جو منصب آهي. اڳين امتن اهڙيءَ طرح تبليغ نه ڪئي. مسلمان ڀائرو! توهان حضرات صحابه ڪرام ۽ اهلِ بيت عظام جي تبليغ جا احوال تاريخ ۾ پڙهو، ڪهڙيءَ طرح جانفشانيءَ ڪئي اٿن. حضور ڪريمﷺ جن کان بعد به ڪيئن نه اسلام پکيڙيائون. سڄي دنيا ۾ اسلام جو نعرو الله اڪبر بلند ڪيائون. ظلم، بي حيائيءَ، ڪفر ۽ شرڪ کي دنيا مان ڪڍيائون. جيئن ته تبليغ امتِ محمدي جو خاصو آهي، ان ڪري قرآن ڪريم ۾ ان کي پهريون آندو ويو آهي. وَلْتَكُنْ مِنْكُمْ أُمَّةٌ يَدْعُونَ إِلَی الْخَيْرِ وَيَأْمُرُونَ بِالْمَعْرُوفِ وَيَنْهَوْنَ عَنِ الْمُنْكَرِ وَأُولَئِكَ هُمُ الْمُفْلِحُونَ : آل عمران 104
ترجمو: ۽ هي ضروري آهي ته توهان مان هڪ جماعت اهڙي هجي جو خير جي طرف سڏي ۽ نيڪ ڪمن جو حڪم ڪري ۽ براين کان روڪي ۽ اهي ئي ماڻهو پوري طرح ڪامياب آهن.
هن آيت شريف ۾ امتِ محمديءَ کي تاڪيداً خاص حڪم فرمايو ويو آهي، ته توهان مان هڪ جماعت اهڙي هجي جنهن جو خاص ڪم تبليغ هجي، يعني نظام ۽ انتظام سان تبليغ جو ڪم هلائي. بعد ۾ فرمايو ويو ته توهان محمدين جي پوري ڪاميابي ان ۾ آهي، ته ماڻهن کي اسلام جي تبليغ ڪريو. ان کان سواءِ توهان کي پوري ڪاميابي ۽ فتحيابي حاصل نه ٿيندي.
پيارا مسلمان ڀائرو! تاريخ پڙهي ڏسو ته جيسيتائين اسين مسلمان ان نظام سان ڪم ڪندڙ هئاسون ته، اسين هر طرح ڪاميابي ماڻيندڙ هئاسون. دنيا جون وڏي ۾وڏيون حڪومتون مسلمانن کان ڊڄي بغير جنگ ڪرڻ جي تابع ٿينديون هيون ۽ سڄي دنيا تي مسلمانن جو نالو بلند ۽ بالا هو. هن وقت ڏسو ته اسان مسلمان ڪهڙيءَ طرح پست ٿي پيا آهيون. ان جو سبب اهو ئي آهي جو الله تعالى فرمائي ٿو وَلا تَهِنُوا وَلا تَحْزَنُوا وَأَنْتُمُ الأعْلَوْنَ إِنْ كُنْتُمْ مُؤْمِنِينَ : آل عمران 139
ترجمو: اي مسلمانو! توهان سست نه ٿيو نه ڪي غمگين ٿيو توهان بلند آهيو جيڪڏهن اوهان ايمان وارا آهيو.
هتي صاف فرمايو ويو آهي، ته اگر اوهان جو ايمان ڪامل آهي، ته بلند درجه وارا آهيو. جيڪڏهن ايمان وڃائي ويٺئو، ان ۾ ڪو به نقص آيو ته پوءِ توهان جي فضيلت ۽ بلنديت نه رهندي. هيءَ ڳالھ ظاهر آهي، ته ڪامل ايمان جي ضروري تقاضا آهي، ته الله جي حڪم جي اطاعت ڪجي. الله تعالى تبليغ اسلام لاءِ تاڪيدي حڪم فرمائي ٿو. پوءِ ڪامل مؤمن ڪيئن خدائي بي فرمان ٿي رهندو؟
جيڪڏهن تبليغ جو انتظام مسلمانن نه ڪيو، ته پوءِ صاف ظاهر آهي، ته سندن ايمان ۾ نقصان اچي ويو آهي. پوءِ ڀلي ته هو محسوس نه ڪن ۽ پاڻ کي ڪامل مؤمن سمجھندا رهن. ان جو مثال هي سمجھو ته جيئن ڪاٺيءَ کي سُرو ۽ اڏهي لڳندي آهي، ته اندران کاڄي مٽي ٿي ويندي آهي. فقط ٻاهران ڪاٺي ڏسڻ ۾ ايندي آهي ۽ اها بيڪار ٿي ويندي آهي. ان جي مٿان بار رکي نه سگھبو آهي.
مسلمان ڀائرو! آگاھ ٿيو، هوشيار ٿيو، غفلت ڇڏيو.
بعضي ماڻهو اعتراض ڪندا آهن، ته هدايت الله جي هٿ ۾ آهي جنهن کي هدايت ڏي، ٻئي جي چوڻ سان ڪوبه هدايت تي نه ايندو. اهو بلڪل غلط آهي. بيشڪ! هدايت الله تعالى جي هٿ ۾ آهي. رزق ــ روزي، صحت ــ چڱڀلائي، مال ــ اولاد وغيره سڀ الله تعالى جي قبضهء قدرت ۾ آهي. پوءِ ڇو دنيا جو ڪاروبار ڪريو ٿا؟ توڪل رکي ويهي رهو، ڪجهه نه ڪمايو، ٻنيءَ ۾ ٻج نه پوکيو، پاڻ ئي ساريون ۽ ڪڻڪ وغيره پيدا ٿيندي. الله تعالى قادر نه آهي ڇا؟ شادي نه ڪريو، پاڻ ئي توهان کي پٽ ڄمي پوندا، ڊاڪٽرن ۽ حڪيمن وٽ علاج نه ڪرايو، پاڻ ئي بيماري ڇڏي ويندي، ڇو ان لاءِ هزارين روپيا خرچ ڪريو ٿا. اسپتالون ٺهرايو ٿا. دوائون خريد ڪريو ٿا. امتحان ڏئي ڊاڪٽري سکو ٿا. صحت ۽ شفاء ڏيڻ وارو الله تعالى نه آهي ڇا؟ جڏهن سمجھو ٿا ته شافي مطلق الله تعالى آهي، ان جي شفاء، صحت ڏيڻ کانسواءِ صحت نه ٿيندي، ته به دوائون، علاج ڪريو ٿا. ان جو مطلب ڇا آهي؟ هدايت الله تعالي جي هٿ ۾ آهي. ٻاقي ٻيون شيون ان جي قدرت کان ٻاهر آهن ڇا؟
عزيزؤ! بيشڪ سڀ شيءِ الله تعالى جي هٿ ۾ آهي. الله تعالى پنهنجي قدرت جو ڪارخانو اهڙيءَ طرح رکايو آهي، ته منهنجون پيدا ڪيل دوائون کائي چڱا ڀلا ٿي منهنجو شڪرانو ادا ڪريو، ته الله تعالى ڪهڙو نه قادر آهي، جو هڪ زمين جي ڄاول ٻوٽي ۾ اهڙي حڪمت رکائي اٿس. اهڙيءَ طرح هدايت کي به سمجھو ته ٻانهي کان تبليغ ٻڌي راھِ راست حاصل ڪري الله تعالى جو حمد ڳائي ته الله تعالى ڪهڙو نه قادر، ڪريم آهي، جو پنهنجي پيدا ڪيل ٻانهن ۾ ڪهڙي نه حڪمت ۽ طاقت رکي اٿس جو گمراھ ماڻهو راھِ راست تي اچي وڃن ٿا. ان حقيقت کي واضح ڪرڻ لاءِ قرآن شريف فرمائي ٿو، ته وَذَكِّرْ فَإِنَّ الذِّكْرَى تَنْفَعُ الْمُؤْمِنِينَ : الذاريات 55
ترجمو: ۽ نصيحت ڪر تحقيق نصيحت مؤمنن کي نفعو پهچائيندي.
اتان معلوم ٿيو ته تبليغِ احڪامِ الٰهي تمام لازمي ۽ ضروري آهي. جنهن لاءِ امر جو صيغو فرمايو ويو آهي، ته نصيحت ڪر! وڌيڪ نصيحت ڪندڙ جي تسلي ۽ خاطريءَ لاءِ ٻڌايو ويو ته نصيحت خالي نه ويندي. ايمان وارن کي ته ظاهر آهي، ته نفعو ڏيندي بلڪه ڪافر به هن جي ذريعي مؤمنن ۾ داخل ٿي نفعو حاصل ڪندا.
افسوس آهي ته وعظ ۽ نصيحت جو ڄڻ ته دروازو بند ٿي چڪو آهي. ڪنهن کي به ڪو چڱائي نه ٿو چوي. عزيزو! وعظ نصيحت جو مقصد رڳو هي نه آهي ته ممبر تي ويهي فصاحت ۽ بلاغت سان تقريرون ڪجن بلڪه مقصد هي آهي، ته جنهن کي جيتري به دين جي معلومات هجي اوتري قدر ٻين کي به ٻڌائي ۽ عملي ڪوشش ڪري. مطلب خلق خدا کي سندن ڪارنامن جو احساس ڏياري، نيڪيءَ جي طرف سڏيو وڃي ۽ انهن ۾ اهڙو انتظام رکيو وڃي، جيئن هو برن ڪمن کي ڇڏي خدائي راھ يعني اسلام سان محبت رکي پابند ٿين.
ان بابت وڌيڪ الله تعالى پنهنجي ڪلام پاڪ ۾ فرمائي ٿو. ومن احسن قولاً ممن دعا الی اللھ وعمل صالحا وقال اننی من المسلمین۔
ترجمو: ۽ هن کان بهتر ڪنهن جي ڳالھ ٿي سگهي ٿي جو خدا جي طرف سڏي ۽ نيڪ ڪم ڪري ۽ چوي ته مان فرمانبردارن مان آهيان.
ڏسو ته قرآن شريف الله تعالى جي طرف سڏيندڙن ڪهڙي نه عجيب لفظن سان ساراھ ڪري رهيو آهي! اتان معلوم ٿيو ته امر ۽ نهيءَ جو گفتو نهايت وڏو درجو رکي ٿو.
منهنجا پيارا ڀائرو! هي مختصر آيتون تبليغ جي فضيلت ۾ لکيو ويون آهن. ڇو ته هي مختصر رسالو آهي. جيڪڏهن ٻيون به آيتون ڪٺي ڪيون وڃن ته ڪتاب تمام وڏو ٿي ويندو ۽ اڄڪلھ اسان مسلمانن کي ديني ڪتاب پڙهڻ جو وقت نه ٿو ملي جو پڙهي سگھون ڇو ته اسان کي دنيا جا ڪاروبار گھڻا آهن. ان سا گڏ هوٽلن جو ڪچهريون، سئنيمائن، ٽي وي، ڪيبل جون محفلون، ڪتن ۽ ڪڪڙن جي ميل وغيره ۾ به ضرور شامل ٿيڻو آهي. انهن مان وقت بچي نه ٿو سگھي، اگر ٿورو وقت بچي به ٿو ته ناول ۽ قصا به پڙهڻا آهن. ان ڪري هي ننڍڙو رسالو لکيو ٿو وڃي. اميد ٿي ڪجي ته مسلمانن کي ڪجھ نه ڪجھ وقت ملي وڃي ۽ رسالو پڙهي ڏسن ته خدائي حڪمن کان واقف ٿي وڃن ته هي به اسان جي مٿان رکيل خدائي بار آهي. ته پاڻ به خدائي دين تي عمل ڪريون ۽ ٻين کي تبليغ ڪريون. هاڻي حضور ﷺ جون حديثون لکيون وڃن ٿيون غور سان پڙهو.
1. عن ابي سعيد الخدري رضي اللھ عنہ قال سمعت رسول اللھ ﷺ يقول من راي منکم فليغرة بيده فان لم يستطع فلبسنا فان لم يستطع فبقلبہ وذالک اضعف الايمان.
ترجمو: ابو سعيد الخدري رضي الله عنہ کان روايت آهي، ته چيائين ته ٻڌم رسول اللهﷺ کان فرمايائون ٿي ته ”جنهن ڏٺو توهان مان ڪنهن برائيءَ کي ته مٽائي ان کي هٿن سان، پوءِ جيڪڏهن هٿن جي طاقت نه اٿس ته زبان سان، اها به طاقت نه اٿس ته دل سان ان کي برو ڄاڻي ۽ اهو ضعيف ايمان آهي.“
هن حديث مان ظاهر آهي، ته پهنجي طاقت آهر هر هڪ مسلمان کي لازم آهي، ته بري ڪم کي بند ڪري. اڄڪلھ ابتڙ معاملو آهي، بجاء بند ڪرڻ جي برائيءَ کي وڌايو وڃي ٿو.
2. عن النعمان بن بشير رضي اللھ عنھ قال مثل القائم في حدود الله والواقع فيھاکمثل قوم استھموا علی سفينة فصار بعضھم اعلاها وبعضھم اسفلھا فکان الذي في اسفلھا اذا استقوا من الماء مروا علی من فوقھم فقالوا لوانا خرقنا في نصيبا خرقا ولم نؤذ من فوقنا فان ترکوهم ومن ارادوا هلکوا جميعا وان اخذصا علی ايديھم نجوا و نجوا جميعا.
ترجمو: حضرت نعمان بن بشير کان روايت آهي، ته فرمايو حضور ڪريم ﷺ ”ان ماڻهوءَ جو مثال جيڪو الله تعالى جي مقرر حدن يعني حڪمن تي قائم آهي ۽ حدن ۾ ڪري پوندڙ يعني حڪم پورا نه ڪندڙ ٻنهي جو مثال ان قوم جي مثل آهي جو هڪ جهاز ۾ ويٺا هجن ڪي انهن مان مٿين حصي ۾، ڪي هيٺين حصي ۾ پوءِ جڏهن هيٺين کي پاڻيءَ جي ضرورت پوي ٿي ته اهي جهاز جي مٿين حصي ۾ اچي پاڻي وٺن ٿا. پوءِ هو هن خيال کان ته اسين هر هر جو مٿي وڃڻ جي تڪليف ڪريون ڇو نه پنهنجي هيٺين حصي کي سوراخ ڪري پاڻي اتان حاصل ڪريون مٿين کي به پاڻيءَ لاءِ تڪليف نه ڏيون.
ان صورت ۾ جيڪڏهن مٿيان انهن بيوقوفن جي هن رٿ کي نه روڪيندا ۽ چوندا ته پاڻ ڄاڻن اسان جو ساڻن ڪهڙو واسطو؟ ته ان صورت ۾ اهو جهاز غرق ٿي ويندو ۽ هيٺين سان گڏ مٿيان به ٻڏي ويندا ۽ جيڪڏهن هيٺين کي روڪيندا ته ٻئي بچي ويندا.“
فائدا. پيارا مسلمانؤ! هن حديث تي غور ڪريو ته سردار دو عالمﷺ ڪهڙي نه سهڻي مثال سان سمجھائين ٿا ته توهان سڀ مسلمان گو يا ڪه هڪ جهاز ۾ سوار آهيو، ڇو ته سڀني جو مقصد هڪ آهي. هر هڪ جي نگراني ڪريو. نگراني نه ڪندؤ ته بيوقوف ۽ احمق ماڻهو جڏهن ٻڏندا ته توهان کي به پاڻ سان گڏ ٻوڙيندا يعني اهي عذاب ۾ مبتلا ٿيندا ته اوهان به انهن سان گڏ عذاب ۾ مبتلا ٿيندؤ. سڪن سان گڏ ساوا به سڙندا آهن.
3. کلکم راع و کلکم مسؤل رعیة
ترجمو: سڀ ڪو ڌنار آهي ۽ ڌنار کان ڌڻ جي پڇا ڪئي ويندي. يعني ملڪ جو حاڪم رعيت بابت پڇيو ويندو. شهر جو وڏو شهر جي پڇا هيٺ ايندو. گھر جو وڏو گھر جي ڀاتين جي حساب ڪتاب ۾ گرفتار ٿيندو.
هڪ غلط فهميءَ جو ازالو:
بعضي اعتراض ڪندا آهن، ته الله تعالى فرمائي ٿو ته ولا تزر و ا ز رة و زر اخری يعني ڪو به ٻئي جو بار نه کڻندو. هتان غلط فهميءَ ۾ ايندا آهن، ته هڪ جو بار ٻئي تي نه رکيو ويندو، سڀ ڪو پنهنجي پڇا هيٺ ايندو، هڪ جي پڇا ٻئي کان ڪونه ڪئي ويندي.
عزيزؤ! هن آيت جو مطلب هي آهي، ته هڪ جي برن عملن جو بار ٻئي تي رکي ان کي عذاب ۾ گرفتار ڪري، ان برن عملن ڪندڙ کي ڇڏيو وڃي، ائين نه ٿيندو. يعني اهو بد عمل ڪندڙ پنهنجي سزا لوڙيندو. باقي تبليغ جدا فريضو آهي. ان جي ادا نه ڪرڻ سبب جداگانه ان جي پڇا ٿيندي. ڇو ته انسان بالخصوص مؤمن هڪ جسم جي بجا آهن.
بنی آدم اعضاء یک دیگر اند، کہ در آفرینش زیک جوہراند۔
چو عضو بدرد آورد د ر وزگار، دگرعضوہا را نماند قرار۔
يعني سڀ ڪو ماڻهو هڪ جسم جي بجا آهي، جڏهن جسم جي هڪ عضوي کي ڏک، تڪليف پهچندي آهي، ته ٻين عضون کي قرار نه هوندو آهي.
اگربینم کہ نابینا و چاہ است،
وگر خاموش بنشینم گناہ است۔
يعني جيڪڏهن ڏسجي ته اڳيان کوھ آهي ۽ ان ۾ ڪري پوندو پوءِ جيڪڏهن ماٺ ڪري ويهي رهي ۽ انڌي کي واٽ جو ڏس نه ڏئي ته او گنهگار آهي.
شريعت جي ڪمن کان پٺيرا ماڻهو بجاءِ انڌي جي آهن، ٻيا مسلمان جيڪي شريعت جي تعليم کان واقف آهن پوءِ جيتريقدر به انهن کي واقفيت آهي ۽ جيتريقدر به اهي عامل آهن. انهن تي حق آهي ته ٻين ڀائرن کي اهي احڪام پهچائڻ ۽ عمل ڪرڻ لاءِ سعيو ڪن پنهنجي طاقت ۽ حيثيت آهر انهن کي ڪوشش ڪرڻ لازمي آهي. اگر چپ ڪري ويهندا ۽ امر بالمعروف نه ڪندا ته هو گنهگار ٿيندا.
امام غزالي رحمة الله عليہ هڪ حديث آندي آهي، ته حضرت بيبي عائشہ رضي الله عنها روايت ڪري ٿي، ته حضور نبي ڪريمﷺ جن فرمايو، ته ”بني اسرائيل ۾ ارڙهن هزار ماڻهو عذاب الاهيءَ ۾ گرفتار ٿيا، جن جا ڪم نبين جي ڪمن جهڙا سٺا هئا. انهن ۾ هيءَ ڪوتاهي هئي جو ٻيا ماڻهو الله تعالى جي حڪمن جي بي فرماني ڪندا هئا ته انهن نيڪن، صالحن کي انهن جي مٿان ڪاوڙ ڪانه ايندي هئي ۽ انهن کي نه سمجھائيندا هئا، بس ڪري ويهي رهندا هئا. فقط پاڻ عبادت ۽ نيڪ ڪم ڪندا هئا. الله تعالى جي طرفان جڏهن بي فرمانن تي عذاب نازل ٿيو ته اهي نيڪ به ان عذاب ۾ ناس نابود ٿي ويا.“
مبلغين لاءِ خوشخبري
عزيزانِ ملت! هر هڪ مسلمان فرد کي گھرجي ته هو پاڻ کي مبلغ سمجهي، ڇو ته مٿين حديثن ۽ آيتن ۾ تاڪيد آيل آهي، ائين حڪم نه آهي، ته رڳو مولوي صاحب تبليغ ڪن يا پير بزرگ صاحب تبليغ ڪن، حڪم عام آهي. ان لاءِ جوابدار هر هڪ مسلمان آهي. باقي جنهن کي جيتريقدر علم ۽ فهم آهي يا حڪومت ۽ طاقت آهي، ان تي اوتريقدر وڌيڪ تاڪيد آهي. مثلاً عالمن، پيرن، بزرگن، حاڪمن ۽ وزيرن تي وڌيڪ فرض آهي. ڏسو ته دين بابت امر معروف ڪندڙن جو شان اجر ٻنهين جهانن جو سردار اڙين جو آڌار، مدني محبوب ﷺ ڇا ٿا فرمائين!
وعن عبدالرحمٰن العلاء الحصومی قال حدثنی من سمع النبیٖ یقول انھ سیکول فی اٰکر ھٰذا الامة قوم مثل اجر اوّلھم یامرون بالمعروف وینھون عن المنکر ویقاتلون اھل الفتن۔
ترجمو: حضور ڪريمﷺ جن فرمائين ٿا، ته ”جلد ئي هن امت جي پڇاڙيءَ ۾ هڪڙا اهڙا ماڻهو پيدا ٿيندا، جن کي پهرين امتن جي مثل اجر ۽ ثواب ملندو. اهي ماڻهو امر بالمعروف يعني نيڪيءَ جو حڪم ڪندڙ ۽ برائيءَ کان روڪيندڙ هوندا ۽ ٻين فتني باز ماڻهن سان لڙائي ڪندڙ هوندا. انهن کي پهرين امتن جو نهايت اعلى اجر ۽ ثواب ملندو.“
هن کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي مبارڪبادي ۽ خوشخبري هجي. الله تعالى جي محبوبﷺ جي فرمانن تي يقين رکي مجاهد مرد ٿي اٿو ۽ خلقِ خدا جي خدمت ڪريو.
الله خاطر بنان ڪنهن لالچ جي دين جي حڪمن جي تبليغ ڪرڻ نفس جي خلاف آهي، جنهن ڪري نفس سان جهاد ڪريو، مجاهدن وارو اجر حاصل ڪريو. حضور ڪريمﷺ جن فرمائين ٿا، المھاجر من ھجر السوء والمجاھدین من جاھد ھوا۔ يعني ”مهاجر اهو آهي، جيڪو برائي ڇڏي ۽ مجاهد اهو آهي، جيڪو پنهنجي نفس سان جهاد ڪري.“ جنهن ڪري پيارا عزيزؤ! مهاجر ۽ مجاهد ٿي ميدان ۾ اچو. هي حضراتِ انبياء ڪرام جو منصب آهي. جيڪو حضورﷺ جن جي امت تي رکيو ويو آهي. ڇو ته حضور ڪريم ﷺ جن کان بعد ڪوبه نبي نه اچڻو آهي، بلڪه سندن امت ۾ اهي مرد مجاهد، مبلغ هستيون، عالمِ دين رباني، اولياء الله، غوث، قطب، ابدال، عادل، عامل ۽ حاڪم پيدا ٿيندا ايندا، جي خلق جي رهبري ڪندا ۽ دين جي حقاني تبليغ ڪندا.
ان لاءِ تاريخ شاهد آهي، ته ڏسو حضراتِ صحابه ڪرام جو زمانو ڪيئن تبليغِ حق ڪيائون ۽ اسلام پکيڙيائون؛ عقل حيران آهي. ان کان بعد به هر زماني ۾ ڏسندا اچو، جيئن حضرت غوث اعظم محبوب سبحاني سيد عبدالقادر جيلاني رحمة الله عليہ ڪيئن گمراھ ماڻهن کي هدايت جي راھ تي آندو. حضرت امام رباني، مجدد الف ثاني، شيخ احمد فاروقي، سرهندي رحمة الله عليہ حضرت غوث بهاؤ الحق ملتاني رحمة الله عليہ ۽ خواجه معين الدين چشتي اجميري رحمة الله عليہ وغيره جي تاريخ ڏسوڪيئن گمراهن کي سڌي راھ تي آڻي، پنهنجي خدا داد طاقت سان هزارين اولياءالله بڻايائون، جن ٻين کي راھِ راست تي آندو. اهڙيءَ طرح اسان جي سنڌ ۾ به وڏا وڏا اولياء الله ٿي گذريا آهن، جن جي معرفت واري درياءَ سان هزارين ماڻهن کي سيراب ڪري خدا ڏانهن متوجهه ڪيو. جيئن حضرت پير سائين روضي ڌڻي رضي الله عنہ ۽ حضرت لعل شهباز قلندر رحمة الله عليہ، حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله عليہ، حضرت سچل سرمست رحمة الله عليہ، حضرت مخدوم سرور نوح رحمة الله عليہ هالا وارا، پير سرهندي، لواري شريف، پاٽ سريف، حضرت مخدوم ملڪاڻي رحمة الله عليہ ۽ ٻيا عالم، عارف هزارين ٿي گذريا آهن، جن خلق خدا جي رهبري ڪئي ۽ راھِ هدايت تي آندو. پوءِ اگرچه انهن سان دشمنيون ۽ مخالفتون به زبردست ٿيون، تاهم توڪلت علي الله ڪري، خلوصِ نيت سان همت ڪري خلق خدا جي خدمت ڪندا رهيا، ڪامياب ٿيا ۽ اڃا به قيامت تائين ٿيندا رهندا ۽ خدائي خلق کي راھِ راست تي آڻيندا رهندا.
هڪ غلط فهميءَ جو ازالو:
بعضي ماڻهو چوندا آهن، ته خدا وارا پنهنجي گھر ۾ ويهي الله کي ياد ڪندا آهن ۽ ان جي عبادت ۾ لڳا رهندا آهن. خدا وارن جو ماڻهن سان ڪهڙو واسطو؟ خدا وارا ڪنهن کي به ڪجھ به نه چوندا آهن. هو صابر هوندا آهن. عزيزؤ! اهي غلط خيال آهن. ڏسو ته خدا وارن بزرگن جو هادي ۽ مرشد مديني جو سردارﷺ چپ ڪري نه ويٺو. اگرچه ڪافرن تڪليفون ڏنيون، مائٽ، عزيز دشمن ٿي ويا، وطن ڇڏڻو پيو، لڙايون ڪرڻيون پيون، تڏهن به تبليغِ حق نه ڇڏيائون. پوءِ انهن جا غلام، اولياء ۽ علماء ڪيئن تبليغ ڇڏيندا؟ اهي پاڻ مطابعتِ محمدي جي درجي کي تبليغ سان ماڻيندا آهن. ڏسو امام ربّاني، مجدد الف ثاني رحمة الله عليہ پنهنجي خليفي حضرت سيد مير محمد نعمان کي برهان پور ۾ تبليغ لاءِ موڪلن ٿا، جتي ان ڏانهن ماڻهو متوجهه نه ٿيا ۽ موٽي آيو. وري به کيس موڪليائون پر موٽي آيو. حضرت امام صاحب کيس ٽيون دفعو وري موڪليو ته وڃ اتي وڃي تبليغ ڪر. حضرت سيد صاحب ٽيون دفعو اتي ويو ۽ تبليغ ڪيائين جتي کيس وڏي مقبوليت حاصل ٿي ۽ هزاران جي تعداد ۾ ماڻهو سندس حلقهء ارادت ۾ داخل ٿيا ۽ ڪيترائي فاسق، فاجر ماڻهو سڌري نيڪ، متقي ۽ پرهيزگار ٿيا.
عزيزؤ! ڏسو امام صاحب پنهنجي خليفي کي ڪنڊ ۾ نه ويهاريو بلڪه ٽيون دفعو به کيس برهان پور موڪليو. آخرڪار اتي ڪامياب ٿيو.
حضور نبي اڪرمﷺ جن فرمائين ٿا، عن ابي هريرة رضي الله عنه ان رسول الله ٖ قال ثلثة حق علی اللھ عونھم المکاتب الذی یریدالاداء والنکاح الذع یرید العفاف والمجاھد فی سبیل اللھ
ترجمو: حضرت ابو هريره رضي الله عنہ کان روايت آهي، ته رسول الله ﷺ فرمايو ته ”ٽن ماڻهن جي مدد ڪرڻ الله تي حق آهي، هڪ مڪاتب ٻانهو جنهنکي مالڪ چوي ته هيتري رقم آڻ ته پوءِ تون آزاد آهين. الله تعالى ان جي مدد ڪندو. ٽيون الله تعالى جي دين خاطر جهاد ڪندڙ ، ان جي به الله تعالى مدد ڪندو.“
پيارا مسلمان ڀائرو! ڏسو ته اڄ ڪهڙو دور اچي ويو آهي. ماڻهو دين کان دور ٿي رهيا آهن. اڪثر ماڻهو نماز ڪونه ٿا پڙهن. ڪنهن کي رڳو ڪلمهء توحيد به نه ٿو پڙهڻ اچي. ان جي معنى ۽ مطلب ته اصل ڪونه ٿو اچين. گھڻا ماڻهو پوري زڪوٰة ڪونه ٿا ڏين. روزا ڪونه ٿا رکن. پاڙيوران جا حق ادا ڪونه ٿا ڪن. ماءُ پيءُ جا حق ڀڃيو ويٺا آهن. انهن جي عزت ڪونه ٿا رکن، رشوت، وياج خوري عام ٿي رهي آهي. چوري، ڌاڙي، خون ريزيءَ جي حد ئي نه رهي آهي. مطلب ته
تن همه داغ داغ،
پنبه کجا کجا نهم.
اهڙو گناھ ڪونه رهيو آهي. جو مسلمان جي گھر نه ٿيو هجي. جيل مسلمانن سان ڀريا پيا آهن، غير مسلم سؤ مان هڪ به نه هوندو. هن کان وڌيڪ گمراهيءَ جو ٻيو ڪهڙو وقت ٿيندو.
هن وقت تبليغ احڪام الٰهي وڏو جهاد آهي. طاقت وارن يعني اميرن ۽ حاڪمن کي هٿن سان جهاد ڪرڻ گھرجي اورنگزيب عالمگير ۽ عمر بن عبدالعزيز جون تاريخون اسان جا حاڪم پڙهي ڏسن، انهن ڪيئن حڪومت هلائي؟ قانون هڪ آهي عمل ٻيو آهي. جن کي هٿن جي جهاد جي طاقت نه آهي، اهي زبان ۽ قلم جو جهاد ڪن. دور دراز ملڪن ۾ ڪلمهء حق پهچائين. اگر توهان ڪمزور آهيو، بي سرو سامان آهيو، ته الله تعالى توهان جو حامي ۽ مددگار آهي. ضرور توهان کي غيبي امداد پهچندي. الله تعالى جي محبوبﷺ جي حديث صحيح آهي، ته ”الله ان جو مددگار آهي.“ اسان کي کپي ته تنطيم سان تبليغ ڪريون.
آدابِ تبليغ:
1. تبليغ لاءِ نيت ۾ اخلاص هجي، نيت هجي ته الله تعالى راضي ٿئي ۽ پنهنجي اعمال ۽ اخلاق جو سڌارو ڪن، جيترا سهڻا اخلاق هوندا اوترو سامعين تي تبليغ جو سٺو اثر ٿيندو، شريعت خلاف ڪوبه عمل نه ڪري.
2. ڪنهن تي ذاتي حملو نه ڪري، ڪنهن کي برو ڀلو نه چئي بلڪه پنهنجي نفس کي برو چوي ۽ عاجزيءَ انڪساريءَ سان رهي. الله تعالى جي وڏائيءَ کي پنهنجي دل ۾ جاءِ ڏي.
0 comments:
Post a Comment