ڪتاب جو تعارف
عبديءَ جو رسالو
فقير علي غلام جوڻيجو نئوڪوٽ
اڌ لـــــــوئي انگ تي، اڌ ۾ سڀ عــــــــيال،
ڏينهان وڃن ڏٿ کي، راتيان چــارن مال،
ههـــڙا جي حال، سي سام پرتئي سومرا.
”عبدي“
تازو گذريل مارچ 2010ع ۾ خليفو عبدالحي ميموريل ڪاميٽيءَ پاران شاعري جو ڪتاب ”عبدي جو رسالو“ چپجي مارڪيٽ ۾ پهتو آهي. هي ڪتاب مولوي عبدالقادر ”عبدي“ جي شاعريءَ جو مجموعو پنجن ٻولين ۾ مولوي عبدالقادر ”عبدي“ جي هٿ اکر لکيل ”قلمي نسخو“ جنهن کي فقير لياقت علي جوڻيجو صاحب تحقيق ۽ ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ به فقير لياقت علي جوڻيجو ئي لکيو آهي.
هن ڪتاب ۾ مولوي عبدالقادر ”عبدي“ جي ”زندگيءَ جو احوال“ فقير لياقت علي جوڻيجو ڪتاب جي صفحي نمبر 26 کان صفحي نمبر 38 تائين تمام تحقيق ۽ تاريخي پس منظر ۾ لکي ٿو، ته ”مولوي عبدالقادر جو تعلق سنڌ جي قديم نسل ۽ هن ڌرتيءَ جي اصل وارثن ماڇي قبيلي سان آهي. ماڇي قبيلو سنڌ جي تاريخ ۾ تمام پراڻو قبيلو آهي. پنو عاقل کان ڏهاڪو ڪلوميٽر اولهه طرف درياءَ جي ڪچي ۾ ڳوٺ پنهواري ۽ الله ڏني ماڇيءَ جي گھر ۾ سنڌ جي هن معروف ۽ مشهور عالم مولوي عبدالقادر جنم ورتو. مولوي صاحب ظاهري تعليم جي تڪميل کان پوءِ روحاني اڃ اجھائڻ لاءِ درگاھ روضي ڌڻي رضي الله عنہ جي مسند نشين سيد محمد حزب الله شاھ رحمة الله عليہ کان ذڪر وٺي مريد ٿيو. تصوف جون منزلون مرشد جي مهر نظرذريعي طئي ڪري وڃي حال جي درجي تي پهتو ۽ روحاني رنگ ۾ رنگجي لال ٿي ويو.
مولوي عبدالقادر ”عبدي“ گمهه چؤنڪي جو مک هجڻ سان گڏ درگاھ شريف جي مسجد جو پيش امام پڻ هو. مولوي صاحب پير سائين محمد حزب الله شاھ رحمة الله عليہ ”تخت ڌڻي،“ پير سيد علي گوهر شاھ ثاني ”محفي ڌڻي“ رحمة الله عليہ ۽ پير سيد شاھ مردان شاھ اول ”ڪوٽ ڌڻي“ جن جي مسند نشيني جا ٽي دؤر ۽ ”حر تحريڪ“ جي اهم دؤر کي پڻ ڏٺائين. حضرت پيرسائين محمد حزب الله شاھ رحمة الله عليہ جي دؤر ۾ مولوي صاحب مرشد جي حڪم تي سندن مشوري سان چؤنڪين جي انتظامي نظام جي تڪميل ڪئي. سال جي ٻارنهن مهينن مطابق هر هڪ مهيني لاءِ الڳ الڳ چؤنڪي قائم ڪئي.“
هن ڪتاب ۾ صفحي نمبر 15 تي سنڌ جي برک اديب محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ مقدمو لکيو آهي. هن ڪتاب جي مواد جي ترتيب شاھ جي رسالي واري آهي. عريبه پبليڪيشنز ڪراچيءَ ۾ ڇپجندڙ هي ڪتاب ڪمپوزنگ ۽ ٽائيٽل جي حوالي سان پڻ ڏاڍو خوبصورت آهي. 425 صفحن تي مشتمل هي خوبصورت ڪتاب پڪي جلد سان اعلى ڪاغذ تي ڇپائي ٿيل آهي. هن ڪتاب جو هي پهرين ڇاپو 500 سؤ ڪتابن جي تعداد ۾ آيل آهي. هن ڪتاب ۾ بيتن کان علاوه مولود شريف، نظم، حمد (هزار)، نعت، مناجات، مقبت، مثنوي، خط، غزل ۽ ڏسڻي شامل آهن. آخري صفحن تي مشڪل لفظن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڏنل آهي. رسالي جي پٺئين پاسي ”عبدي“ جي قلمي نسخي تان ورتل بيت سنڌ جي تصوير نما عڪس ٺهيل آهي ۽ ”عبدي“ جا بيت ڏنل آهن. هي ڪتاب سٽاءَ موجب سنڌي ادب جي ڪافي ڪتابن ۾ نمايان حيثيت رکي ٿو.
ادبي حلقو، شاعر، اديب، محقق، مولوي، عالم ۽ هر باذوق ماڻهو هن ڪتاب جو مطالعو ڪري، ساھ سان سانڍيڻ جهڙيون ڳالهيون هن رسالي مان حاصل ڪري ۽ هن ڪتاب جي اصل خوبين کان واقف ٿئي. هن ڪتاب جي رونمائي تقريب 16 مئي 2010ع تي آچر جي ڏينهن سنڌ جي تاريخي شهر عمر ڪوٽ ۾ سورهيه بادشاھ ڪمپليڪس جي هڪ ڪشادي حال ۾ سورهيه بادشاھ ادبي فورم پاران ٿي جنهن جي مهورت سنڌ جي ڏاهي، اديب ۽ محقق پروفيسر قلندر شاھ لڪياري ڪئي.
0 comments:
Post a Comment